پروميٿيس انسانن لاءِ باھ کڻي ايندي


ديوتا، قدرت ۽ تقدير جي زنجيرن ۾ ٻڌل پروميٿيس (انسان) شعور، ڄاڻ، ادراڪ، علمن ۽ تيڪنالاجي تي عبور حاصل ڪندو ويو ۽ پوءِ هن قدرت جي قانونن کي ڄاڻي ورتو، جنهن سان ڪائنات جا مظهرَ ٺهن ٿا. تنهنڪري شيلي، پرومٿيس تي هڪ سهڻو ڊرامائي نظم (Prometheus Unbound) لکي ٿو.

انساني هيرو، پروميٿيس Prometheus (/prəˈmθəs/; سانچو:Lang-gr, سانچو:IPA-el[1] آسماني ديوتا طرفان کيس ٻڌل زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. پهريئن ايڪٽ ۾ ٻڌايو وڃي ته پروميٿيس پنهنجي ڪيل گناهه تي ايذاءُ سهي رهيو آهي، ڇو جو هو انسانيت کي آزاديءَ تحفو ڏئي چڪو آهي.

ٻئي ايڪٽ جي شروعات آسيا (حوا) سان ٿئي ٿو. هتي هڪ پراسرار ڪردار 'ڊيموگارگن' (Demogorgon) آڏو اچي ٿو، ديوتا (خدا) جو تخت اونڌو ڪري وجهي ٿو. نقادن ان کي قدرت يا فطرت ۾ ٿيڻ واري پراسيس سان ڀيٽيو آهي. ان کي وقت، تاريخ، عمل به چئي سگهون ٿا. ڊيموگارگن کي پاڻ به خبر ڪونهي ته کيس ڪير ڪنٽرو ڪري ٿو. آسيا، هن کان پڇي ٿي ته، هي خير ۽ شر ڇو پيدا ٿيا، ان جي وراڻي ۾ هو چوي ٿو ته، صداقت جي گهرائي ۾ وڃي ڏسجي ته ڪا به صورت قائم ۽ دائم نٿي رهي. پر هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته هاڻي انسان جي اڀرڻ جو وقت اچي ويو آهي.

ٽئين ايڪٽ ۾ ديوتا (خدا) پنهنجي حمد ۽ثنا ڪري رهيو آهي. مان قادر مطلق آهيان، هر شئي منهنجي آڏو سجدي ۾ آهي، سواءِ انساني روح جي، جيڪا آسمان طرف شڪ ۽ ڏاڍائي سان ڏسي رهي آهي. هي دل سان عبادت نه ڪرڻ وارو اهڙي بغاوت پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هن دنيا تي منهنجي پراڻي حڪمراني غير محفوظ ٿي چڪي آهي. ديوتا جا اُڊڪا ائين ئي نه هئا. ڊيموگارگن کيس بيدخل ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ انساني سماج ۽ فطرت جي وري اڏاوت ٿئي ٿي ۽ انسانن جي وچم هڪ نئون ڀائيچارو جنم وٺي ٿو. ڇوٿين ايڪٽ ۾ سڀ روح سَرهائي سان گيت خوشيءَ جا ڳائين ٿا. انسان جي سونهن تي حمد ڳايا وڃن ٿا. انسان ديوتائي رعب، پوڄا پاٽ، بادشاهه کان آجپو ماڻڻ کان پوءِ پنهنجي طبقاتي، قبائلي، ۽ قوميتي هٿ ڪَڙولن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ ان وٽتهذيب، عدل ۽ انصاف ۽ عقل اچي وڃي ٿو. [2] پروميٿيئس يوناني ڏندڪٿائن موجب، دنيا جو پهريون باغي آهي، جنهن يونان جي سڀ کان سگهاري ديوتا زيوس(Zeus) جي ڊڪٽيٽرشپ کان بغاوت ڪئي ۽ هيٺ زمين تي پيل انساني مخلوق کي سگهاري ٿيڻ ۽ غلاميءَ جي شرمناڪ زندگيءَ تي سوڀ ماڻڻ جا راز ٻڌايا هئا، جن مان هڪ باھ جو استعمال به هو. موٽ ۾ پروميٿيئس تي، زيوس جو ڏمر لاڳو ٿيو ۽ سندس حڪم هيٺ، پروميٿيئس کي يونان جي پهاڙ جي چوٽيءَ تي زنجيرن سان ٻڌي، مٿس هڪڙي ڳجهه جي ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي، جيڪا رات ٿيڻ تائين، سڄو ڏينهن پروميٿيئس جو ماس پٽيندي هئي. زيوس جو حڪم هو ته جيسي تائين پروميٿيئس معافي نٿو گهري، تيسي تائين کيس انهيءَ مسلسل عذاب ۾ مبتلا رکيو وڃي. ڏندڪٿا موجب پروميٿيئس ٽيهه هزار سال اها سزا ڀوڳي. پروميٿيئس جي ڪردار کي سڀ کان پهرين مشهور يوناني ناٽڪ نويس اِسڪائيلس (Aeschylus) ادب ۾ امرتا ڏني. سنڌي ادب ۾ ماڻڪ (1943-1982ع) جو ناولپاتال ۾ بغاوت“ پروميٿيئس جي علامتي ڪردار تي ٻڌل آهي.[3]

حوالا سنواريو

  1. Smith, "Prometheus".
  2. Prometheus - Wikipedia
  3. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي