ڪوٽ جنگو کوسن جي بکراڻي پاڙي جي جنگواڻي شاخ جو جنگو خان کوسو پراڻي جنگو مان نئون جنگو ڳوٺ ٻڌايو، جتي هن هڪ عاليشان مسجد جوڙائي، جيڪا اڄ خسته حالت ۾ ڪلر کاڌل بيٺي آهي، جنگو خان وڏو زميندار هو، آسوده حال هو، حضرت ڀرچونڊي شريف وارن جي جماعت جو خادم هو، جماعت واسطي سندس ڳوٺ مرڪزي منزل جي حيثيت رکندو هو، نئين دور ۾ جنگواڻين جا ڪي جوان ولايت پڙهي آيا پر سرڪاري عهدن تي ڪو نه اچي سگهيا، هينئر آبادڪاري ۾ رڌل آهن، باقي جنگو خان جا پوٽا ۽ پڙپوٽا ڊاڪٽري ڌنڌو ڪن ٿا.[1]

حوالا سنواريو

  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو