ٺل تعلقو
ٺل تعلقو (اُچار: ٺُل تالُڪو) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد جو هڪ تعلقو آهي.ھن تعلقي جي آدمشماري پھرين مارچ 1998 ۾ 341,985 ھئي ان کان پوءِ 15 مارچ 2017 جي قومي آدمشماريءَ ۾ آبادي وڌي 465,424 ٿي وئي آهي جنھن مان 372,005 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 93,419 شھر ۾ رھن ٿا. [1] آبادي جي ڪثافت 347.1 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر آھي. سامونڊي سطح کان 59 ميٽرن جي بلندي تي واقع آھي. تعلقي جي پکيڙ 1341 چورس ڪلوميٽر آهي. ٺل تعلقو ھڪ ميونسيپل ڪاميٽي ٺل،ٻہ ٽائون ڪاميٽيز 1.ميرپور ٻرڙو 2. سھردار سھراب خان سرڪي ۽ چوويهن يونين ڪائونسلز تي مشتمل آھي.
ٺل تعلقو Thul | |
---|---|
شھر | |
جيڪب آباد ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان ٺل تعلقو | |
سنڌ جي نقشي ۾ | |
جاگرافي بيهڪ: 28°14′14″N 68°46′19″E / 28.23722°N 68.77194°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | جيڪب آباد ضلعو |
يونين ڪاؤنسلون
سنواريو- جونگل
- توج
- يو سي شير واھ
- تاجو کوسو
- لوگي
- مصري پور
- ڪوٽ جنگُو
- ڳڙهي حسن
- يو سي ڪريم بخش
- ٻچڙو
- ميرپور ٻرڙو
- مبارڪپور
- رانجهاپور
- ڪٽا (پراڻو نالو: بلوچ آباد)
- دينپور
- يو سي بختيارپور
- يو سي سميجا
- جهانگي واھ
- يو سي ميرل
- بهادرپور
- غلامون
- ملوئي
- مددپور
- ٺل نئون