انسان جي تاريخ (ڊاڪٽر حبيب الله صديقي)

سنڌ جي نامياري عالم، اديب ۽ -تعليم- دان ڊاڪٽر حبيب -الله- صديقيءَ ’-انسان- جي -تاريخ-‘ عنوان سان 1038 صفحن تي مشتمل ضخيم ڪتاب ”حبيب صديقي اڪيڊمي“ ڄام شوري پاران ڇپائي 2002ع ۾ پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو موضوع جيترو جاذب ۽ دل پذير آهي، اوترو ئي وسيع ۽ گهڻ طرفو آهي. فاضل ليکڪن جي لفظن ۾ ”مون پنهنجي مختصر مطالعي ۾ مختلف سائنسي، نظرياتي، فلسفيانا اصولن، مذهبي عقيدن، تاريخي ۽ ادبي روايتن کي شامل ڪري -انسان- جي -تاريخ- جو هڪ خاڪو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- هن ڪتاب جي تعارف ۾ لکيو آهي ته: ”هن مشڪل موضوع تي قلم کڻڻ جيتري قدر لائق مصنف جي همت حوصلي جي ساک ڀري ٿو، اوترو ئي سندس قلبي وسعت جي تصديق ڪري ٿو....“ علم الانسان، -انسان- جي -تاريخ-، -تخليق-، ترقيءَ ۽ -تاريخ- جي ڄاڻ هڪ وڏو ۽ وسيع علم آهي، جنهن کي جديد فڪري اصطلاح ۾ ’-ائنٿراپالاجي-’ سڏجي ٿو. هن ڏکئي ۽ گوناگون موضوع تي ڊاڪٽر صديقيءَ قلم کڻي نه رڳو سنڌي زبان جي خدمت ڪئي آهي پر سنڌ جي نوجوانن لاءِ علم الانسان جي مطالعي جي راهه به کولي آهي. صديقي صاحب وڏي ڪوشش ۽ ذهانت سان ڪيترن ئي مشڪل علمي ۽ ادبي اصطلاحن کي انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ آندو آهي. هن 11 بابن تي مشتمل ذخيم ڪتاب جا موضوع گوناگون ۽ دلچسپ آهن، هر عنوان جو مضمون معلومات جي کاڻ آهي، جنهن ۾ ڪائنات جي -تخليق-، -انسان- جي -اوسر-، سماجن جي بناوت ۽ ڀڃ ڊاهه، انساني لڏپلاڻ، نسلي ڇنڊڇاڻ، مذهبي عقيدن، دنيا جي قديم ۽ وڏن مذهبن جي -تاريخ-، دنيا جي عظيم تهذيبن جي -اوسر- ۽ -تاريخ- جي سفر ۾ قومن جي ڪمال ۽ زوال جو هڪ معلوماتي ۽ دلچسپ داستان موجود آهي. لائق مصنف -انگريزي- سنڌي ۽ -اردو- ۾ هن موضوع تي لکيل سوين ڪتابن جو مطالعو ڪري مستند ڪتابن -تان- حوالا وٺي هڪ خاص سائنٽيفڪ طريقي سان هي ڪتاب -تخليق- ڪيو آهي. هن ڪتاب جي هر باب ۾ رڳو ذيلي عنوانن جو اندازو لڳائجي ٿو ته تڏهن به انهن جو تعداد ڏسي حيرت وٺي ٿي ته هن شخص اهڙن ڳنڀير موضوعن جي ايڏي معلومات ڪيڏي نه وڏي عرصي ۾ حاصل ڪئي هوندي. ليکڪ هن مطالعي ۾ مذهبي معلومات کي سائنسي طريقن سان حاصل ڪيل معلومات سان -ڀيٽيو- آهي. جنهن کي هو هڪ انڪوائري رپورٽ سڏيندي پڙهندڙن ۽ عالمن تي ڇڏي ٿو، ته اهي انهن کي قبول ڪن، رد يا -ان- ۾ رد وبدل ڪن، ليکڪ اهو به ڄاڻايو آهي ته هن پنهنجي تحقيقي مطالعي ۾ سنڌي -ٻولي- استعمال ڪئي آهي، جيتوڻيڪ انگريزيءَ ۾ لکڻ آسان هو، جو فني محاورن ۽ تاريخي مواد کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻو نه پوي ها، فاضل ليکڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ جا ٻه خاص مقصد ڄاڻايا آهن. 1. سنڌي ادب ۾ جديد سائنسي معلومات، کوجنائن، دنيا جي مختلف قومن، مذهبن تهذيبن ۽ -انسان- جي دنيا جي مجموعي نوعيت ۽ -تاريخ- جاگرافيءَ بابت مستند معلومات کي ڪٺو ڪجي، ۽ 2. اهي پڙهن جيڪي -انگريزي- زبان تي پوري دسترس نه ٿا رکن. هن ٻن جلدن جي ذخيم ڪتاب جي آخر ۾ صديقي صاحب پهرين حصي تي ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پروفيسر لال بخش -جسڪاڻي- جا تبصرا به شامل ڪري ڪتاب کي جامع بڻايو آهي. هن ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن جي قيمت 600 روپيه ڄاڻايل آهي.[1]

حوالا سنواريو