عبادت
عبادت عاجزي ۽ تعظيم جي آخري حد جو نالو آهي۔
لفظي معنيٰ
سنواريوعبادت عربي ٻولي جي لفط ’’غبد‘‘ مان ورتل آهي ۽ هن جي معنيٰ آخري درجي جي عاجزي ۽ انڪساري آهي۔
امام راغب اصفهاني بيان ڪري ٿو :
العبادةُ أَبْلَغُ مِنْهَا لِأَنَّهَا غَايَةُ التَّذُلَّلِ. (راغب اصفهانی، المفردات : 319) <meta />
ترجمو: عبادت عاجزي ۽ فروتني جي انتها جو نالو آهي ۔
اصطلاحي معنيٰ
سنواريوشريعتِ اسلامي جي اصطلاح ۾ ’’عبادت، صرف اهڙي عمل جو نالو آهي جيڪو ڪنهن جي نسبت معبود هجڻ جو اعتقاد رکندي ان جي لاءِ تعظيم، عاجزي ۽ فروتني جي خاطر صادر ٿي۔‘‘
نتيجو
سنواريوحد درجي جي تعظيم جو اظهار صرف انهيء حستي جي لاءِ روا آهي جيڪو معبود برحق يعني اللّٰه آهي۔