مري (قبيلو)
مري قبيلو(انگريزي: Mari Tribe) ھڪ قبيلي ۽ ذات جو نالو آهي. ان ذات جا ماڻھو بلوچستان ۽ سنڌ ۾ رھن ٿا. مغلن جي دور ۾ سمن جي ارغونن کان شڪست کائڻ کان پوءِ مرين ڪاهان ۾ رياست قائم ڪئي[1][2]. سنڌ جي مرين مان حاجي زئي مري ٽالپرن کي سڱ ڏيڻ ڪري سري ۽ لاڙ سنڌ ۾ وڏن رتبن کي پهتا هئا. سندن پيشو سپهه گري هو. حاجي زئن جو مورث اعليٰ حاجي خان مير رند جي چوڏهين پيرهي مان هو. کيس ٻه ديرا هئا:
- ٻڊاڻي،
- لوهاراڻي
ٻوليون |
---|
مذھبَ |
هرهڪ ديري مان کيس چار پٽ هئا[2].
تاريخ
سنواريوحاجي زئي خان مري جي بڊاڻي ۽ لوهاراڻي سردارين کي ٽالپرن تسليم ڪيو[2]. سنڌ ۾ اثر وارا هئا، ڇاڪاڻ جو ٽالپرن منجھان شاديون ڪيون هيون. محبت خان مري مير سهراب خان جو صلاحڪار هو[2]. سندس پٽ مير رستم خان جو صلاحڪار هو. سندس نياڻي سان مير رستم خان جي ٽئين پٽ مير علي مردان خان شادي ڪئي هئي. نوشهري ۽ ڪنڊياري ۾ کيس جاگيرون مليون[2]. رستم خان جي فراري کان پوءِ مير علي مراد جو طرفدار ٿيو. حاجي خان جي وڏي پٽ مستي خان ٽنڊو مستي خان ٻڌرايو. ٽنڊوآدم به سندن يادگار آهي. مستي خان جو پٽ ڪمال خان کي ٽنڊي باگي ۽ هالن ۾ جاگير هئي[2]. دٻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. خير محمد خان جو پٽ دائود خان جنهن کي مير فتح علي خان سند ۾ جاگير لکي ڏني هئي، سو دٻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. گوهر خان مري مياڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. مري ٽالپرن جا ناناڻا هئا، ان ڪري کين شهدادپور، ڪنڊيارو، ٽنڊوآدم، ٽنڊو باگو، هالا، گوني، سيوهڻ، بدين ۾ جاگيرون هيون[2]. اهي رئيس سڏجن ٿا. لوهاراڻين مان نندو خان مير نور محمد خان وٽ 12 سو مرين جي دستي مٿان سپهه سالار هو. حيدرآباد ضلعي ۾ وٽس جاگير هئي[2]. سنه 1858ع ۾ سندس عمر سؤ سال کي پهتي. پٽن سميت ٽنڊوآدم ۽ بلاول ڪوٽ ۾ رهندو هو. سنه 1861ع ۾ هن وفات ڪئي. مرين جي شاهداڻي قبيلي جي سردار شاهه بيگ کي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان وٽان پروانا مليل هئا. شهدادپور، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص ۾ سندس جاگيرون هيون[2]. سندس ننڍي ڀاءُ غلام حيدر خان سنه 1862ع ۾ وفات ڪئي. سردار مصري خان کي مير غلام علي خان ڪاردار مقرر ڪيو. وٽس دادوءَ ۾ جاگير هئي. باعزت سردار هو. سنه 1867ع ۾ وفات ڪري ويو[2].