بلال بن احوز تميمي

هلال بن احوز تميمي:

بلال بن احوز تميمي
سنڌ جو عربن جي دؤر جو گورنر
105ھ قائم مقام گورنر ڪجهه ڏينھن لاء
پيشرو عمر بن مسلم باھلي
جانشين جنيد بن عبدالرحمان المري
ريجنٽ بنو اميہ جو خليفو يزيد بن عبدالملڪ
پورو نالو
بلال بن احوز تميمي
مذھب اسلام


عمر بن عبدالعزيز جي وڇوڙي کانپوءِ يزيد بن عبدالملڪ خلافت سنڀالي. ان جي زماني ۾ يزيد بن مهلب جنهن کي حضرت عمر بن عبدالعزيز خيانت جي ڏوهه ۾ جيل ۾ واڙيو هو، اتان ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي مائٽن کي ساڻ ڪري اچي سنڌ پهتو. خليفي، بلال کي سندس پيڇو ڪرڻ لاءِ چيو جنهن قندابيل وٽ پهچي يزيد جي پٽن مفضل، عبدالملڪ، زياد، مروان ۽ معاويه کي پڪڙي ختم ڪري ڇڏيو. انهن ۾ معاويه بن يزيد اهو هو جنهن واسطه جي جيل ۾ محمد بن قاسم کي تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون هيون. 25 شعبان 105ھ (24 ـــ 723ع) تي يزيد بن عبدالملڪ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ايستائين بلال بن احوز تميم سنڌ جو گورنر رهيو.[1]

سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (مدد) }