ربيع الثاني  -  جمادي الاول  -  جمادي الثاني
ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ
1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30

جمادي الاول اسلامي ڪيلينڊر جو پنجون نمبر مھينو آھي۔ ان تي اھو نالو اسلام جي آمد کان اڳ جو پيل آھي. ھي مھينو شروع ٿيڻ واري وقت عربستان جي موسم سخت سردي واري ھوندي ھئي جنھن ۾ پاڻي ڄمي پوندو هو يا پارو پوندو ھو. لفظ جماد جي معنيَ پاڻي جو ڄمي پوڻ آھي[1]. سياري جي ان موسم ۾ ھن کان پوء واري مھيني جو نالو جماد الثاني يا جمادالآخر رکيو ويو. ان وقت آھي مھينا مستقل انھيءَ موسم ۾ ايندا ھيا. شروع ۾ 2 ھجري کان اڳ ھر ٽئين سال ھڪ مھينو وڌائي ان سال کي تيرھن مھينن جو ڪيو ويندو ھو، جنھن سان قمري ۽ شمسي سال جي وچ ۾ ھر سال ٿيندڙ 10 ڏينھن جو فرق ختم ٿي ويندو هو. تنھن ڪري ھي مھينو ھر سال ان ساڳي بھار جي موسم ۾ ايندو ھيو پر سن 2 ھجري ۾ سورة التوبة جي آيت نمبر 36 نازل ٿيڻ کان پوء (جنھن ۾ سال ۾ صرف ٻارھن مھينن کي لازمي ڪيو ويو) ان تيرھين مھيني شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو جنھن ڪري جماد الاول ھاڻي مستقل ان ساڳي پاري پوڻ واري سياري جي موسم ۾ نہ ايندو آهي.

  1. Umm Al-Qura calendar of Saudi Arabia آرڪائيو ڪيا ويا 21 December 2017[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.