سنڌي ثقافتي ڏينھن

سنڌوماٿريءَ جي ثقافت ۽ ورثي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ملھايو ويندڙ ڏھاڙو

سنڌي ثقافتي ڏينھن سنڌ ثقافتي ڏهاڙو (سنڌي سڀيتا ڏهاڙو) (انگريزي ٻولي: Sindhi cultural Day) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ماڻهو, دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن،[1][2] جنهن کي ايڪتا جو ڏينھن پڻ چيو وڃي ٿو.[3] سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش سان ملهايو ويندو آهي.

سنڌي ثقافتي ڏينھن
Saraiki Topi (Sindhi Cap).jpg
سنڌي ٽوپي، سنڌي ثقافت جو مُک جزو
ملهائڻ واراسنڌي
قسمعوامي
اهميتسنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ
تاريخڊسمبر جي پھرين آچر
دورانيو1 ڏينھن
تقررساليانو

ٻلهڙيجي جي نوجوان حسن پيرزادي ۽ سندس ساٿين 6 ڊسمبر کي سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي ملهائڻ جي ڳالھ ميسيج ۽ اخبار جي هڪ ڪالمي خبر سان ڪئي.[حوالو گھربل]

آمريڪن قونصل خاني ڪراچي پاران قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب رکي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. گذريل ڇهن سالن کان آمريڪي قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪندو رهي ٿو.[4][5]

ان ڏهاڙو تي سنڌ ۾ مختلف ثقافتي سرگرميون ڪيون وينديون آهن جنهن ۾ صوفياڻي ڪچهري، سُگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرس وغيره شامل آهن.[6]

تاريخسنواريو

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو 6 ڊسمبر 2009 تي ملهايو ويو،[7] جنهن کانپوءِ هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرئين هفتي جي آچر ڏينهن تي هي ڏهاڙو سنڌ جا ماڻهو، انڊيا ۾ وسندڙ سنڌي ماڻهو ۽ پرڏيهه ۾ دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن ملهائيندا آهن.[8]

2009سنواريو

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو 6 ڊسمبر 2009 تي ملهايو ويو

2010سنواريو

ٻيو 2010

2011سنواريو

ٽيون 2011

2012سنواريو

چوٿون 2012

2013سنواريو

پنجون 2013

2014سنواريو

ڇهون 2014

2015سنواريو

ستون 2015

2016سنواريو

اٺون 2016

2017سنواريو

نائون 2017

2018سنواريو

ڏهون 2018

2019سنواريو

2019 ۾ ان ڏهاڙي کي هڪ سنڌ سڪ ثقافت جي نالي سان ملهايو ويو.[9]

پهرئين ڊسمبر 2019 تي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جي موقعي تي دنيا جو سڀ کان ڊگهو ۽ ويڪرو وڏو سنڌي اجرڪ سکر، سنڌ ۾ ۽ 130 ميٽر ۽ 30 فُٽ ويڪرو سنڌي اجرڪ حيدرآباد، سنڌ ۾ نمائش ڪئي وئي.[10]

گيلريسنواريو

حوالاسنواريو

  1. "سنڌي ثقافتي ڏھاڙو عيد جو ڏينھن". روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  2. "2019 December 02 | روزاني سرواڻ". www.dailysarwan.com. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  3. "Culture day celebration | Pakistan Press Foundation (PPF)Pakistan Press Foundation (PPF)". Pakistan Press Foundation (PPF). حاصل ڪيل 2018-11-18. 
  4. "امريڪن قونصل خاني طرفان سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو | امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾" (en-US ۾). امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾. 2015-12-12. https://pk.usembassy.gov/snd/u-s-consulate-celebrates-sindh-cultural-day-snd/. 
  5. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  6. "نئون ديرو ۾ اعلانيل ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان صوفياڻي ڪهچري ڪوٺائي وئي". آن لائين انڊس (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  7. "سنڌي ثقافت ۽ تاريخي ورثي تي ٻڌل قومي ڏڻ". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  8. "ثقافتي ڏهاڙو، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جا ثقافتي رنگ جرڪي پيا". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  9. "Page No.01". kawish.asia. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  10. "Sindh Culture Day celebrated across the province | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. حاصل ڪيل 2019-12-03. 

خارجي ڳنڍڻاسنواريو

سانچو:سنڌ موضوع