سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا Indus Asia

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 16,430 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادممھتاب احمد (ڳالهہ) 17:35, 15 مَئي 2016 (UTC)

آساني سان ترجمو ڪريو. سنواريو

اسلام عليڪم محترم يوزر جيتوڻيڪ اسان کي توھان جو اصل نالو نٿو اچي ان ڪري اسان توھان انڊس ايشيا ئي چئي سگھون ٿا. سر ڪئناڊا جو مضمون ٺاھڻ تي توھان جا ٿورائتا آھيون ۽ توھان کي سلام پيش ڪريون ٿا. جيئن تہ توھان اسان جي مطابق مواد انگريزي وڪيپيڊيا تان ترجمو ڪيو آھي ان لاءِ اوھان جي آسانيءَ لاءِ ھڪ صلاح رکان ٿو. توھان مٿي ڏنل آپشنس ۾ بيٽا ۾ وڃو ۽ Content Translation تي نشان لڳايو ايئن ڪرڻ سان توھان مختلف ٻولين مان آساني سان ترجمو ڪري سگھندئو. ڇو تہ توھان کي جنھن ٻولي مان ترجمو ڪرڻو ھوندو اھا توھان جي ھڪ طرف ھوندي ۽ سنڌي ٻي طرف بس ترجمو ڪندا وڃو. اردو مان ترجمو ڪرڻ تہ تمام آسان آھي ڇو تہ ان ۾ توھان کي سڌو سنئون مواد ملندو ۽ توھان انکي ٿوري ترميم سان سنڌي ۾ بدلائي ويندئو. ترجمو ڪرڻ لاءِ ڀاڱيداريون جي آپشن تي اچو ۽ Translations کي چونڊيو. ڪا بہ ڳالھہ سمجھ ۾ نہ اچي تہ پڇجو. مھرباني. -- مھتاب احمد (ڳالهہ) 23:22, 17 مَئي 2016 (UTC)

ھڪ صلاح سنواريو

اسلام عليڪم! سر اميد تہ خيريت سان ھوندا. سر ھڪ عرض آھي تہ صفحن تي لفظ سنڌي جو عنوان نہ ڏيو ڇو تہ اھو غير ضروري آھي، سنڌي وڪشنريءَ اھو ڏئي سگھجي ٿو. ٻيو عرض اھو تہ ڪنھن بہ صفحي تي ھينڊنگ (عنوان) ڏيڻو ھجي تہ اھو شروع شروع ۾ نہ ڏيو، بلڪہ ٿوري وصف لکي پوءِ ڪو عنوان ڏيو. مثال طور ادرڪ جو صفحو ڏسو ان ۾ پھريون وصف ڏنل آھي پوءِ تفصيل، استعمال، طبي فائدا ۽ آخر ۾ حوالا. اميد تہ دل ۾ نہ ڪندا. مھرباني.--مھتاب احمد (ڳالهہ) 07:09, 1 جُولاءِ 2016 (UTC)

