آسمان
آسمان: آڪاش:آڪاس:اسڪاء:اڀ:sky:
ھر اھا شئي جيڪا زمين جي سطح جي مٿان نظر اچي ٿي اھا آسمان سڏبي آھي ان ۾ ڌرتيءَ جي مٿان واقع ماحول ۽ خلا پڻ شامل آهن .علم فلڪيات astronomy ۾ آسمان کي فلڪي دائرو celestial sphere سڏيو ويندو آهي. زمين تان اھو ھڪ تجريدي يا فرضي گنبذ abstract dome وانگر نظر ايندو آهي جنھن تي سج ، چنڊ ۽ تارا ھلندي نظر ايندا آهن.ان فلڪي دائري celestial sphere کي روايتي طور تي تارن جي جھرمٽن ۾ ورھائي مختلف سڃاڻپون ڏنيون ويون آھن.ڏينھن جو ھوا جي اندر ڪرڻن جي ريلي واري ڦھلاء (Rayleigh scattering) جي ڪري آسمان ھلڪو نيرو نظر ايندو آهي [1][2][3][4]
رات جو وري انداھو ھوندو آھي جنھن ۾ تارا چمڪندي نظر ايندا آهن. رات جي وقت ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڏينھن جي وقت بہ ان ۾ چنڊ ۽ ٻيا سيارا نظر ايندا آهن
تفصيلي تعارف
سنواريوسج جي روشني ڏسڻ ۾ اڇي لڳندي آهي پر اصل ۾ ان اندر سڀ انڊلٺ جا رنگ موجود ھوندا آھن جڏھن روشني ڪرسٽل بلور يا پرزم مان گذرندي آهي ته ان جا رنگ ورھائجي ويندا آهن. روشني عام طرح سڌي لڪير وانگر سفر ڪندي آھي ايستائين جو ڪا رڪاوٽ درپيش اچي .پاڻي ۾ روشني جي توانائي لھرن جي صورت ۾ گذرندي آهي ۽ ھر رنگ جي روشني جي لھر ساڳي ناھي ھوندي . سڀ کان گھڻو لھري فرق نيري ۽ ڳاڙهي رنگ جي روشني ۾ ھوندو آھي . ڳاڙھي رنگ جون لھرون سڀ کان ڊگھيون ھجڻ ڪري ان جا لھري وڪڙ ھلڪا ھوندا آھن ۽ نيري رنگ جون لھرون سڀ کان ننڍيون ھجڻ جي ڪري ان جا لھري وڪڙ وڏا ھوندا آھن.روشني آئيني سان ٽڪرجندي موٽ کائيندي آهي، بلور ۾ مڙي ويندي آهي پر جڏهن گئسن جي ماليڪيولن سان ٽڪرجندي آھي تہ ڦھلجي ويندي آهي.فضا زمين تي موجود گئسن جو تھ آهي جيڪو ماحول جوڙي ٿو. جڏھن سج جي روشني خلا مان گذري زمين جي فضا ۾ داخل ٿيندي آھي تہ ھر قسم جي گئسن جي ماليڪيولن سان ٽڪرجندي ھر طرف ڦھلجي ويندي آهي. گئسن جي ماليڪيولن سان ٽڪرڻ جي ڪري اھا پنھنجي انڊلٺي رنگن جي صورت ۾ مختلف نمونن جي لھرن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ سڀ کان ننڍيون لھرون نيري رنگ جي روشني جي ڪرڻن جون ھونديون آھن يعني ھر وڪڙ جي ڊيگھ ننڍي يا سوڙھو ھجڻ ڪري اونچ نيچ زياده ھوندي آھي تنھنڪري نيري رنگ جا روشنيءَ جا ڪرڻا فضا ۾ ٻين : ڳاڙھن، ساون ،نارنگي، پيلن ڪرڻن جي ڀيٽ ۾ زيادہ ڦھلجندا آھن ڇوته اھي ننڍين لھرن جي ڪري آھستي ھلندا آھن جنھن ڪري ڏينھن جو آسمان يا زميني فضا جو روشني وارو حصو نيرو نظر ايندو آھي.[6]آسمان جو رنگ افق وٽ بلڪل ھلڪو نيرو يا وري سفيد ٿي ويندو آهي. سج جي روشني اسان کي بلڪل مٿان ايندي ۽ آسمان جي ھيٺين پاسن کان يا افق جي ويجھو وارن پاسن کان بہ ايندي آهي انھن مان مٿان واري پاسن وارين جي ڀيٽ ۾ گھٽ ھوا مان گذري پھچندي آھي پر پاسن ۾ افق ويجھو ھوا زيادہ ھجڻ ڪري بلو ڪرڻا ھوا ۾ بار بار مختلف رخن ۾ ڦھلجندا آھن ۽ آھي زمين جي سطح تي به ٻين رنگن جي ڪرڻن سان گڏ ٽڪرجڻ واري حالت ۾ به ھوندا آھن ان ڪري افق وٽ فضا اڇي يا تمام ھلڪي بلو رنگ ۾ نظر ايندي آهي.[6]جڏھن سج افق طرف ھيٺ لھي ايندو آهي تہ سج جي روشني اسان تائين پھچندي فضا جي نسبتن گھڻي حصي مان گذري چڪي ھوندي آھي جنھن حصي ۾ روشني جا نيرا ڪرڻا پھرين کان وڌيڪ ڦھلجي چڪا ھوندا آھن جنھن ڪري روشني جي ڳاڙھن ۽ نارنگي ڪرڻن کي اسان تائين پھچڻ جو دڳ ملي ويندو آھي ان ڪري ان وقت آسمان ڳاڙھو يا نارنگي نظر ايندو آھي[6]
زمين جي مٿان ظاھري گنبذ، جيڪو فلڪي نظام ۽ ھوا جي گولي جي حادثن جو پس منظر آھي. آسمان جي نيري رنگ سبب ھوا جي گولي ۾ مٽيءَ ۽ ٻاڦ جي ننڍن ننڍن ذرڙن مان روشنيءَ جي لھرن جو گذر ٿئي ٿو. ڪرڻن جون وڏيون لھرون (ڳاڙھيون ۽ پيليون) انھن ذرڙن مان سولائيءَ سان لنگھي وڃن ٿيون، پر ننڍڙيون لھرون منتشر ٿي پکڙجي وڃن ٿيون. اھوئي ڪارڻ آھي جو آسمان ان وقت گھڻو نيرو نظر ايندو آھي، جڏھن ھوا ۾ مٽيءَ جا ذرڙا گھٽ ۽ تمام سنھڙا ھوندا آھن. آڳاٽي زماني ۾ ماڻھو ائين ڀائيندا ھئا ته آسمان دنيا جي ڇت آھي ۽ تارا آسمان ۾ جڙيل بتيون آھن. ته وري ڪن ماڻھن جو خيال ھو ته آسمان جي ٻئي پاسي جنت آھي. انھن ماڻھن جو اھو به خيال ھو ته تارا اصل آسمان ۾ ٺھيل سوراخ آھن، جن مان جنت جي روشني نظر اچي ٿي. جڏهن سج ۾ هائيڊروجن جا ائٽم هيئليم ٺاهڻ لاء وگهرندا آهن ته ان وقت فوٽان ۽ نيوٽران جا گاما ڪرڻا ٺهي سج جي چوڦير سفر ڪندا آهن جيڪي فوٽان روشني جا ذرڙا هوندا آهن. اها روشني ستن رنگن مان ٺھيل هوندي آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو ڳري ۾ ڳرو رنگ آهي ۽ نيرو هلڪي ۾ هلڪو رنگ آهي جڏهن روشني جون لهرون زميني وايومنڊل تائين پهچن ٿيون ته اتي ان کي ڏاڍن ننڍن ذرڙن جيڪي روشني جي واولينٿ کان ننڍا آهن سان ڇٽاڀيٽي ٿئي ٿو. اسان جي زمين جو وايو منڊل ننڍڙن گئس جي ذرڙن جو ٺهيل آهي، اهي ذرڙا گهڻو ڪري نائٽروجين ۽ آڪسيجن جا آهن. جيئن ته اهي ذرڙا روشني جي واولينٿ جي ڀيٽ ۾ ڌاڍا ننڍا آهن انڪري روشني سان ٽڪرائڻ وقت پوري نموني روشني کي روڪي نه ٿا سگهن، ڳاڙهو رنگ ان مان گذري زمين تائين پهچي ٿو، جڏهن ته نيرو رنگ جيڪو انهن جي ڀيٽ ۾ هلڪو آهي گذري نه ٿو سگهي موٽي هيڏي هوڏي وايومنڊل ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ اڀ اسان کي نيرو نظر اچي ٿو. اهڙا ذرڙا جيڪي روشني جي واولينٿ کان ننڍا هجن ۽ روشني سان ٽڪرائجي ان کي ڇڙوڃڙ ڪن ته ان ڏڦيڙ کي Rayleigh scattering چئبو آهي. پر اهي روشني ته ڪڪرن سان به ٽڪرائي ٿي اهي ڇو اڇا نظر اچن ٿا؟ ان جو جواب هي آهي ته ڪڪرن جي ڦڙن جو قطر 20 مائڪروميٽر يا ان کان وڌيڪ هوندو آهي. اهڙا ذرڙا جيڪي وڏي سائيز وارا هجن ته انهن سان روشني جڏهن ٽڪرائيندي آهي ته اهي اڇي روشني اهي هر پاسي پکيڙي ڇڏيندا آهن، جنهن جي ڪري ڪڪر اسان کي آسماني نه پر اڇا نظر ايندا آهن. اهڙن ذرڙن ۽ روشني جي ٽڪراء ۽ نيتيجي ۾ روشني جي ان ڦوٽ کي Mie scattering چئبو آهي. [7] جنهن به شيءِ کي روشنيءَ جا ڪرڻا لڳي موٽي اچي اسان جي اک تائين پهچندا، ان کي ڏسي سگهنداسون. پراهين پنڌ واري شيءِ جيترو اسان کان پري هوندي، اوترو ننڍي نظر ايندي. جيڪڏهن روشنيءَ ڪرڻا رنڊائي موٽائڻ، اولڙو ڪرڻ واري شيءِ وچ تي نه هوندي ته نظرون پولار ۾ پيهي ڪٿي نه ڪٿي کٽي وينديون، اسان کي ڪجهه به نظر نه ايندو ۽ اهو هنڌ اونداهو يا ڪارو نظر ايندو . جيڪڏهن اونداهي ڏاڍي ڊگهي ڪمري ۾ وچ تي اڌ-ڍڪيو بلب رکيو هجي، ان جو روشن پاسو اوهان طرف هجي ته ان جي اونداهي پاسي اوهان کي ڪارهه کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ايندو، پر جيڪڏهن بلب اڌ-ڍڪيو نه هجي ته پوءِ اوهان کي هلڪو ڌنڌ پيو محسوس ٿيندو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو بلب جي تيز روشني اک جي ماڻڪيءَ کي سسائي ڇڏي ٿي ۽ جڏهن ماڻڪي سسيل هجي ۽ روشني گهٽ ته صاف نظر نه ايندو. وشال، اڻکٽ ڪائنات ۾ سج اسان جي ويجهو ۽ ڏاڍو روشن آهي، ان ڪري اسان جي نظر جتي کٽي ٿي اتي آسمان نظر اچي ٿو ۽ اسان ان کي اڀ يا آسمان سمجهون ٿا. آسمان جي هيءَ سڄي حقيقت اسان سائنس جي نعمتن جي ڪري ڄاڻون ٿا. آڳاٽو قديم انسان ڪا اڄ جهڙي سائنسي ڄاڻ نه رکندو هو، ان ڪري هو ان کي دونهاٽيل، جهڙالي ۽ ٺوس ڇت سمجهي ويٺو ۽ اهڙيءَ طرح اڀ بابت لوڪ ڪٿائون ۽ ڏند ڪٿا انساني تاريخ جو حصو بڻجي ويون. اڄوڪي سائنس ڏسڻ جا اهڙا ته اوزار ٺاهي ورتا آهن جو لکين نوري سالن جي پنڌ تي نگاهه وجهي سگهجي ٿي. [8] [9]
مذھبي تصور
سنواريوعيسائيت ۽ يھوديت وارو تصور
سنواريوحضرت عيسيٰ مسيح واري دؤر ۾ انسانن جو اھو پختو خيال ھو ته آسمان ۾ جنڊ جي پڙن وانگر ست پڙ آھن، جن ۾ تارا جڙيل آھن. سج ۽ چنڊ پڻ آسمانن ۾ جڙيل آھن. انھيءَ ڪري ئي ستن آسمانن وارو تصور انسان جي ذھن ۽ علم ادب ۾ موجود آھي. ماڻھن سمجھيو ته جيڪڏھن آسمان ست آھن ته لازمي طرح زمينون به ست ھونديون، اھڙيءَ طرح ستن آسمانن ۽ ستن زمينن جي تصور وجود ورتو.[10]
ڌرمي مذھبن وارو تصور
سنواريوآڳاٽن لوڪن پنهنجي مٿان هيڏو سارو آسمان ڏٺو، جو قدرت جو هڪ عجيب ڪارخانو آهي: ان ۾ ڏينهن جو سج ۽ رات جو چنڊ تارا چمڪن ٿا، جي حيرت جهڙي جهڳ سڳ لائين ٿا. ان جو نالو رکيائون ”آڪاش“، جنهن جي معنيٰ آهي آسمان يا اُڀ، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”جو چوڌاري چمڪي ٿو.“ * انهيءَ چمڪندڙ يا ٻهڪندڙ آسمان جي ديوتا کي سڏيائون. ”ديوُس پتر“ يعني ”ابو آڪاش.“ (Sthe Sky Father) ”ديوتا“ لفظ جي معنيٰ ئي آهي چمڪندڙ يا جوت وارو (Shining being)، ۽ ڌاتو اٿس ”دوِ“ معنيٰ چمڪندڙ يا روشنائي ڪرڻ. پوءِ ”ديوتا“ لفظ کي وڌيڪ ڪشادي معنيٰ ملي، جنهنڪري پرٿوي (زمين)، پون (هوا) وغيره به ديوتائون سڏجڻ ۾ آيا.[11]رگ ويد ۾ آڪاس ۽ پرٿويءَ کي ديوتائن جو به ابو امان ڪوٺيو اٿن. هن ڳالهه ۾ وري هڪ ٻيو خيال سمايل آهي، جو کولي ٻڌائجي ٿو. ڌرتيءَ کان وٺي آڪاس تائين، ۽ آڪاس کان مٿي جيڪي به آهي، تنهن جي ڪا به حد ڪانهي. انهيءَ سموريءَ وٿيءَ کي به ديويءَ جو روپ ڪري ڄاتائون، ۽ ان جو نالو رکيائون ”آدتي“ (Aditi) جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”نه ٻڌل يا حد نه ٿيل يعني آزاد يا ڇوٽ (وٿي) يا ”اننتتا“ يعني جنهن جي انت يا حد ڪانهي (لاحد (Infinity“. ”اَدتيءَ“ جي ٻي معنيٰ آهي ”جا وڍجڻ يا ناس ٿيڻ جي نه آهي“. تنهنڪري پروفيسر راٿ (Professor Roth) جي خيال موجب اها هميشگيءَ (Eternity) جو روپ آهي: آسمان جا ديوتائون (سج وغيره) انهيءَ هميشگيءَ جو اولاد آهن، ۽ سدائين بيٺا آهن، تنهنڪري اهي ”آدتيه“ يعني اَدتيءَ جا پٽ سڏيا ويا آهن. اَتدتيءَ کي ديو ماتا يعني ديوتائن جي ماءُ ڪوٺيو اٿن. اوائل ۾ رڳو ست اَدتيه ليکبا هئا، جن مان مکيه ورڻ ديوتا هو، جنهن جو ذڪر ڌار ڪبو. ديوتائون سدائين آمر آهن يعني مرڻ جا نه آهن، پر رگ ويد جي منڊل ڏهين (72، 8-9) ۾ ڄاڻايل آهي تهاَدتيءَ پنهنجو هڪپٽ مارتنڊ (سورج؛ امر ديوتائن جي دفعي مان ڪڍي ڇڏيو، جنهنڪري ڄمڻ ۽ مرڻ جو قاعدو هن سال لاڳو ٿيو. هيءَ رنگين زباني آهي. سج ڏهاڙي صبح جو ڄمي ٿو، ۽ رات جو مري وڃي ٿو، ٻئي ڏينهن صبح جو وري جنم وٺي ٿو، تنهنڪري آمر نه چئبو. ويدن کان پوءِ براهمڻ واري زماني ۾ اَدتين جو تعداد وڌي ٻارهن ٿيو، اهي ورهيه جي ٻارهن مهينن جي سورج جا سروپ آهن. سنڌيءَ ۾ آدتيه جو آچار آهي ”آڏت“ ۽ معنيٰ اٿس ”سج“. ادتيه وار (آڏتوار يا آرتوار) معنيٰ اٿس سورج ديوتا جو ڏينهن (Sunday) . ”آدتيءَ“ جو ضد آهي ”دتي“ معنيٰ حد ٿيل ان ۾ پاتال لوڪ ليکيو اٿن. دتيءَ جي اولاد کي ”دئتيه“ يعني دتيءَ جا پٽ ڪوٺيو اٿن. دئتيه جو اُچار سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي ”دئت“ ۽ معنيٰ اٿس ڀوت يا راڪاس. ادتيءَ ۽ دتيءَ کي پوءِ مجسم (Personify) ڪري، انهن بابت ڪي ڪٿائون ٺاهيون اٿن، جن اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڄاڻايل آهن.[12] آسمان ۾ جيڪي آدتيه آهن، تن جي مٿان ورڻ ديوتا آهي. ”ورڻ، لفظ جو ڌاتو بنياد آهي ”ور“ (Vri) معنيٰ مٿان وري وڃڻ يا ڍڪڻ. ڌرتيءَ کي مدٿان آسمان ڍڪي بيٺو آهي، تنهنڪري آسمان ”ورڻ“ آهي. آسمان ۽ سمنڊ اُفق وٽ هڪ ٻئي سان گڏيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ سڀ نديون سمنڊن ۾ وڃي پون ٿيون، تنهنڪري ”ورڻ“ سمنڊ توڙي ندين جو به ديوتا آهي، ۽ اهو پاڻيءَ کي مٿان ڍڪيو بيٺو آهي. انهيءَ ريت زمين توڙي آسمان سڀ ورڻ ديوتا جي حڪومت جي حد اندر اچي وڃن ٿا. رگ ويد ۾ ورڻ ديوتا بابت هيئن کيل آهي:”هو آڪاس توڙي ڌرتيءَ جو جهلو آهي، ۽ سڀني لوڪن (دنيائن) ۾ حاڪم ٿي رهي ٿو (منڊل اٺون، 42، 1). سون جهڙي سج کي آسمان ۾ هو هلائي ۽ چمڪائي ٿو (منڊل ڇهون، 70، 1۽ ستون، 86، 1، 87، 6). هوا جا گهوگهٽ پيئي ڪري، سا هن جو سواس (ساهه) آهي (منڊل ستون، 87، 82). ندين جا پيٽ هن ٺاهيا آهن، ۽ سڀ نديون سندس حڪم پٽاندر وهن ٿيون ”منڊل پهريون، 24، 8، منڊل ٻيو، 28، 4 ۽ منڊل ستون، 87، 1). اهڙي عجيب اٽڪل رکي اٿس، جو سڀ نديون سمنڊ ۾ وڃي پون ٿيون، پر هن کي ڪڏهن به ڀري نٿيون سگهن (منڊل پنجون، 85، 6). هن جا ڪم مقرر ٿيل آهن، ۽ اهي آمر ڪو اورانگهي نٿو سگهي (منڊل ٽيون، 54، 18). سندس حڪم پٽاندر چنڊ پنهنجي چانڊوڻ ڪري ٿو، ڏينهن جو تارا غيبي طرح گم ٿي وڃن ٿا (منڊل پهريون، 24، 10). آڪاس ۾ پکي جيڪي واٽون وٺي اُڏامن ٿا، سمنڊ تي جهاز جن واٽن کان وڃن ٿا، ۽ هوا پرانهن پنڌن تي ڪهڙي واٽ وٺي لڳي ٿي، سي سڀ سڌيون کيس آهن. جيڪي ڳجها ڪم ٿين پيا، يا ٿيڻا آهن، سي سڀ هو ڏسي ٿو (منڊل پهريون، 25، 7). ڪوبه پراڻي يا ساهه وارو هن کانسواءِ اک به نٿو ڇنڀي سگهي، ۽ ماڻهن جي سچ توڙي ڪوڙ جو هو ساکي آهي (منڊل ستون، 28، 6) مطلب ته ورڻ ديوتا ساري جهان جي مٿان آهي، ۽ هر جا حاضر ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻڻهار آهي، ۽ قدرت جي سمورين ڳالهين جي مٿان سندس ضابطو آهي. اها خدائي طاقت جهان جو چرخو ريت سان هلائي ٿي، ۽ هرڪا ڳالهه سندس ڏوريءَ ۾ ٻڌل آهي، تنهنڪري سج، چنڊ وغيره به بلڪل باقاعدي ڪم ڪن ٿا، انهيءَ ”ريت“ (Cosmic order) کي ”ورڻ ديوتا“ سڏيو اٿن، ۽ چيو اٿن ته اخلاقي ڳالهين ۾ به ريت هلڻ گهرجي نه ته خطا کائبي“. اِندر ديوتا ۽ ورتر دئت: رگ ويد واري زماني ۾ ئي ڪنهن وقت ورڻ ديوتا جي اختياري گهٽجي ويئي، ۽ ان لاءِ سبب اڄ تائين قدرت ۾ ظاهر آهن. گرميءَ جو موسم ۾ جڏهن گُهٽ ۽ رجهڻ ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهو ٺريءَ ٿڌيءَ هوا لاءِ واجهائين ٿا، ويتر جڏهن ڏسن ٿا ته آسمان ۾ ڪارا ڪڪر مڙيو اچن، پر مينهن جو ڦڙو به ڪونه ٿو وسي، تڏهن سڀاويڪ، طرح جَڪَ پيا کائين. سج، چنڊ، تارا وغيره جي آسمان ۾ آهن، سي سدائين سڀني جو ڀلو ڪن ٿا، تنهنڪري آڳاٽن آرين رنگين زبانيءَ ۾ ڄاڻايو ته آڪاس جا ديوتائون سڀني جي سڄيءَ ۾ آهن، ۽ ڪنهن جا به مٺگهرا ڪونه ٿا ٿين، پر آڪاس ۾ ڪي دئت به آهن، جن جي بد اثر ڪري مهامريون پون ٿيون، خوفناڪ طوفان لڳن ٿا، ۽ ٻوڏون ٿين ٿيون. اهي دئت برسات کي وسڻ کان به روڪين ٿا، جنهنڪري ٻنيون سڪن ٿيون، مال لاءِ پورو چارو پيدا ڪونه ٿو ٿئي، ۽ آڙنگ (گُهٽ) سبب ماڻهو ماندا ٿين ٿا. انهن دئتن جو سردار ”ورتر“ (ڍڪيندڙ) سڏيو ويو آهي، جنهن بابت چيو اٿن ته هو گهڻا ئي روپ ڌاري ٿهو. ان جو هڪ روپ ڪارا ڪڪر آهن، جي سورج ديوتا، چندرما ديوتا (چنڊ) ۽ گرهن ۽ تارن کي ڍڪين ٿا، ڄڻ ته اهڙي ڪنهن بندي خاني ۾ کين بند ڪن ٿا، جو ڪي ڏينهن ساندهه اهي ڏسڻ ۾ به ڪونه ٿا اچن، جنهنڪري هاي ديوتائن جا دشمن ڪوٺيا ويا آهن. اهي سڀني ساهوارن جا به جاني دشمن آهن، جو اهي برسات کي وسڻ کان روڪين ٿا، جنهنڪري ماڻهو توڙي مرون بلڪ پکي پکڻ ۽ ٻيا ساهوارا سارنگ کي سنڀاريندي، ماندا ٿين ٿا[13]رگ ويد ۾ ورتردئت جو ٻيو نالو ”آهي“ يعني ”نانگ“ به ڄاڻايل آهي. انهيءَ مان عالمن اهو انومان ڪڍيو آهي ته اهو اشارو وڄ ڏي آهي، جنهن جا ور وڪڙ نانگ وانگر آهن. وڄ کِنوين تنهن کانپوءِ به مينهن نه وسي، ته اها ڪوڙي وڄ چئبي ۽ اها به ورتردئت جو هڪ روپ ليکبي. اهڙن وقتن تي آڳاٽن لوڪن شايد ائين ڀانيو ته ورڻ ديوتا کي ايتري طاقت ڪانهي، جو ورتر دئت سان پڄي سگهي. انهيءَ سبب ورتر ۽ سندس دئتن سان جڌ ڪرڻ ۽ کين ماري مڃائڻ لاءِ ڪنهن وڌيڪ جبري ديوتا جي ضرورت سمجهيائون. ڀانئي ٿو ته ڪنهن وقت آسمان ۾ گجگوڙ ٿي وڄ کِنوڻ لڳي، ۽ مينهن ٽهه ٽهه ٽمڻ لڳو ته سمجهيائون ته هيءُ وڏو ديوتا آهي ۽ ورتر کان وڌيڪ جبرو آهي، جو پنهنجيءَ وجر (Thunder-bolt) سان دئتن جا آسمان ۾ اَڏيل قلعا (ڪارن ڪڪرن جا ڪوٽ) ٽوڙي ٿو ته مٺا مٺا مينهن وسن ٿا، جنهنڪري پٽَ پاهه جهلين ٿا، گسن مٿي گاهه ٿين ٿا، ته نه رڳو ماڻهو پر چرند پرند ۽ جيت جنتر به خوش ٿين ٿا. مينهن وسي رهي ٿو ۽ آسمان ۾ صاف صفائي ٿئي ٿي ته سج، چنڊ تارا نڪري ظاهر ٿين ٿا، ڄڻ ته قيد کان کين رهائي ملي ٿي. اهو ٻلوان ديوتا، جو ورتر توڙي سندس دئتن کي ماري مڃائي ٿو، تنهن جو نالو اول رکيائون ”ترته“ (Trita) يعني چوماسي جي ٽئين مهيني ۾ برسات وسائيندر، پوءِ ”پرجنيه“ يعني ڪڪر (وسندڙ ڪڪر) ۽ پوءِ ”اندر“ جنهن جي معنيٰ آهي ”طاقت وارو“ اِندر معنيٰ طاقت وارو ٿيڻ). ورتر توڙي سندس دئت به ڪي سٿريون ڌريون ڪينهن. هڪواريءَ اهي اندر ديوتا جي هٿان قتل ٿيو وڃن، ته وري وري جنم وٺي، حرڪت بازي ڪري، برسات کي اچيو روڪين. ائين اندر ديوتا سان هو جڳا جڳ جنگ جوٽيندا اچن ٿا، پر اندر ديوتا ڀيري ڀيري سان کين ماري پورو ڪري ٿو.[14]
قرآن ۽ حديث وارو تصور
سنواريوقرآن ۾ سورة البقرہ جي آيت نمبر 29 ۾ بيان ٿيل آهي تہ:
ترجمو:اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي (شيون) زمين ۾ آھن سي مڙيئي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانھن متوجہ ٿيو پوءِ انھن کي ست آسمان ڪري برابر بھاريائين، ۽ اُھو (الله) سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھن
ھن آيت جي تفسير ۾ مولانا ابوالاعلي مودودي تفھيم القرآن ۾ لکيو آهي تہ ستن آسمانن جي حقيقت ڇاهي ان جو تعين مشڪل آهي.انسان ھر دؤر ۾ آسمان لاءِ مختلف تصور پنھنجي مشاھدن ۽ قياس جي بنياد تي قائم ڪيا آھن جيڪي بدلجندا رھن ٿا تنھن ڪري انھن کي بنياد بڻائي قرآن ۾ ڏنل لفظ آسمان جو تعين ڪرڻ صحيح نہ ٿيندو. وڌيڪ لکي ٿو تہ زمين کان مٿي جيڪا ڪائنات آهي ان کي الله محڪم طبقن ۾ تقسيم ڪري رکيو آهي يا زمين ڪائنات جي جنھن حصي ۾ واقع آهي اھو حلقو ستن طبقن تي مشتمل آهي.[15]
پارسي مذھب وارو تصور
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ John Tyndall (December 1868). "On the Blue Colour of the Sky, the Polarization of Skylight, and on the Polarization of Light by Cloudy Matter Generally". Proceedings of the Royal Society 17: 223–233. doi:. http://rspl.royalsocietypublishing.org/content/17/223.full.pdf.
- ↑ Lord Rayleigh (June 1871). "On the scattering of light by small particles". Philosophical Magazine 41, 275: 447–451.
- ↑ J.G. Watson (June 2002). "Visibility: Science and Regulation". J. Air & Waste Manage. Assoc 52: 628–713. doi:. https://scholar.google.com/scholar?hl=en&lr=&q=cache:aulPiqN6uTUJ:www.awma.org/journal/pdfs/2002/6/Crit_Review.pdf+. Retrieved 19 April 2007.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ Gibbs, Philip. "Why is the sky Blue?". Usenet Physics FAQ. حاصل ڪيل 11 December 2012.
- ↑ Blue & red | Causes of Color
- ↑ 6.0 6.1 6.2 {cite web|url=https://spaceplace.nasa.gov/blue-sky/en/}
- ↑ سائنس جي دنيا؛ آسمان نيرو ڇو آهي؟ ليکڪ:ن ظام الدين اوليويا
- ↑ شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-12
- ↑ ڪتاب:شعور، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
- ↑ آسمان : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}سانچو:Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}
- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}سانچو:Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}
- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}سانچو:Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}
- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}سانچو:Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}
- ↑ { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 61 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}