عامر بن عبدالله: محمد بن قاسم جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ ۾ يزيد بن ابي ڪبشه پهتو هو، جنهن کي هتي ايندي اڃا ارڙھن ڏينهن مس گذريا ته لاڏاڻو ڪري ويو. ملڪ ۾ وري وڌيڪ بي چيني تڏهن پکڙي جڏهن هتان مجاهد لڏي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا. انهيءَ انتشار جو فائدو وٺندي ڏاهر جي پٽ جيسينا برهمڻ آباد تي قبضو ڪري ورتو ۽ باقي بچيل ملڪ مسلمانن جي هٿ هيٺ رهيو. يزيد کان پوءِ عارضي طور تي عامر بن عبدالله سنڌ جو گورنر ٿي ڪري آيو ۽ اڃا انتظام درست ڪرڻ لڳو ته زندگي سندس ساٿ ڇڏي وئي ۽ هن جي وڃڻ کان پوءِ جيسينا کي حڪومت ڪرڻ جو ڪجهه وڌيڪ وقت ملي ويو.[1]مولوي نور محمد نظاماڻي تاريخ سنڌ ۾ لکي ٿو ته: انهي زماني ۾ چيو وڃي ٿو ته ڪو وقت عامر بن عبدالله به سنڌ جو والي رهيو مگر بلاذري ۽ يعقوبي جن تي گهڻو ڀروسو ڪري ٿو سگهجي، توڙي ٻيا قابل اعتبار مؤرخ به هن بابت ڪجهه نٿا لکن تنهنڪري اسان جي نزديڪ هيءَ ڳالهه نه ايتري قدر ڀروسي جهڙي آهي نه مڃڻ جي لائق[2].

عامر بن عبدالله
سنڌ جو بنواميہ جو گورنر
ڪجهه ڏينھن لاء عارضي گورنر رھيو
پيشرو يزيد بن ابي ڪشفہ
جانشين حبيب بن مھلب
ريجنٽ سليمان بن عبدالملڪ
شاھي گھراڻو بنو اميہ جي بادشاھي
مذھب اسلام

سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page8.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي, عبدالغني عبدالله, محمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي ڪاپي رائيٽ مهراڻ اڪيڊمي