وڪيپيڊيا:سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ
مک صفحو | اصول ۽ضابطا | شرڪت ڪندڙ | مضمون |
|
مک صفحو | اصول ۽ضابطا | شرڪت ڪندڙ | مضمون |
سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ
'سنڌي وڪيپيڊيا سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ' ھڪ آنلائين ايڊٽ-اَ-ٿان آھي، جيڪو تازو سنڌي وڪيپيڊيا پاران منعقد ٿيل سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ جي مقصدن ۾ شامل آهي، جنھنجو مقصد سنڌي وڪيپيڊيا تي سنڌ جي انهن ناليواري شخصتن جي بابت مضمون لکڻ آهي جن شخصتن تي سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون موجود ناهين ، هن ترميمي ڊوڙ ۾ توهان انهن سنڌي وڪيپيڊيا جي مضمونن ۾ پڻ واڌارو ۽ سڌارو آڻي سگهو ٿا (سگهو ٿيون) جيڪي سنڌي شخصيتن بابت مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي پهرئين موجود ته آهن پر اهي اڻپورا (نامڪمل) آهن، انهن ۾ پڻ توهان واڌارو سڌارو آڻي سگهو ٿا (ٿيون)، ۽ جن سنڌي شخصيتن جا مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي موجود ناهين ته توهان اُهي مضمون انگريزي وڪيپيڊيا يا اردو وڪيپيڊيا تان ترجمو ڪري لکي سگهو ٿا (ٿيون). سنڌي وڪيپيڊيا سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ ، سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ جي مقصدن ۾ شامل آهي، توهان مان جيڪي سنڌي وڪيپيڊيا يوزر ان ورڪشاپ ۾ شامل نه ٿيا ته توهان اهو فرض هتي نڀائي سگهو ٿا (سگهو ٿيون) هن صورت ۾ ته توهان هن ترميمي ڊوڙ (اِيڊٽ ٿانِ) پنهنجيون ڀاڱيداريون حصو پَتِي وجهو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا تي ترقي ڏيارڻ ۾ اسانجو هٿ ونڊايو، ھر حصو وٺندڙ جيڪو گھٽ ۾ گھٽ 'چار (10)' مضمون جيڪي معيار تي پورو ڪندا، تخليق ڪندو تہ ان کي ٻين حصو وٺندڙ وڪيپيڊيئن طرفان خصوصي طور ڊزائن ٿيل وڪيپيڊيا پوسٽڪارڊ ملندو. اھي وڪيپيڊين جيڪي سنڌي وڪيپيڊيا تي هن ترميمي ڊوڙ لاءِ سڀ کان گھڻا مضمون تخليق ڪندا تہ انھن کي "سنڌي وڪيپيڊيا سفارتڪار" جو اعزاز ڏنو ويندو.
|