توھان جا لک ٿورا سنواريو

اسلام عليڪم! سر اميد تہ خيريت سان ھوندا. منھنجي تمام گھڻي دلي خواھش ھئي تہ سنڌي وڪيپيڊيا تيزيء سان ترقي ڪري ۽ ٻين ٻولين سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلي، مونکي ياد آھي تہ :آگسٽ 2015ع ۾ سنڌي وڪيپيڊيا 170 نمبر کان بہ ھيٺ ھئي ۽ مواد تمام ٿورو ۽ غير معياري ھو؛ ادا مجيب جي ڪوششن سان جوڳي صاحب کي سنڌي وڪيپيڊيا تي آندو ويو پر ادا مجيب پاڻ ڪجھ وقت کانپوءِ ڪجھ ڳالھين جي ڪري ھليو ويو ۽ وڃي اسان ٻہ (جوڳي صاحب ۽ مان) بچياس. ڪم تہ ٿي پيو پر جيتري ضرورت ھئي اوترو نہ پيو ٿي. ڪجھ ٻين دوستن کي بہ ايلاز منٿ ڪري آندو ويو پر اھي بہ ڇڏي ويا. پر ڪم جاري رکيوسين. ھاڻي گذريل ٻن ٽن مھينن کان توھان جي ڏنل ساٿ تمام گھڻي آٿت ڏني آھي ۽ سنڌي وڪيپيڊيا 140ھين نمبر تي پھتي آھي گڏوگڏ ڪجھ بار ھلڪو محسوس ٿيندي نظر اچي رھيو آھي. توھان جي ڪوششن سان آيل سائين امر فياض سرھائي ڪري ڇڏي آھي. سندن ڪم بہ شاندار آھي. سائين جن کي ڏسي ڪجھ ٻيا دوست بہ اڳتي وڌي آيا آھن. سچ پڇو تہ ان سڄي ڪاميابي جو ڪريڊٽ توھان ڏي ٿو وڃي. سائين امر جن جي منتظم ٿيڻ کانپوءِ اميد تہ ٽيڪنيڪل مسئلا حل ٿي ويندا. ادا مجيب جي پڻ جلد اچڻ جا امڪان آھن. ھاڻي اسان جو ارادو آھي تہ سنڌي وڪيپيڊيا تي +10000 مضمونن جو ٽارگيٽ 2016ع ختم ٿيڻ کان اڳ پورو ڪريون ان کانپوءِ سنڌي وڪشنري تي بہ يوزرس جو تعداد وڌايون ۽ ان بعد ۾ پنھنجي ڪوشش اھا ئي ھوندي تہ وڪيميڊيا جا ٻيا پروجيڪٽس، جھڙوڪ: وڪي نيوز، وڪي ڪتاب، وڪي قول وغيره بہ سنڌيءَ ۾ آندا وڃن. ھي سڀ ڳالھيون ايتريون آسان نہ آھن پر محنت سان ڪا بہ شيءِ مشڪل نہ آھي. مان ھڪ دفعو ٻيھر توھان جو لک ڀيرا شڪر گذار آھيان. مھرباني.--مھتاب احمد (ڳالهہ) 17:15, 29 جُولاءِ 2016 (UTC)

اپھولڊر وڪي اوارڊ توھان لاءِ سنواريو

اسلام عليڪم! سر اميد تہ خيريت سان ھوندا. سر ھي اوارڊ مان توھان کي سنڌي وڪيپيڊيا جي لاءِ اڻ ٿڪ ۽ بي غرض محنت ڪرڻ تي پيش ڪريان ٿو، اميد تہ قبول پوندو. ڪاليج کلڻ سبب ڪجھ مصروفيتون وڌي ويون آھن جنھن سبب ترميمون ڪرڻ لاءِ وقت نٿو ملي. پر توھان جون ڪوششون ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿئي ٿي. ھن وقت توھان ئي سڀ کان وڌي کان سرگرم نظر اچي رھيا آھيو. اميد تہ پنھنجون ڪوششون جاري رکندا.

اعزاز توهان جي لاء! سنواريو

  اعزاز براء محنت وجانفشاني
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀرپور محنت ڪرڻ ،وڪيپيڊيا کي ترقي جي طرف وڌائڻ تي مانواري سائين فياض سومرو صاحب توهان جي لاء منهنجي طرفان هڪ اعزاز۔

جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ آڪٽوبر 1, 2016 11:11 (UTC)

ڦڙت بيج اعزاز سنواريو

  ڦڙت بيج اعزاز
سنڌي وڪيپيڊيا تي توھانجي مسلسل ڦڙتيلي سگرمين، ڀاڱيدارين تي توهان لاءِ هي اعزاز پيش ڪجي ٿو

جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ آڪٽوبر 1, 2016 11:11 (UTC)

غلط عنوان ۽ مواد سنواريو

سر توھان جو ڪم اسان لاءِ فخر جو سبب آھي، پر ھتي ھڪ درستگي ڪندو ھلان تہ مضمون [سنڌي ٻوليءَ جي صوتخطي ست ڀيرا تبديل ٿي آهي] وڪيپيڊيا جي اصولن مطابق نہ آھي ڇو تہ اھو ھڪ سڌو سنئون جملو آھي ۽ گڏوگڏ لکيل مواد ۾ ان جملي جي وضاحت ڪونہ ٿيل آھي، بھتر رھي ھا جيڪڏھن توھان مضمون سنڌي ٻولي ۾ ان مواد لاءِ سنڌي صورتخطي جي تاريخ جو سيڪشن ٺاھي اتي لکي ڇڏيو ھا. گذارش ڪندو ھلان تہ اھڙا عنوان ڏيڻ کان پاسو ڪندا ۽ مختصر عنوان سان مضمون ٺاھيندا. مھرباني.--مھتاب احمد (ڳالهہ) 02:25, 16 آگسٽ 2016 (UTC)

  • پيارا سائين انڊس ايشيا: مان اوهان جو ڏنل متن ”سنڌي ٻوليءَ جي صوتخطي ست ڀيرا تبديل ٿي آهي“ سنڌي ٻولي ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي. @Indus Asia

--Indusian1236 (ڳالهہ) 05:09, 16 آگسٽ 2016 (UTC)

وڪيپيڊيا ايشيائي مھيني ۾ شرڪت جي دعوت سنواريو

اسلام عليڪم سر! اميد تہ خيريت سان ھوندا. سر وڪيپيڊيا پاران ايشيائي وڪيپيڊيا ڪميونٽين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ لاءِ وڪيپيڊيا ايشيائي مھيني جو آغاز ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ شرڪت ڪري توھان ٻين ملڪن جي ڪميونٽين کان پوسٽڪارڊ حاصل ڪري سگھو ٿا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ھي صفحو ڏسو. ڪنھن بہ مدد لاءِ مون سان يا جوڳي اسد سان رابطو ڪريو. مھرباني--مھتاب احمد (ڳالھ) 16:33, 27 آڪٽوبر 2016 (UTC)

حال احوال سنواريو

اسلام عليڪم سر اميد تہ خيريت سان ھوندئو. سر سنڌي وڪيپيڊيا جي صورتحال جيئن جو تيئن آھي ۽ ڪا خاص اڳڀرائي نظر ڪونہ ٿي اچي. وڏي ڪوششن کانپوءِ ريتخاني جو ڳنڍڻو داخل ڪرايو آھي، اميد آھي ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ان جو ترجمو مشق پٽي طور ظاھر ٿي ويندو. سر اسان مشق پٽيءَ تي ڪوبہ صفحو ٺاھي سگھون ٿا ۽ خاميون ختم ڪرڻ کانپوءِ ان کي باقاعده نالو ڳولي تخليق ڪري سگھون ٿا. ان سان گڏ اڄ ڪوشش ڪري رھيو آھيان تہ فونٽ جي مسئلي جو ھڪ ٻيو حل انتظاميا اڳيان رکان. اميد تہ اھو حل ضرور ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان ڳالھين کان علاوه وڪيپيڊيا جي آگاھي بابت سيمينار ڪرائڻ جو ارادو ھيو پر ڪجھ مجبورين جي ڪري نہ ڪرائي سگھيس؛ جوڳي اسد صاحب ۽ منھنجي تمام گھڻي ڪوشش آھي تہ جنوريءَ ۾ ڪنھن بہ صورت سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ڪجھ سيمينار ڪرائي وٺون. آخر ۾ توھان کي لک سلام پيش ڪندس جو توھان بغير ڪنھن غرض جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ لاڳيتو ڪوششون ڪري رھيا آھيو. اميد تہ پنھنجو ساٿ ايئن ئي جاري رھندو. مھرباني.--مھتاب احمد (ڳالھ) 15:27, 10 ڊسمبر 2016 (UTC)

Share your experience and feedback as a Wikimedian in this global survey سنواريو

  1. This survey is primarily meant to get feedback on the Wikimedia Foundation's current work, not long-term strategy.
  2. Legal stuff: No purchase necessary. Must be the age of majority to participate. Sponsored by the Wikimedia Foundation located at 149 New Montgomery, San Francisco, CA, USA, 94105. Ends January 31, 2017. Void where prohibited. Click here for contest rules.

خبرن تي مضمون سنواريو

اسلام عليڪم! سر اميد تہ خيريت سان ھوندا. سر وڪيپيڊيا تي ھر عام خبر تي مضمون نٿو ٺاھي سگھجي. مضمون صرف ان خبر تي ٺھي سگھجي ٿو جيڪا ٻين ماڻھن جي لاءِ دلچسپي رکي، جيئن جنيد جمشيد جو حادثي ۾ فوت ٿيڻ. ان کان علاوه خبر کي اخباري طريقي سان نہ پر مضمون واري لھجي ۾ لکيو ويندو آھي. مان اوھان جي مضمون ٻيڙي اونڌي ٿي پئي کي غير ضروري صفحن ڏانھن چوري رھيو آھيان، اميد تہ دل ۾ نہ ڪندا. مستقبل ۾ خيال رکجو. مھرباني--مھتاب احمد (ڳالھ) 06:26, 11 فيبروري 2017 (UTC)

Your feedback matters: Final reminder to take the global Wikimedia survey سنواريو

(Sorry for writing in English)

وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب 20مئي-24مئي 2017/ ڪراچي، ۾ توهان کي اچڻ جي ڪوٺ ڏجي ٿي سنواريو

وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب / ڪراچي لاءِ توهان کي شرڪت جي دعوت

سائين محترم دوست صاحب اسلام عليڪم

توهان جي تمام وڏي مهرباني جو توهان سنڌي وڪيپيڊيا تي پنهنجو کاتو ٺاهيو آهي، توهان کي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ، مضمونن ۾ ترميم ڪرڻ، حوالا، زمرا ۽ سانچا وجهڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي هوندي، پوءِ به اسين توهان منجهان اميد ڪريون ٿا ته توهان ڪجھ نه ڪجھ سنڌي وڪيپيڊيا تي ترميمون ڪرڻ شروع ڪندا. سائين محترم توهان سميت تمام نون سنڌي وڪيپيڊيا يوزرس جي سنڌي وڪيپيڊيا ۽ وڪميڊيا جي ٻين رٿائن بابت سکيا ۽ تربيت لاءِ اسان ڪراچيءَ ۾ هڪ تربيتي (آگاهي) ورڪشاپ ۽ گڏجاڻي ورڪشاپ رٿي آهي جيڪا 20 مئي 2017 بروز ڇنڇر، يا 23 مئي اڱارو، 24 مئي 2017 اربع جي ڏينهن ٿيندي، حتمي ڏينهن ۽ تاريخ تمام جلد ٻڌائينداسين، اسان توهان کي دل جي گهرائين سان اتي جي اچڻ جي دعوت ڏيون ٿا.اميد ته ضرور شرڪت ڪندا، هي ورڪشاپ انڪري به اهم آهي ته سنڌي وڪيپيڊيا جي يارنھن سالن جي تاريخ ۾ اهڙي نوعيت جي پھرين ورڪشاپ آهي، جنهن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي يارھين سالگرهه پڻ ملهائي ويندي.

اسانجي وڏي عرصي کان ڪيل اڻ ٿڪ محنتن ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ وڪيپيڊيا تقريب لاءِ ڪراچي سنڌ جو مقام رکيو ويو آهي. مهرباني ڪري شرڪت ڪندا، تمام سنڌي وڪيپيڊين (سنڌي وڪيپيڊيا تي يوزر کاتو رکندڙ شخصيتون) جيڪي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آهن انهن کي دعوت ڏيون ٿا. ان سميت ٻيا تمام اهي نوجوان، وڏا، ننڍا، اديون، ادا، شاگرد، شاگردياڻيون وغيره جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا سان دلچسپي رکن ٿا کين پڻ ان تقريب (ورڪشاپ) ۾ اچڻ جي کُلي عام دعوت آهي

وڌيڪ تفصيلات لاءِ توهان اسانجي سنڌي وڪيپيڊيا فيس بُڪ پيج کي لائيڪ ۽ فالو ڪريو، 

۽ هنن نمبرز تي رابطو ڪريو

  • جوڳي اسد | 031520679273
  • مھتاب احمد | 03023390644

برقي پتو (اي ميل) jogiasad.sdwiki@gmail.com

مهربانيون....
توهان جو خادم
اسد علي جوڳي

ٿورائتو--مھتاب احمد (ڳالھ) 18:23, 1 مَئي 2017 (UTC)

محترم سائين انڊس ايشيا صاحب اميد تہ خيريت سان ھوندا. سائين جيئن تہ سنڌي وڪيپيڊيا کي منتظم جي گھرج آھي ان لاءِ راءِ شماري ڪئي پئي وڃي. توھان کي بہ پنھنجي راءِ ڏيڻ جي گذارش ٿي ڪجي. مٿين لنڪ تي وڃي پنھنجي قيمتي راءِ جو اظھار ڪندا. مھرباني.--مھتاب احمد (ڳالھ) 11:49, 30 مَئي 2017 (UTC)

ویکی ڈیٹا سنواريو

السلام علیکم!

فياض سومرو صاحب اپ ایک بارسوخ صارف ھیں اپ کے لکھے تمام مضمون دلچسپ ھوتے ھیں مگر اپ سے ایک گزارش ھے کہ مضمون بنانے کے بعد اپ اس کو دیگر مضمون کے ساتھ ویکی ڈیٹا میں شامل کردیں اپ کے اکثر مضامین ویکی ڈیٹا سے محروم ھیں۔ بخاري سعيد ڳالھ 13:35, 1 جُونِ 2017 (UTC)


تمام گهڻي احترام لائق مانوارا بخاري سعيد سائين، اوهان وڪي ڊيٽا جي حوالي سان ٿوري رهنمائي ڪري سگهو ٿا ته ڪيئن وڪي ڊيٽا ۾ مضمون شامل ڪجي.

اوهان جو ٿوروائتو انڊس ايشيا

جناب یہ ھے https://www.wikidata.org// اس میں شامل کیا جاتا ھے يوزر:مھتاب احمد باقی اپ سمجھا دیں۔۔ بخاري سعيد ڳالھ 16:08, 1 جُونِ 2017 (UTC)
اس کے علاوہ اپ Wikipedia:Wikidata کو پڑھ کر بھی مدد لے سکتے ھیں بخاري سعيد ڳالھ 16:56, 1 جُونِ 2017 (UTC)
سائين جڏھن توھان ڪوبہ صفحو تخليق ڪندا آھيو توھان ڏٺو ھوندو تہ پاسي کان ٻوليون لکيل ھوندو آھي. ان جي ھيٺان لکيل ھوندو آھي ڳنڍڻا وجھو جنھن جو مقصد آھي تہ توھان پنھنجو ٺاھيل مضمون ٻين ٻولين جي وڪيز ۾ لکيل ساڳي مضمون سان ڳنڍيو. توھان ڳنڍڻا وجھو تي ڪلڪ ڪندئو تہ ھڪ ڊائلاگ باڪس کلي پوندو ان ۾ ٻولي ۽ صفحو جا خانا ھوندا. ٻوليءَ جي خاني ۾ توھان ڪنھن بہ وڪيءَ جو ڪوڊ ھڻدئو شرط اھو تہ اھو صفحو ان ۾ موجود ھجي. ٻوليءَ واري خاني ۾ ڪوڊ مثال طور ھينئن لڳندو enwiki ان کان پوءِ صفحو جي خاني ۾ توھان ان صفحي جو نالو لکندئو پر ڪوڊ ھنيل وڪيءَ واري ٻوليءَ ۾: جيڪڏھن انگريزي وڪيپيڊيا تہ نالو بہ انگريزيءَ ۾ ۽ جيڪڏھن اردو وڪيپيڊيا تہ نالو بہ اردوءَ ۾. وڌيڪ جيڪڏھن ڳالھ سمجھ ۾ نہ اچي تہ خدمت لاءِ حاضر آھيون.--مھتاب احمد (ڳالھ) 17:20, 1 جُونِ 2017 (UTC)

وڪيڊيٽا سان صفحا ڳنڍڻ بابت وڌيڪ وضاحت سنواريو

سائين جيئن تہ توھان کي وڪيڊيٽا سان صفحا ڳنڍڻ ۾ پريشاني ٿي پئي ان بابت توھان جي پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻي ڪوشش ڪري رھيو آھيان.  پھريون اسڪرين شاٽ:سر توھان گھڻن صفحن تي ھي بٽڻ ضرور ڏٺو ھوندو جتي صفحا ٻين وڪيز سان ڳنڍيل نہ ھوندا آھن اتي لکيل ھوندو آھي ڳنڍڻا وجھو. پھريون ۽ ٻيون اسڪرين شاٽ: جڏھن توھان ان تي ڪلڪ ڪندئو تہ ھڪ ڊائلاگ باڪس کلي ايندو جنھن توھان کان ٻولي ۽ صفحي بابت پڇا ڪندو جنھن سان توھان صفحي ڳنڍڻ ٿا چاھيو.  ان جو مثال ھن اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگھو ٿا. ٽيون اسڪرين شاٽ: ان کان پوءِ جن بہ ٻولين جي وڪيز ۾ اھو آرٽيڪل ھوندو سي ظاھر ٿي وينديون. جيڪڏھن صرف ھڪ وڪيءَ ۾ آھي پوءِ ٻولين جي فھرست نہ ايندي.  ٽيون ۽ چوٿون اسڪرين شاٽ: تنھن کانپوءِ توھان کي Confirm جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻي آھي جنھن سان صفحو وڪيڊيٽا سان ڳنڍجي ويندو ۽ آخر ۾ ٻوليون ھن طرح ظاھر ٿينديون.  اميد تہ توھان کي ڳالھ ھاڻي سمجھ ۾ اچي ويندي. خادم --مھتاب احمد (ڳالھ) 18:54, 3 جُونِ 2017 (UTC)

Wikipedia:سنڌي_شخصيتون_ترميمي_ڊوڙ ۾ شرڪت ۽ مضمون لکڻ لاءِدعوت سنواريو

Wikipedia:سنڌي_شخصيتون_ترميمي_ڊوڙ اسلام عليڪم, مانوارا, ف.س، توهان کي سنڌي وڪيپيڊيا جي سنڌي شخصيتون ترميمي ڊور (ايڊٽ اي ٿان) ۾ دعوت آهي اتي پنهنجي دستخط ڪري اتي درخواست ڪيل مضمون لکو يا انگري وڪيپيڊيا تا لاپاڳيل مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي ترجمو ڪري لکو. توهان جي تمام گهڻي مهرباني، اوهان جو خادم. --جوڳي اسد راچپر 09:12, 12 جُونِ 2017 (UTC)


Khowar Wikipedia سنواريو

محترم جناب، السلام علیکم، آپ ویکیپیڈیا پر بہت ہی اچھا اور معیاری کام کررہے ہیں اللہ آپ کو اجر عطا فرمائے کہ آپ اردو زبان کے ویکیپیڈیا کو ایک عالمی انسائکلوپیڈیا بنانے کی جدوجہد میں شریک ہیں.جیسا کہ آپ کو پتہ ہے کہ شمالی علاقہ جات، سوات، ضلع چترال، ہندوستان، افغانستان اور سنکیانگ چین میں بولی جانے والی زبان کھوار میں راقم الحروف نے ویکیپیڈیا تخلیق کیا ہے اور تمام ترجمے کا کام مکمل ہوچکا ہے لیکن کھوار ویکیپیڈیا کو تکنیکی مسائل کا سامنا ہے جیسے ماڈیول، سانچہ جات، ابواب اور دیگر مشکل اور ٹیکنیکل کام کو آگے بڑہانے میں کھوار ویکیپیڈیا کو آپ کی مدد کی ضرروت ہے مجھے معلوم ہے کہ آپ کھوار زبان میں مضموں نہیں لکھ سکتے لیکن ماڈیول، سانچہ جات، ابواب زمرہ جات اور انٹرویکی لنکس بنانے میں ہمارے ساتھ تعاون کرسکتے ہیں، تاکہ جب کھوار زبان کی تاریخ لکھی جائے گی تو اس میں آپ کی کھوار کے لیے تکنیکی کام اور خدمات کو بھی شامل کیا جاسکے، آپ کھوار ویکیپیڈیا کا صفحہ اول یہاں[1] پر دیکھ سکتے ہیں امید ہے کہ آپ اردو ویکیپڈیا کی طرح روزانہ کھوار ویکیپڈیا میں بھی اپنی خدمات سے اہل کھوار کو بھی مستفید کرکے شکریہ کا موقع دیں گے،ہمیں کھوار ویکیپیڈیا کے لیے آپ کی مندرجہ زیل تکنیکی کام میں مدد کی ضرورت ہے:-ؔ۱۔ ماڈیول بنانا۲۔ سانچے بنانا۳۔ مضامین میں انٹرویکی لنکس کا اندراج۴۔ ابواب بنانا۵۔ انفوباکس بنانا۶۔ ناوباکس بنانا۷۔ سانچہ جات اور ماڈیول سے اغلاط کی درستگی۸۔ مزیددیگر انتظامی کام وغیرہآپ کا بہت بہت شکریہ --Rachitrali (ڳالھ) 04:35, 16 جُونِ 2017 (UTC)

رائے درکار سنواريو

یہاں پر آپ کا رائے درکار ہے۔بخاري سعيد ڳالھ 12:58, 30 سيپٽمبر 2017 (UTC)

لوگو جي تبديليءَ لاءِ ھمايت گھربل آھي سنواريو

 
سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ نئون لوگو

دوستو توھان کي ٻڌائيندي خوشي ٿي رھي آھي تہ مون درخواست ڏئي سنڌي وڪيپيڊيا جي لاءِ نئون لوگو ٺھرايو آھي، جيڪو توھان تصوير ۾ ڏسي سگھو ٿا. لوگو کي ھن وڪيءَ تي لڳرائڻ لاءِ توھان جي ھمايت گھربل آھي. مھرباني فرمائي ھن لنڪ تي ھي #{{تائيد}}--~~~~ نشان ھڻي پنھنجي تائيد جو اظھار ڪريو جيڪڏھن ڪنھن کي تنقيد ڪرڻي ھجي تہ ھي {{تنقيد}}--~~~~نشان ھڻو. تبصري واري خاني ۾ پنھنجا تاثر وغيره لکو. مھرباني.--مھتاب-احمد ڳالھ 08:52, 29 جنوري 2018 (UTC)

Share your experience and feedback as a Wikimedian in this global survey سنواريو

WMF Surveys, 18:19, 29 مارچ 2018 (UTC)

Reminder: Share your feedback in this Wikimedia survey سنواريو

WMF Surveys, 01:18, 13 اپريل 2018 (UTC)

Your feedback matters: Final reminder to take the global Wikimedia survey سنواريو

WMF Surveys, 00:27, 20 اپريل 2018 (UTC)

لوگو جي تبديلي لاءِ اظھار سنواريو

سلام اميد آھي تہ خيريت سان ھوندا. سنڌي وڪيپيڊيا جلد ئي 10 ھزار مضمونن جي فھرست ۾ شامل ٿيڻ واري آهي. ان موقعي لاءِ ھڪ لوگو ٺھرايو ويو آهي. توھان کي گذارش ٿي ڪجي تہ لوگو کي لڳرائڻ لاءِ پنھنجي راءِ جو اظھار ھن بحث:مُک صفحو#10 ھزار مضمونن لاء لوگو لنڪ تي ڪريو. مھرباني.--مھتاب-احمد ڳالھ 19:37, 7 مَئي 2018 (UTC)

راء جو اظھار سنواريو

محترم دوست سنڌي وڪيپيڊيا تي نئين منتظم لاء راء شماري ٿي رھي آھي توھان کي گذارش تي ڪجي تي ھتي وڃي پنھنجي راء جو اظھار ڪريو. مھرباني.--مھتاب-احمد ڳالھ 18:41, 7 جُونِ 2018 (UTC)

موبائيل ويبسائيٽ ۾ لوگو جي تبديلي لاءِ راءِ شماري سنواريو

سنڌي وڪي جي موبائيل ويبسائيٽ ۾ لوگو جي تبديلي لاءِ راءِ شماري هلي رهي آهي، مهرباني ڪري هتي وڃي، پنهنجي راءِ ڏيو. راجو (ڳالھ) 12:57, 20 جُولاءِ 2018 (UTC)

حق ۽ واسطن (Copyright) جو ڌيان رکو. سنواريو

سائين اميد ته خريت سان هوندو، وڪيپيڊيا جي مضمون لکڻ جي طريقار ۾ اهو واضع لکيل آهي ته ” مهرباني ڪري اهڙي ويب سائيٽ مان مواد جيئن جو تيئن ڪاپي نه ڪيو، توڙي اوهان، اوهان جو اسڪول يا اوهان جو سربراهه ان ويبسائيٽ جو مالڪ هجي.“ جڏهن ته اوهان پاران تخليق ڪيل مضمون، جيئن رعايتي مدد بلڪل سنڌي ٻولي جي بااختياري اداري جي ويب سائيٽ مان ڪاپي ڪيل آهي، ۽ ان مواد جا حق ۽ واسطا ٻي ڪنهن وٽ محفوظ آهن، ان لاءِ آئنده خيال رکو ۽ ساڳيا مضمون جيڪڏهن انگلش وڪي تي آهن ته اتي حوالا به موجود آهن اتان اهو مضمون لکي سگھجي ٿو. راجو (ڳالھ) 20:02, 22 جُولاءِ 2018 (UTC)

راءِ شماري ۾ حصو وٺو سنواريو

سلام دوستو! سنڌي وڪي تان هڪ غيرحاضر منتظم کي، خارج ڪرڻ لاءِ راءِ شماري جو آغاز ڪيو ويو آهي، مهرباني کي ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو. راجو (ڳالھ) 20:45, 22 جُولاءِ 2018 (UTC)

صندوق معلومات شخص سنواريو

سائين اميد ته ٺيڪ هوندو، سائين جڏهن ڪنهن شخيصيت تي مضمون لکو، ۽ اهو مضمون انگريزي زبان واري وڪي ۾ موجود هجي ته مضمون جي مٿي صرف {{صندوق معلومات شخص}} لکو، ته ان مضمون ۾ پاڻ مرادو ڄاڻخانو ۽ تصوير سميت سمورا دستياب خانا شامل ٿي ويندا. ان لاءِ طريقو انتهائي آسان آهي، پهرين مضمون سنڌ ۾ لکو، پوءِ ان کي انگريزي وڪي سان ڳنڍيو. پوءِ {{صندوق معلومات شخص}} داخل ڪيو. جيئن هاڻ اوهان ڪيئر ڪيڪارڊ مضمون لکيو آهي، مون صرف ان کي انگريزي وڪي سان ڳنڍي ان ۾ صندوق داخل ڪيو ته حولا تصويرن وغيره پاڻ مرادو داخل ٿي ويون. وري به ڪا ڳالهه سمجهه نه اچي ته هن صفحي کي ترميمي هيٺ ٻڌايو... 21:20, 31 جُولاءِ 2018 (UTC)

راءِ شماري ۾ حصو وٺو سنواريو

وڪيپيڊيا جي نئين منتظم گروهه جا اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ راءِ شماري ٿي رهي آهي، مهرباني ڪري هن ڳنڍڻي تي وڃي پنهنجي راءِ ڏيو. ارسلان (ڳالھ) 00:48, 30 آگسٽ 2018 (UTC)

توهان لاءِ هڪ بارن ستارو! سنواريو

  The Special Barnstar
هي بارن ستارو توهان کي هڪ مضمون سنڌي ثقافتي ڏينھن سنڌي وڪيپيڊيا تي لکڻ جي واکاڻ ۾ نوازيو ويو آهي.JogiAsad  Talk 10:18, 19 December 2018 (UTC)

وام 2019 لاءِ دعوت سنواريو

 

مانوارا ساٿي! اُميد ته توهان ڏانهن سڀ خيريت آهي! هاڻي 2019 وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو ۾ سائن اپ يا شامل ٿيڻ جو بهترين وقت اچي ويو آهي، جيڪو هن نومبر مهيني ۾ ٿي رهيو آهي (جنهن جي شروع ٿيڻ ۾ باقي ڪجه ڪلاڪ بچيا آهن!) نيڪ تمنائون، شُڀ ڪامنائون
جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 12:20, 31 آڪٽوبر 2019 (UTC)

وڪيپيڊيا ڪامورو راءِ شماري سنواريو

ساٿيو اُميد ته سڀ خيريت سان هوندا! سنڌي وڪيپيڊيا تي مقامي ڪامورو لاءِ راءِ_شماري ٿي رهي آهي جنهن ۾ توهان پنهنجي راءِ ڏيو. مهربانيون جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 12:22, 6 نومبر 2019 (UTC)

Comments requested سنواريو

Greeting I hope you will be doing good you are requested to provide your precious comments here.----مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 22:01, 30 ڊسمبر 2019 (UTC)

WikiConference India 2023: Program submissions and Scholarships form are now open سنواريو

Dear Wikimedian,

We are really glad to inform you that WikiConference India 2023 has been successfully funded and it will take place from 3 to 5 March 2023. The theme of the conference will be Strengthening the Bonds.

We also have exciting updates about the Program and Scholarships.

The applications for scholarships and program submissions are already open! You can find the form for scholarship here and for program you can go here.

For more information and regular updates please visit the Conference Meta page. If you have something in mind you can write on talk page.

‘‘‘Note’’’: Scholarship form and the Program submissions will be open from 11 November 2022, 00:00 IST and the last date to submit is 27 November 2022, 23:59 IST.

Regards

MediaWiki message delivery (ڳالھ) 11:25, 16 نومبر 2022 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

(on behalf of the WCI Organizing Committee)

WikiConference India 2023: Open Community Call and Extension of program and scholarship submissions deadline سنواريو

Dear Wikimedian,

Thank you for supporting Wiki Conference India 2023. We are humbled by the number of applications we have received and hope to learn more about the work that you all have been doing to take the movement forward. In order to offer flexibility, we have recently extended our deadline for the Program and Scholarships submission- you can find all the details on our Meta Page.

COT is working hard to ensure we bring together a conference that is truly meaningful and impactful for our movement and one that brings us all together. With an intent to be inclusive and transparent in our process, we are committed to organizing community sessions at regular intervals for sharing updates and to offer an opportunity to the community for engagement and review. Following the same, we are hosting the first Open Community Call on the 3rd of December, 2022. We wish to use this space to discuss the progress and answer any questions, concerns or clarifications, about the conference and the Program/Scholarships.

Please add the following to your respective calendars and we look forward to seeing you on the call

Furthermore, we are pleased to share the email id of the conference contact@wikiconferenceindia.org which is where you could share any thoughts, inputs, suggestions, or questions and someone from the COT will reach out to you. Alternatively, leave us a message on the Conference talk page. Regards MediaWiki message delivery (ڳالھ) 16:21, 2 ڊسمبر 2022 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

On Behalf of, WCI 2023 Core organizing team.