تميم بن زيد عتبي

تميم بن زيد عتبي:(انگريزي: Tamim bin Zaid Utbi)هشام جنيد کان پوءِ تميم بن زيد عتبي کي سنڌ جي گورنر جي وزارت ڏئي موڪليو. بلاذري لکي ٿو تہ:جڏهن جنيد سنه 111 هجري ۾ سنڌ کي خالي ڪري خراسان هليو ويو تڏهن خالد قسري ان جي جاءِ تي تميم بن زيد عتبي کي سنڌ جو والي مقرر ڪري موڪليو[1]هي ئي اهو تميم آهي جنهن کي ”فرشته“ محمد بن قاسم جو جانشين ٻڌايو آهي.[1]يعقوبي لکي ٿو تہ فوجي سپاهين کي انعام اڪرام ڏيڻ سان جيترو هن خوش ڪيو اوترو ٻي ڪنهن کي ٿورو نصيب ٿيو هوندو. سنڌ جي خزاني مان هن هڪ ڪروڙ اسي لک درهم طاطري (هڪ هندستاني سڪو جو عربي ٻن درهمن ۽ هن زماني جي اٺن آنن جي برابر هوندو هو) خلافت جي خزاني ۾ موڪليا.[1].

تميم بن زيد
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
729 يا 730 کان تائين(111ھ کان)
پيشرو جنيد بن عبدالرحمان المري
جانشين حڪم بن عوانا ڪلبي
ريجنٽ بنواميہ جو خليفو ھشام بن عبدالملڪ
پورو نالو
تميم بن زيد عتبي
گهراڻو عتبي
مذھب اسلام

تفصيلي تعارف سنواريو

ميم تمام ڪمزور، سست، رحمدل ۽ سخي انسان هو، جنهن جي ڪري ملڪي وهنوار بگڙي ويو ۽ بدنظمي پيدا ٿي ويئي. تميم جي سڀ کان وڏي غلطي اها هئي جو هن مقامي سردارن کي نظرانداز ڪري صرف پنهنجن فوجي سردارن کي روب ۽ دٻدٻي جو ذريعو بڻايو. جنيد جي ٻنهي پاسن جي سردارن ۾ اهڙا اختلاف پيدا ٿيا جو معاملو جهيڙي تائين وڃي پهتو. حالتون جڏهن تميم جي هٿن مان نڪري ويون ته پاڻ عراق ڏانهن ڀڄڻ لڳو، اڃان سنڌو درياءُ پار ڪري ديبل ويجهو ”ماءِ الجواميش“ (مينهن جو پاڻي) واري ڍنڍ وٽ پهتو ته بيمار ٿي پيو ۽ ٻٽن ڏينهن جي اندر الله کي پيارو ٿي ويو.[2] تميم جي سخاوت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي دؤر ۾ هن هڪ ڪروڙ اسي ڪروڙ طاطري درهم خلافت جي خزاني ۾ جمع ڪرايا. سندس ڳاڻيٽو عرب جي سخين ۾ ٿيندو هو.[2]تميم سان گڏ جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ آيا هئا، انهن ۾ هڪڙو سپاهي بني يربوع قبيلي جو نوجوان خنيس به هو. خنيس جي ماءُ طي قبيلي مان هئي، هوءَ هڪ ڏينهن عرب جي مشهور شاعر فرزدق وٽ آئي ۽ ڏاڍي بيوسيء ۽ لاچاريءَ وچان فرزدق کي پنهنجي پيءُ جي قبر جو واسطو وجهي چوڻ لڳي ته، مون کي پٽ جي جدائي جهوري وڌو آهي، تون تميم کي منهنجو پٽ واپس موڪلڻ لاءِ لک. فرزدق ڪراڙيءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي نه سگهيو ۽ تميم ڏانهن هي شعر لکي موڪليائين.

ا

تتني فعاذت يا تميم بغالب

فهب لي خنيسا واتخذ فيہ منتہ تميم بن زيد لا تکونن حاجتي خلا تکثر الترداد فيها فانني وبالحفرت السامي عليها ترابها، لحوبتہ ام ما يسوغ شرابها، بظهر ولا يخفي عليک جوابها، ملول لحاجات بطي طلابها ”اي تميم! (خنيس جي ماءُ) مون وٽ آئي ۽ مون کي پنهنجي پيءُ غالب جي قبر جو واسطو ڏنائين، جنهن جي ٿڌي هوا جي جهوٽن سان پرسڪون آهيان. اهو خنيس مون کي بخش ڪر ۽ ان ٻڍڙي ماءُ تي احسان ڪر، جنهن جو هي حال آهي جو پاڻي ڍڪ به ڳلي مان ڳهي نٿي سگهي، اي تميم! منهنجي انهيءَ درخواست کي نه ٺڪرائجان، نه ته مان ڏاڍو غمگين ٿيندس، جيڪڏهن اها آرزو پوري ڪرڻ ۾ دير ڪيئي.“

تميم کي جڏهن فرزدق جو اهو منظوم خط مليو ته نالي جي ڪري منجهي پيو، ڇو ته اهو خنيس جي جاءِ تي حبيش به پڙهڻ ۾ اچي پيو. تنهن ڪري حڪم ڏنائين ته انهيءَ اچار سان جيڪو سپاهي به لشڪر ۾ هجي پنهنجي گهر موٽي وڃي.[2] تميم جي گورنريءَ واري وقت ۾ سنڌ کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو، ڪيترائي علائقا مسلمانن جي هٿن مان کسڪي ويا ۽ بلاذري (وفات 279ھ) لکي ٿو ته اڃا تائين اهي واپس ناهن ملي سگهيا.[3]مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: تميم بن زيد سست هو. سندس غفلت ڪري سنڌ جي عربن جو زور گهٽجڻ لڳو. سندس ناڪاميءَ جو وڏو سبب هن ريت هو ته سندس ڏينهن ۾ ڪنهن باهمي نااتفاقيءَ جي ڪري عربن جي قبيلن ۾ فساد پئجي ويو. هو ڪمزور جماعت جو طرفدار ٿيو؛ تنهن ڪري سنڌ جا عرب سندس مخالف ٿي بيٺا. سندن خوف ڪري عراق وڃڻ جي ارادي سان ديبل پهتو ۽ اُتي جي ’ماءِ الجواميش‘ ڍنڍ جي ڪناري تي اجل جو شڪار ٿي ويو.[4]تميم کان پوءِ خالد جي سفارش سان حڪم بن عوانه ڪلبي سنڌ جو حڪمران مقرر ٿي آيو.[1].

سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  3. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  4. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع، ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي