مبارڪ پور به بيگاري واهه جي ڀرسان آهي، ڪنهن زماني ۾ شاهل مهر سڏبو هو، هي ڳوٺ مهرن ۽ ڀٽن جو آهي، انگريزي دور ۾بيگاري واهه کي هڪ دفعي مبارڪ پور سامهون وڏو گهارو پيوهو، ڀٽن جي راڄ وارن همت ڪري اهو گهارو جلدي بند ڪري ڏنو ته انگريز انجنيئر خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته هي ڳوٺ مبارڪ آهي، هن وقت به ڳوٺ ۾ مهرن جو هڪ اڌ گهر هوندو، باقي ڀٽن جا گهر گهڻا آهن، جيڪي گهڻو ڪري تعليم يافته آهن .ميرپور، رانجها پور، چنا ۽ مبارڪپور جا هندو گهڻو ڪري ماستر هوندا هيا، جن مسلمانن کي به پڙهائي تعليم وارو ڪيو سو تعلقه ٺل جي اترين علائقي ۾ سنڌي اسڪولن ماستر گهڻو ڪري انهن ڳوٺن جا هوندا هيا ۽ اڄ ڪلهه به هندن جي وڃڻ کانپوءِ پرائمري ماستر گهڻو ڪري انهيءَ طرف جا آهن.تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو علائقو خان والي قلات 1876ع ۾ لارڊلٽن وائسراءِ کي ڏنو هو، هن وقت تائين اڌورو سڌورو حڪم مڙيئي قلات جو رهيوهو، انگريزن هن علائقي تي باقاعده قبضي ڪرڻ بعد 1880ع ۾ سروي ڪرڻ جو ڪم ڪيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو