يزيد بن عرار:
وليد، عمرو بن محمد قاسم کان پوءِ يزيد بن عرار کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. هو انيڪ صلاحيتن جو مالڪ هو، حڪومت جون واڳون سنڀاليندي ئي اندروني انتشار جو خاتمو آندائين ۽ اوسي پاسي جي سرڪش راجائن تي اهڙا حملا ڪيائين جو اسلامي حڪومت جو هر طرف دٻدٻو ويهجي ويو.
جمادي الثاني 126ھ (744ع) ۾ خليفو وليد مارجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي سندس ڀاءُ ابراهيم صرف نالي ماتر خليفو ٿيو ابراهيم جي خلافت کي ڪوئي به تسليم نه ڪندو هو، ان ڪري ٽن چئن مهينن اندر ئي ڀڄي ويو ۽ سندس ڀاءُ مروان الحمار بن محمد خلافت سنڀالي. مروان جيترو وقت رهيو باغين سان جهيڙيندو رهيو ۽ آخر ذوالحج 132ھ (759ع) ۾ باغين هٿان مارجي ويو. اهڙيءَ طرح اموي حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ بني عباس جا ڏينهن شروع ٿيا..[1]رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ ھن جو نالو زيد بن عرار ھيو.وڌيڪ لکي ٿو تہ:وليد بن يزيد، عمر جي رقيب زيد بن عرار کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. سندس ڏينهن ۾ رعايا ظلمن کان گهڻو تنگ ٿي. ان کان سواءِ شاهي خاندان جي فردن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو. نتيجو هي نڪتو جو 28 جمادي الثاني سنه 126ھ، وليد بن يزيد قتل ٿي ويو ۽ سندس سؤٽ يزيد بن وليد بن عبدالملڪ دمشق جي تخت تي ويٺو، جو يزيد الناقص جي لقب سان سڏجڻ لڳو، مگر سندس عمر وفا نه ڪئي ۽ 20 ذوالحج 126ھ ۾ وفات ڪري ويو. سندس گاديءَ تي ابراهيم بن وليد بن عبدالملڪ ويٺو. بني اميه حڪومت اندروني سازشن ڪري تيزيءَ سان تنزل ڏانهن قدم کڻڻ لڳي.[2]
سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست
سنواريو