جڏهن ڪير قائم مقام مقرر ٿي ته ان جا ٽي مطلب ٿي سگھن ٿا.

  • اڃان تائين عهدو تخليق نه ڪيو ويو آهي.
  • صرف عارضي وقت لاءِ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.
  • ماڻهو وقتاختيار (انگريزي: Mandate) موجود ناهي.

قائم مقام ان لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي ته جيئن ملڪي استحڪام ۽ حڪومتي توڙي سرڪاري معاملا، ملڪ جي اصل حڪمران جي اڻ هوند ۾ به ڪنهن رڪاوٽ بجاءِ جاري رکي سگھجن. آگسٽ 1991ع ۾ جڏهن سويت يونين ۾ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نائب صدر (تختو اونڌو ڪرڻ وارو اڳواڻ) گناڊي ينايوو پاڻ کي قائم مقام صدر چيو. جڏهن ٽي ڏينهن کان پوءِ فوج کي ناڪامي ٿي ته ميخائل گورباچوف ٻيهر صدارتي ڪرسي تي ويٺو.

قائم مقام آفيسر اڪثر نگران جو ڪم ڪندو آهي. ان جي فيصلن تي اڪثر تنقيد به ٿيندي آهي، ڇو ته اهو ماڻهن جي ووٽ ذريعي ڪامياب نه ٿيو آهي. مثال طورآمريڪي دفاع جو سيڪريٽري آفيس ۾ وفات ڪري وڃي، ته آمريڪي دفاع جو نائب سيڪريٽري ان جي جاءِ سنڀاليندو، پر قائم مقام طور. ان وقت تائين اهو قائم مقام ئي رهندو جيسيتائين آمريڪا جو صدر ۽ آمريڪا جو سينٽ کيس سرڪاري طور ان عهدي تي مقرر نه ڪري. 

قائم مقام جو مطلب هر دفعي اهو ناهي هوندو ته ڪو اڳواڻ آفيس ۾ موجود ئي ناهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪو اڳواڻ يا آفيسر ٻي آفيسر جي جاءِ تي محدود وقت لاءِ قائم مقام مقرر ٿيندو آهي، جيئن 2006ع ۾ اسرائيلي وزير اعظم آرئيل شيرون بيمار ٿي پيو ته نائب وزير اعظم ايحود اولمرٽ قائم مقام وزير اعظم مقرر ٿيو، جڏهن ته قوم جو اڳواڻ ۽ اصل وزيراعظم ايرئل شيرون ئي هو، ڇو ته هن جي نه وفات ٿي نه هن استيعفا ڏني.

وڌيڪ ڏسو سنواريو