ڪوٽ گل محمد کوسو پير بخش خان رٽائرڊ فوجي هو، سندس پٽ گل بيگ به فوجي هو، ديهه ڪوٽ گل محمد ۾ کيس زمين تي جتي ڳوٺ ٻڌي ويٺو، هي طبع ۾ عجيب و غريب انسان هو، شڪارپور ڀرسان رهندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ هو، اتان جي پنهنجي خاص طبع سبب لڏي آيو هو، سندس اها طبع جي تيزي هن علائقي ۾ مشهور ٿي وئي هئي، ڪو ملندو هوس ته کيس چوندو آئون اصل ويٺل شڪارپور جو آهيان، تنهن ڪري آئون چوزي جي ٻوڙ ڪارن مرچن ۾ چڙهيل کاوان ٻيو ڪجهه نه واپرايان، گهوڙو منهنجو جوئر جي داڻي کانسواءِ ٻيو ڪو داڻو ڪو نه چري، هر ڪنهن کي اول اهو ٻڌائي تنهن کان پوءِ ٻيو هو حال احوا ل ڪندو هو، ڏاڏو مير حيات خان سندس ڀاڻيجو هو، کيس نار چاڙهڻ لاءِ لٺ جي ضرورت ٿي، جيڪو ڪنڊي جي وڻ جو ٿيندو آهي، هن پنهنجي خاص ماڻهو محمود سرڪي کي چيو ته گل بيگ خان کان وڃي وڻ وٺي اچ، محمود سرڪي کي ته گل بيگ خان جي خبر هئي مير صاحب کي چيائين ته اهو گل بيگ شوم ماڻهو ۽ بدمغز هي وڻ وڍڻ ڪو نه ڇڏيندو، پر تنهنجي حڪم سان وڃان ٿو، گل بيگ خان قاصد جي وڏي آڌرڀاءُ ڪئي پر وڻ وڍڻ ڪونه ڏنائينس چيائينس ته منهنجا وڻ ڪي ”دستگير “بادشاهه جي نالي ٿيل آهن ڪي پنج تن پاڪن جي نالي ته ڪي چئن يارن جي نالي ته ڪي گاجي شاهه جي حوالي، سو مير صاحب کي وڃي عرض ڪر ته مان لاچار آهيان جو سڀئي وڻ وقف ڪري ڇڏيل آهن، اهڙو هو گل بيگ خان اڄ سندس وڻ ته پنهنجي جاءِ پر سندس اولاد مان به ڪو هڪڙو اتي ويٺل ڪو نه آهي، جايون، زمين غير آباد آهن، ڪنهن زماني ۾ ديهه ڪوٽ گل محمد جون سڳداسي ساريون مشهور هيون، هن وقت ساڳئي سر زمين لاڪڙ واري جنگ جي حالت ۾ آهي، ڪنڊين جي وڻن کي به سم ۽ سيلاب سڪائي ڇڏيو آهي، گلبيگ خان جي پاڙي وارا کوسا عموماً پنهنجا جملي بدني وار ڪو نه ڪوڙائيندا هئا، سکن وانگر سندن تمام وار وڌيل رهندا هئا، انهيءَ خاندان جي پراڻي ماڻهن مان هڪ گروپ فوٽو منهنجي آرٽ هال ۾ لڳل آهي، جن جي تصوير ۾ به وارن وڏن هجڻ جي جهلڪ نظر اچي ٿي، گل بيگ خان پنهنجا فوجي لانگ بوٽ به حفاظت سان سنڀاريو ويٺو هو، سڄي عمر ان کي چمڪايون ۽ ڍڪيون رکيون آيو،اويل سويل ڪاڏي ويندو هو ته اول گهوڙي تي چڙهي پوءِ اهي بوٽ پائي ويندو هو ۽ وري گهوڙي لهڻ کان اول لانگ بوٽ لاهي پوءِ لهندو هو، فوجي وردي وارو ڪوٽ به منهن جي ٿوڻي سان ڪلو هڻي ٽنگي ڇڏيائين، اهي ٻئي نشانيون فخريه ماڻهن کي ڏيکاريندو هو، گل بيگ خان پنهنجي وارو وڄائي ويو، سندس پويون نسل هينئر ٺل شهر ۾مزدوري ڪندو آهي، ڪي نوجوان پڙهي به پيا، پر ڏاڙهي مڇان چٽ، ڀروان شاهه بچايون جهڙا ڏسبا آهن، انهيءَ خاندان جي مرحياتن تي خدا جون رحمتون هجن، مرندي مري ويا پر پنهنجي طبعي عادتن کي ڪڏهن به تبديل ڪو نه ڪيائون.[1]

  1. نئين ٺل جا پراڻا گل، از: نظام الدين کوسو؛ مھراڻ رسالو؛ 1992ع؛ جلد، 45؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.