محرم الحرام  -  صفر المظفّر  -  ربيع الاول
ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ
1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30

صفر اسلامي ڪيلينڊر جو ٻيون مھينو آھي. ان کي صفر المظفر بہ چيو ويندو آھي. ان مھيني تي صفر نالو اسلام جي آمد کان اڳ جو پيل آهي. لفظ صفر جي معني آهي خالي. سن مھيني ماڻھن جا گھر ماڻھن کان اڪثر خالي ھوندا ھئا ڇوتہ ان مھيني سڀ کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ گھرن کان نڪرندا ھيا. صفر جي معني ھوا جو سوسٽ پڻ آهي جو ان مھيني تيز ھوائون گھلنديون ھيون. شروع ۾ 2 ھجري کان اڳ ھر ٽئين سال ھڪ مھينو وڌائي ان سال کي تيرھن مھينن جو ڪيو ويندو ھو، جنھن سان قمري ۽ شمسي سال جي وچ ۾ ھر سال ٿيندڙ 10 ڏينھن جو فرق ختم ٿي ويندو هو. تنھن ڪري ھي مھينو ھر سال ان ساڳي بھار جي موسم ۾ ايندو ھيو پر سن 2 ھجري ۾ سورة التوبة جي آيت نمبر 36 نازل ٿيڻ کان پوء (جنھن ۾ سال ۾ صرف ٻارھن مھينن کي لازمي ڪيو ويو) ان تيرھين مھيني شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو جنھن ڪري صفر ھاڻي مستقل ان ساڳي ھوائن جي موسم ۾ نہ ايندو آهي.

حوالا سنواريو