رجب

اسلامي سال جو ستون مهينو
جمادي الثاني  -  رجب المُرجّب  -  شعبان المعظم
ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ
1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30

رجب المرجب اسلامي ڪيلينڊر جو ستون اسلامي مھينو آھي. اسلام کان اڳ جي زماني ۾ بہ ان کي مقدس ۽ حرمت جو مھينو سمجھيو ويندو ھو. ان کي رجب المرجب بہ چيو ويندو آھي. ھن مھيني ۾ عمري جي رسم ادا ڪئي ويندي ھئي ۽ جنگ حرام سمجھی ويندي ھئي. قريش ۽ قيس جي قبيلي ۾ ھڪ جنگ ھن ئي مھيني ۾ ٿي ھئي جنھن کي جنگ فجار (فجور سان مشتق آھي) چون ٿا ان ۾ حضور ﷺ بہ شريڪ ٿيا ھيا پر پاڻ ڪنھن تي تلوار نہ ھلائي. اھل اسلام ھن مھيني کي ان واسطي متبرڪ سمجھن ٿا تہ ھن ئي مھيني ستاويھين رات تي معراج جو واقعو ٿيو[1]. مسلمان 27 رجب تي معراج جي واقعي جي تقريب ملھائيندا آھن. ھن ئي مھيني جي 13 تاريخ تي حضرت علي ڪرم الله وجهٗ جي ولادت بہ ٿي. رجب جي معني آھي خوف. ٻي روايت مطابق رجب لفظ عربي لفظ رجوب مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي تعظيم. رجب جي عربي ۾ ھڪ معنيَ مضر (نقصان ڪار) پڻ آھي

  1. [مرجع ويب| مسار = https://babelnet.org/synset?word=bn:00066074n | عنوان = معلومات عن رجب على موقع babelnet.org | ناشر = babelnet.org|مسار أرشيف= https://web.archive.org/web/20191228044927/https://babelnet.org/synset?word=bn:00066074n%7Cتاريخ أرشيف=2019-12-28 ]
اسلامي ڪيلينڊر واري مھر جيڪا ڪنگ خالد ايئر پورٽ تي جاري ٿي