سيد سجاد علي شاهه پاڪستان جي تاريخ ۾ چيف جسٽس جي عهدي تي پهچندڙ پهريون سنڌي، هڪ قانون دان جي گهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سنڌ مدرسته الاسلام، ڪراچي مان حاصل ڪئي. کيس ڊاڪٽر ٿين جو شوق هو پر قائد اعظم کان متاثر ٿي قانون جي تعليم ورتائين.

سال 1993ع ۾ نواز شريف جي حڪومت واري بحالي واري فيصلي ۾ هن اختلاف ڪندي اهڙي فيصلي کي تڪراري بڻائي ڇڏيو. سال1997ع ۾ نواز شريف سرڪار پاران شروع ڪيل عدالتي حڪمن ۽ اصولن جي انحرافي تي هڪ بيباڪ ۽ بي خوف جج جي حيثيت سان هن انتظاميا کي للڪاريو. ان عدليه ۽ انتظاميه جي ٽڪراء سبب هڪ حڪم هيٺ 2 ڊسمبر 1997ع تي عهدي تان هٽايو ويو.

شاهه صاحب هن وقت پنهنجي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي پنهنجي عدالتي زندگيءَ تي هڪ مفصل ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهي.