عمر بن مسلم باھلي

عمر بن مسلم باهلي: خليفي عمر بن عبدالعزيز سنڌ جو والي عمر بن مسلم باهلي کي بڻايو.

عمر بن مسلم
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
سن 717 کان 719 تائين(99ھ کان 101ھ)
پيشرو عامر بن عبدالله
جانشين بلال بن احوز تميمي
ريجنٽ بنو اميہ جو خليفو عمر بن عبدالعزيز
پورو نالو
عمر بن مسلم باھلي
گهراڻو باھلي
مذھب اسلام


تفصيلي تعارف سنواريو

هيڏانهن خليفي جي خطبن جي ڪري جيسينا ۽ سندس مائٽ مسلمان ٿي چُڪا هئا ۽ پنهنجا اسلامي نالا رکڻ لڳا. عوام ۾ به هڪ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي ويئي. اهي راجا اسلامي حڪومت جا تابعدار بڻجي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ حڪومت ڪرڻ لڳا ۽ سنڌ جي گورنر عمر بن مسلم باهلي جي حڪم هيٺ رهيا. عمر باهلي سنڌ ۾ ڪافي سڌارا آندا ۽ هندستان جي ڪن علائقن تي ڪاهه به ڪئي. جالنڌر سان لاڳاپيل علائقي (ڪڇ) تي به حملو ڪيو جتان جو راجا ولڀ راءِ (ملهر) هو. 101ھ (20 ــ719ع) ۾ حضرت عمر بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو. سندس دؤر ۾ جيترو اسلام سنڌ ۾ ڦهليو ايترو ڪنهن ٻئي دؤر ۾ مثال نٿو ملي.[1]رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه، يزيد بن مهلب جهڙي ظالم کي گرفتار ڪرائي، عدي بن ارطات کي عراق جو والي مقرر ڪيو، جنهن حبيب بن مهلب کي معزول ڪري قتيبه بن مسلم باهليءَ جي ڀاءُ عمر بن مسلم باهليءَ کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. حضرت عمر بن عبدالعزيز سنڌ جي راجائن ڏانهن هڪڙي فرمان موجب اسلام جا دعوت ناما مُڪا. مٿينءَ دعوت تي ڏاهر جي پٽ جئسيه ۽ گهڻن هندو راجائن اسلام قبول ڪري پاڻ تي عربي نالا رکيا. ان کان سواءِ ملڪ ۾ گهڻا سڌارا ڪيا ويا ۽ سنڌ جي رعايا تان ناجائز ٽئڪسون، جيڪي حجاج مقرر ڪيون هيون، لاٿيون ويون. عمر بن مسلم باهليءَ ڪڇ جي راجا کي شڪست ڏني. 25 رجب سنه 101ھ ۾ عمر بن عبدلعزيز وفات ڪئي. کانئس پوءِ يزيد بن عبدالملڪ گاديءَ تي ويٺو.[2] بلاذري مطابق عمر بن عبدالعزيز جيئن يزيد بن مهلب کي بصري ۽ خراسان جي گورنري تان لاٿو، تيئن ساڻن گڏ سندس ڀاءُ حبيب بن مهلب کي به ولايت سنڌ کان معزول ڪري ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي عمر بن مسلم باهلي کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو قتيبه بن مسلم جو ڀاءُ هو، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ اچي چڪو آهي. عمر بن مسلم سنڌ ۾ داخل ٿيڻ شرط ڪن شهرن تي حملا آور ٿيو ۽ فتحيابي حاصل ڪئي[3]. چچنامي مطابق هن خلافت جي حڪم موجب سنڌ جي علائقي قصه (ڪڇ) تي ڪاهه ڪئي جو جالنڌر سان لڳ هو. کي فتح ڪري اسلامي ملڪن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هتي جو راجا ملهر ڪوٺيو ويندو هو.[3].

سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ ،تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. 3.0 3.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي