ٺيڙھي ، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ هڪ ٽائون ۽ يونين ڪائونسل آهي .

ٺيڙھي (حبيب آباد)
ملڪ  پاڪستان
پُرڳڻو يا صوبو سنڌ
ضلعو خيرپور

شهر نيشنل هاءِ وي ذريعي سکر جي رُخ ۾ خيرپور شهر کان 7 ڪلوميٽر پري آهي.

ٺيڙھي پاڪستان ۾ کجي جي اُپت (پيداوار) لاءِ مشهور مرڪز آهي. کجي جي فصلن جي فصل کڻڻ يا ھارويسٽنگ جي وقت ۾ ، مئي ۽ آگسٽ جي وچ ۾ فصل جي لاباري ۾ سھائتا ڪرڻ جي لاءِ هزارين ماڻهو سموري ملڪ مان خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان کان ٺيڙھي ايندا آھن.

هنڌ سنواريو

ٺيڙھي : خيرپور شهر کان 7 ڪلوميٽر پري نيشنل هاءِ وي ذريعي سکر جي رُخ ۾ آباد آھي.

ڊيموگرافڪ سنواريو

آبادي 45،000 جي لڳ ڀڳ آھي آبادي جي سراسري سالياني اوسر جي شرح 2.71٪ سيڪڙو آھي.

هيٺيان ڊيموگرافڪ اشارا (اِنڊيڪيٽرز) آهن:

ڌرم (مذھب):

ٻوليون:

  • سنڌي : 99.99٪ سيڪڙو
  • ٻيون: 0.01 ٪ سيڪڙو

سرڪار (گورنمينٽ) سنواريو

ٺيڙھي ھڪ يونين ڪاؤنسل آھي.

تعليم سنواريو

ٻه قسم جا تعليمي نظام ڳوٺ ۾ موجود آهن ، يعني:

1. مدرسي تعليم جو نمونو: اتي ٽي اهم مدرسا آهن جيڪي ڳوٺ اندر اسلامي تعليم ڏئي رهيا آهن.

2. عصري يا جديد تعليم: ڳوٺ ۾ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول آهن.

  • گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول ، ٺيڙھي
  • گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ، ٺيڙھي
  • ميهراڻ پبلڪ اسڪول ، ٺيڙھي
  • الفلاح تعليمي اڪيڊمي
  • پروگينٽر، جيڪو ڪين پيڪ ايجوڪيشن سسٽم جو ڀاڱو آهي
  • ال صوفا پبلڪ اسڪول ٺيڙھي (رجسٽرڊ).

دي ايجوڪيٽرز اسڪول خيرپور ٺيڙھي ڪيمپس

زراعت سنواريو

ٺيڙھي پنھنجي وڏي انگ (تعداد) ۾ کجين جي پوک لاءِ مشھور آھي. جيتوڻيڪ، زمين جي مٽي ڪيترن ئي نقد يا ڏوڪڙن وارن ٻين فصلن جھڙوڪ ڪپهه ۽ ڪڻڪ لاءِ موزون آهي. خشڪ، گرم آبهوا، ميوي کي تمام گھڻو مِٺو، سرسبز ۽ رَسُ وارو بڻائي ٿي. اها آبھوا اونهاري ۾ سخت گرم ۽ سج جي تپش واري ھوندي آهي ۽ سياري جي مُند ۾ سرد ھوندي آھي. نمي يا ھيومڊيٽي گهٽ آهي.

رانديون سنواريو

  • قاضي شوٽنگ بال ڪلب (1954 کان وٺي)
  • ميمڻ والي بال ڪلب (1994 کان)
  • قاضي ڪرڪيٽ ڪلب (2000 کان)

قبيلا يا ذاتيون سنواريو

ميمڻ ، شيخ ، لانگاھ ، هندو ، ڪلهوڙا، دانور Danwar ، سومرو ، ڦلپوٽو، جماڻي، ڪٽپر، چنا ، لُٻاڻو، جلباڻي، اوڏ، ڀيل، ماڙيچو، مري ، اُڄڻ وغيرھ ذاتين جا ماڻھو ھتي آباد آھن


وڳوڙ سنواريو

تفصيلي مضمون لاءِ پڙھو ٺيڙھي ڪوس

جون 6، 1963 تي، مذھبي شدتپسندي ۽ مدرسن جي گھڻائي ڪري ٺيڙھي ۾ شيعا فرقو جي ماڻھن جو ھڪ وڏو انساني ڪوس ڪيو ويو، جنھن ۾ 118 شيعا ماڻھن کي قتل ڪيو ويو.[1]


حوالا سنواريو

  1. "Unsupervised madrassas have destroyed Sindh's pluralism". The Nation. حاصل ڪيل 2020-05-11.