ديھ ڊکڻ(انگريزي: Deh Dakhan ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو سيال ۾ واقع آهي.

ڊکڻ (شھدادڪوٽ)
ديھ ڊکڻ
ديھ
Deh Dakhan
ڊکڻ (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
ڊکڻ (شھدادڪوٽ)
ڊکڻ (شھدادڪوٽ)
ڊکڻ (شھدادڪوٽ) is located in Pakistan
ڊکڻ (شھدادڪوٽ)
ڊکڻ (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°57′13″N 68°06′04″E / 27.95361°N 68.10111°E / 27.95361; 68.10111مڪانيت: 27°57′13″N 68°06′04″E / 27.95361°N 68.10111°E / 27.95361; 68.10111
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,284

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1931 واري پراڻي نقشي مطابق ھن ۾ ڳوٺ گرگيج، ڳوٺ شاھ بيگ ڊکڻ، ڳوٺ ڪريمداد جلباڻي، ڳوٺ نظر خان بڙدي، ڳوٺ غوثپور ۽ جوين جو ڳوٺ واقع ھيا. لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ ھيو. ھاڻي پراڻن ڳوٺن مان ڳوٺ گرگيج، جوين جو ڳوٺ غوثپور ۽ ڳوٺ ڪريمداد جلباڻي غيرمعروف ٿي ويا آھن ۽ ڳوٺ بيگ محمد ڀٽي، ڳوٺ نظر محمد جلباڻي نوان قائم ٿيل آھن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ سيال ۽ ديھ گوپانگ ، اوڀر ۾ ڳڙهي خيرو تعلقو، ڏکڻ ۾ ديھ ڀٽي ۽ ديھ جتوئي ۽ اولھ ۾ ديھ جھرڙ واقع آهن. ھن ديھ مان شھداڪوٽ کان جيڪب آباد ويندڙ روڊ ۽ ريلوي لائين گذرندڙ آھي. ھي ديھ مڪمل سروي ٿيل آهي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,284 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 227 ھيو[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]