ٺيڙهي
ٺيڙھي (Therhi) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ هڪ ٽائون ۽ يونين ڪائونسل آهي. شهر نيشنل هاءِ وي ذريعي سکر جي رُخ ۾ خيرپور شهر کان 7 ڪلوميٽر پري آهي.
ٺيڙھي (حبيب آباد) | |
---|---|
ملڪ | پاڪستان |
پُرڳڻو يا صوبو | سنڌ |
ضلعو | خيرپور |
ٺيڙھي پاڪستان ۾ کجي جي اُپت (پيداوار) لاءِ مشهور مرڪز آهي. کجي جي فصلن جي کڻڻ يا ھارويسٽنگ جي وقت ۾، مئي ۽ آگسٽ جي وچ ۾، فصل جي لاباري ۾ سھائتا ڪرڻ جي لاءِ هزارين ماڻهو سموري ملڪ مان خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان کان ٺيڙھي ايندا آھن.
هنڌ
سنواريوٺيڙھي : خيرپور شهر کان 7 ڪلوميٽر پري نيشنل هاءِ وي ذريعي سکر جي رُخ ۾ آباد آھي.
ڊيموگرافڪ
سنواريوآبادي 45،000 جي لڳ ڀڳ آھي آبادي جي سراسري سالياني اوسر جي شرح 2.71٪ سيڪڙو آھي.
هيٺيان ڊيموگرافڪ اشارا (اِنڊيڪيٽرز) آهن:
ڌرم (مذھب):
ٻوليون:
- سنڌي : 99.99٪ سيڪڙو
- ٻيون: 0.01 ٪ سيڪڙو
سرڪار (گورنمينٽ)
سنواريوٺيڙھي ھڪ يونين ڪاؤنسل آھي.
تعليم
سنواريوٻه قسم جا تعليمي نظام ڳوٺ ۾ موجود آهن ، يعني:
1. مدرسي تعليم جو نمونو: اتي ٽي اهم مدرسا آهن جيڪي ڳوٺ اندر اسلامي تعليم ڏئي رهيا آهن.
2. عصري يا جديد تعليم: ڳوٺ ۾ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول آهن.
- گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول ، ٺيڙھي
- گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ، ٺيڙھي
- ميهراڻ پبلڪ اسڪول ، ٺيڙھي
- الفلاح تعليمي اڪيڊمي
- پروگينٽر، جيڪو ڪين پيڪ ايجوڪيشن سسٽم جو ڀاڱو آهي
- ال صوفا پبلڪ اسڪول ٺيڙھي (رجسٽرڊ).
دي ايجوڪيٽرز اسڪول خيرپور ٺيڙھي ڪيمپس
زراعت
سنواريوٺيڙھي پنھنجي وڏي انگ (تعداد) ۾ کجين جي پوک لاءِ مشھور آھي. جيتوڻيڪ، زمين جي مٽي ڪيترن ئي نقد يا ڏوڪڙن وارن ٻين فصلن جھڙوڪ ڪپهه ۽ ڪڻڪ لاءِ موزون آهي. خشڪ، گرم آبهوا، ميوي کي تمام گھڻو مِٺو، سرسبز ۽ رَسُ وارو بڻائي ٿي. اها آبھوا اونهاري ۾ سخت گرم ۽ سج جي تپش واري ھوندي آهي ۽ سياري جي مُند ۾ سرد ھوندي آھي. نمي يا ھيومڊيٽي گهٽ آهي.
رانديون
سنواريو- قاضي شوٽنگ بال ڪلب (1954 کان وٺي)
- ميمڻ والي بال ڪلب (1994 کان)
- قاضي ڪرڪيٽ ڪلب (2000 کان)
قبيلا يا ذاتيون
سنواريوميمڻ ، شيخ ، لانگاھ ، هندو ، ڪلهوڙا، دانور Danwar ، سومرو ، ڦلپوٽو، جماڻي، ڪٽپر، چنا ، لُٻاڻو، جلباڻي، اوڏ، ڀيل، ماڙيچو، مري ، اُڄڻ وغيرھ ذاتين جا ماڻھو ھتي آباد آھن
وڳوڙ
سنواريوتفصيلي مضمون لاءِ پڙھو ٺيڙھي ڪوس
جون 6، 1963 تي، مذھبي شدتپسندي ۽ مدرسن جي گھڻائي ڪري ٺيڙھي ۾ شيعا فرقو جي ماڻھن جو ھڪ وڏو انساني ڪوس ڪيو ويو، جنھن ۾ 118 شيعا ماڻھن کي قتل ڪيو ويو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ "Unsupervised madrassas have destroyed Sindh's pluralism". The Nation. حاصل ڪيل 2020-05-11.