محراب پور تعلقو

سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعي جو هڪ تعلقو
(محرابپور تعلقو کان چوريل)

مھراب پور تعلقو(انگريزي: Mehrabpur Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ضلعي نوشهرو فيروز جو هڪ تعلقو آهي.جنھن جو صدر مقام محراب پور شھر آھي. ھن تعلقي ۾ ٻہ ٽائون ڪاميٽيون واقع آهي: محراب پور ٽائون ڪاميٽي ۽ ھالاڻي ٽائون ڪاميٽي. ان کان سواءِ بھلاڻي، قاسم شاھ ڳوٺ، مختيار آباد، ضمير آباد، چنيه، ڪوٽڙي ڪبير، سيال آباد، جيئندو راڄپر، موليڏنو حاجي ۽ لاکا روڊ پڻ ھن تعلقي ۾ واقع آھن. نيشنل ھاء وي 5 ۽ روھڙي ڪئنال پڻ ھن تعلقي مان گذرن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، 22 اپريل 2005ع تي، هتي اچي هن شهر کي تعلقي هيڊ ڪواٽر بڻائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جو نوٽيفڪيشن سنڌ حڪومت پاران 21 جون 2005ع تي جاري ڪيو ويو. جنهن بعد هن شهر جي ڪارو بار ۾ اضافو آيو ۽ وڃايل رونق بحال ٿي[2].

مھرابپور تعلقو
Mehrabpur Taluka
تعلقو
مھرابپور تعلقو is located in سنڌ
مھرابپور تعلقو
مھرابپور تعلقو
مھرابپور تعلقو is located in Pakistan
مھرابپور تعلقو
مھرابپور تعلقو
جاگرافي بيهڪ: 27°05′58″N 68°25′15″E / 27.099444°N 68.420833°E / 27.099444; 68.420833
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
حڪومت
 • باني مھراب جتوئي
 • ضلعو نوشھروفيروز ضلعو
پکيڙ
 • ڪل 484 ڪ.م2 (187 ميل2)
بلندي 28 ميل (92 ft)
آبادي
 • ڪل 2,47,280


ھن تعلقي ۾ ڪل ديھون واقع آهن.

مھراب پور تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 بگوديرو 2 ٻھلڻي 3 ڀورگي 4 ڇڀڙ ٻاڀڻ
5 ڊينگارو 6 ديھات 7 ديواڻ 8 ڊوڍا
9 گوڌو ھندو 10 ھالاڻي 11 ھوت خان جلباڻي 12 جيئندو راڄپر
13 ککڙي 14 کارڪ 15 خدابخش جلباڻي 16 ڪوٽڙي ڪبير
17 لانگڙجي 18 مڏ ابياڻي 19 ميھر حاجي 20 مھرابپور
21 موليڏنو حاجي 22 نٿو راڄپر 23 نئون آباد 24 پير وائتو
25 پنجابڻ 26 قيصر مري 27 راڄو ڏاھري 28 سعيدپور
29 صالح سھتو 30 سانگي 31 ستارڏنو مڱريو 32 سيد شجاع
33 توتاہ 34 وگھيامل

سنه 1189ھ ۾ جڏهن ميان سرفراز جي ڀڄي وڃڻ تي مير فتح خان سندس ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو، تڏهن مهراب جتوئي هن کي وزير ڪري ڏنو ويو هو. خداآباد تڏهن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هو جتوين جو سردار هو ۽ زور وارو ماڻهو هو. مهراب پور ڪنڊياري تعلقي واري انهيءَ جي ٻڌايل آهي. پوءِ جڏهن مير بجار آيو، تڏهن مهراب جتوئي تاجي ليکي ۽ ٻين سان گڏ ميان غلام نبيءَ جي طرفان تاجي ليکي ۽ ٻين سان گڏ ميان غلام نبيءَ جي طرفان ميرن سان وڙهيو ۽ لانياريءَ واري جنگ ۾ شڪست کاڌائين. پوءِ ڦري مير جي پاسي ٿيو، جيئن ڪن ٻين سردارن به ڪيو. پر وري جڏهن ميان عبدالنبي قلات جي خان جي مدد وٺي وڙهڻ آيو، تڏهن مهراب ۽ ٻيا وڃي ساڻس شامل ٿيا ۽ چالڪ جي پل واريءَ جنگ ۾ وڙهيا ۽ مير عبدالله خان انهن کي شڪست ڏني ۽ مهراب انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو. سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ تاجو فقير ۽ انهيءَ جو مائٽ ڌگاڻو جتوئي هالاڻيءَ واري جنگ کان پوءِ جڏهن مير فتح علي خان سنڌ ورتي، تڏهن پشيمان ٿي اچي ساڻس شامل ٿيا. [4]


ھن تعلقي جي آبادي 1998ع ۾ 1,55,345 ھئي جيڪا 2017ع م وڌي 2,47,280 ٿي وئي[1]. تعلقي ۾ آبادي جي گھاٽائي 510.7 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر آهي[1]. 2017 جي ڪاٿي مطابق تعلقي جي شھري آبادي 76,813 ھئي جيڪا محراب پور شھر ۽ ھالاڻي شھر ۾ رهندڙ ھئي ۽ ڪل آبادي جو %31.1 ھئي. ٻھراڙيءَ واري آبادي جو تعداد 1,70,467 ھيو جيڪا ڪل آبادي جو %68.9 ھئي[1].

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 https://www.citypopulation.de/Pakistan-Sindh.html?cityid=27481-
  2. ڪتاب جو نالو: محرابپور جي عزاداري؛ ليکڪ: مولائي ملاح ڇاپو: پهريون سال: ©2017ع ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ-[1][مئل ڳنڍڻو] -
  3. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]
  4. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو