رانجهاپور ميرپور کان ٿورو پنڌ تي روڊ تي ئي رانجها پور جو پراڻو ڳوٺ آهي هي ڳوٺ اصل ۾ هيوته مسلمانن جو پر پوءِ هندو زميندار سيٺ آوت راءِ جو سڏبو هو، هن ڳوٺ جو قبرستان به تمام قديمي آهي ۽ قبرن تي قبا به آهن. سيٺ آوت راءِ هندو تهذيب جو هڪ نمونو هو، هميشه ڌوتي سان ۽ مٿي تي بوسڪي پٽڪي ”واڻڪي نموني “ واري سالن هوندو هو، هي ڏاڍو نماڻو فضيلت وارو ۽ نرم لهجي ۾ ڳالهائيندڙ انسان هو، سرڪاري هر محفل ۾ موجود هوندو هو، پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ به هي پنهنجي حياتيءَ تائين رانجها پور جو خاصو زميندار ٿي رهيو،پنهنجي پٽ هوندراج کي اعليٰ تعليم ڏياريائين، پر کيس پاڪستان ۾ سول سرورس جي جاءِ ڪا نه ملي، سيٺ آوت راءِ جي وفات کانپوءِ هن کي ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو ٻنيءَمان اغوا ڪري ويا،وڏي تڪليف ۽ ڀنگ ڀرڻ کانپوءِ عرصي پڄاڻان موٽيو، موٽڻ سان ئي ٻنيون، گهر، جايون وڪڻي آمريڪا هليوويو، هينئر اتي ڪاروبار ڪري رهيو آهي، ساڳي ٻني سيٺين وٽ هئي ته انبار جا ان ٿيندا هئا ۽ هينئر مسلمانن جي ملڪيت ٿي ته پوک ڏيڻ کان نابري واريون بيٺي آهي، بخت بخت جي ڳالھ آهي.[1]

  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛ مھراڻ رسالو؛1992؛ جلد، 45؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو