نوشهرو فيروز ضلعو
نوشهرو فيروز ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ نوشهرو فيروز شهر آهي.
نوشهروفيروز | |
---|---|
ضلعو | |
ضلعه نوشھروفيروز | |
نوشھروفيروز ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 26°50′N 68°07′E / 26.833°N 68.117°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | شھيد بينظيرآباد ڊويزن |
تعلقا | 5 |
تاريخ
سنواريوموجوده نوشھروفيروز ضلعو برٽش انڊيا دور کان وٺي حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ھيو جيڪو بعد نوابشاھ ضلعي جو حصو ٿيو. 1990 م ان کي نوابشاھ کان ڌار ڪري ضلعي حيثيت ڏني وئي[1]۔. چچنامي جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھن ريت بيان ڪيو آھي : ”محمد بن قاسم ساوندري يعني ساوڙي (چچنامي ۾ سائوندي لکيل آھي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو ـ جيئن ته محمد بن قاسم اروڙ طرف وڃي رھيو ھو، تنھنڪري بھراور جي تلاش ساوڙيءَ کان اُتر طرف ڪرڻ گھرجي ـ ھن کان اڳ ڏٺو ويو آھي ته محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڏانھن ايندي ”جلوالي“ جي ڍوري تي اچي منزل انداز ٿيو ھو ۽ ساوندڙيءَ ۾ به وڪر بھار جي ڍنڍ تي اچي لٿو ـ انھيءَ مان گمان نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي سھولت جي لحاظ کان محمد بن قاسم جي فوج اڪثر درياءَ جي ڦاٽن جو ڪنارو وٺي پئي ھلي ـ تنھنڪري قرين قياس آھي ته محمد بن قاسم ساوندڙي ڇڏڻ کانپوءِ مھراڻ جي ڪنھن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اُتر طرف ڪُوچ ڪيو ھجي ـ انھيءَ قديم ڍوري جا نشان ھن ساوڙيءَ کان اُتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي وانءِ، چيھي جي اولھه طرف ڀريا ۽ ھالاڻي بھلاڻيءَ وٽان اڃان تائين ظاھر بيٺا آھن ـ“[1] بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو : ”انھيءَ قديم ڍوري جي رُخ ۽ رستي جي لحاظ سان بھراور مان ڀريا ۽ بھلاڻي جو گمان نڪري ٿو ـ بھلاڻي ڪافي پراڻي بستي آھي ۽ جيئن ھالاڻي (ھالا قوم جي بستي) تي ھالا قوم جي پويان نالو پيل آھي، تيئن ممڪن آھي ته بھلاڻي (ڀلاڻي، ڀراڻي، ڀرياڻي) تي به ڀريا قوم جي پويان اھو نالو پيل ھجي ـ انھيءَ گمان موجب بھلاڻي توڙي ڀريا ، اھي ٻئي نالا ڀريا قوم جي بستين پويان پيل ٿا ڀائنجن ـ ڀريا قوم به سھتن ۽ لاکن وانگر شايد سنڌ جي آڳاٽي قوم ھئي ـ ٿي سگھي ٿو ته بھراور (ڀراور _ ڀريا) ڀريا قوم جي ڏاکڻي بستي ھجي جيڪا موجوده ڀريا شھر جي آسپاس ھئي ـ “[1]
تعلقا
سنواريوهن ضلعي ۾ پنج تعلقا آهن.
يونين ڪاؤنسلون
سنواريو# | يونين ڪاؤنسل | # | يونين ڪائونسل | # | يونين ڪاؤنسل |
---|---|---|---|---|---|
1 | محبت ديرو سيال | 2 | ڪوڙو خشڪ | 3 | شيخاڻي |
4 | موريا | 5 | ڄام نورالله | 6 | گھانگھرا |
7 | ڪنڍڙ | 8 | غلام شاھ | 9 | [[]] |
10 | [[]] | 11 | سومر چنڙ | 12 | ڪمال ڏيرو |
13 | [[]] | 14 | [[]] | 15 | [[]] |
16 | جيئندو راجپوت | 17 | ميھار حاجي | 18 | لاکا روڊ |
19 | سعيد پور | 20 | نئون آباد | 21 | ھوت خان جلباڻي |
22 | ڊالي | 23 | راجو ڪيريو | 24 | دريا خان جلباڻي |
25 | چاھين | 26 | بيلا واھ | 27 | غير گاجو |
28 | خاني قاسم | 29 | خاني ميمڻ | 30 | ڪوٽ بھادر |
31 | [[]] | 32 | [[]] | 33 | داليپوٽا |
34 | [[]] | 35 | دانگيجا | 36 | چيھو |
37 | ڀنڀري | 38 | چناري | 39 | مسرور جي واھ |
40 | ويسر، نوشھروفيروز | 41 | ڦل | 42 | نورپور |
43 | وڳڻ | 44 | ابران | 45 | ڪور حسن |
46 | سرھال | 47 | ڀرنڊ | 48 | ٺاٺ |
49 | ڪينچي جاگير | 50 | ڪاھر واھ | 51 | لنڊڪي |
52 | ڪيھڪٽ | 53 | خالصو | 54 | پراڻو ڳچيرو |
55 | ليلئا | 56 | فتو بلال | 57 | درس |
58 | ڪوٽ ستابو | 59 | مناھين | 60 | صالح پور |
61 | جتوئي | 62 | دلو شاھ | 63 | ڏيپارجا |
64 | ليٺ | - | - | - | - |
درگاهون
سنواريوهن ضلعي ۾ هيٺيون مشهور درگاهون موجود آهن.
مشھور شخصيتون
سنواريوهتي جو مشهور شخصيتون هيٺيون آهن
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 [ بَھراوَر کان ڀِريا تائين تاريخ جو سفر:ڪاوش اخبار 29 جولاءِ 2018ع، پھرين قسط، ڪالم نويس: نصير اعجاز]
- ↑ [ https://www.politicpk.com/naushehro-feroz-district-uc-list-mna-mpa-seats-%d9%86%d9%88%d8%b4%db%81%d8%b1%d9%88%d9%81%db%8c%d8%b1%d9%88%d8%b2-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%da%a9%db%8c-%db%8c%d9%88%d9%86%db%8c%d9%86-%da%a9%d9%88%d9%86/] نوشھرو فيروز، پوليٽيڪو. ڪام