ديھ ڪور حسن(انگريزي: Deh Koor Hassan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪور سليمان تپي ۾ واقع آهي.

ڪور حسن (قمبر)
ديھ ڪور حسن
ديھ
Deh Kur Hassan
ڪور حسن (قمبر) is located in سنڌ
ڪور حسن (قمبر)
ڪور حسن (قمبر)
ڪور حسن (قمبر) is located in Pakistan
ڪور حسن (قمبر)
ڪور حسن (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°41′50″N 67°49′03″E / 27.69722°N 67.81750°E / 27.69722; 67.81750مڪانيت: 27°41′50″N 67°49′03″E / 27.69722°N 67.81750°E / 27.69722; 67.81750
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,608

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ميروخان تعلقي جي ديھ ڪور اسماعيل، اوڀر ۾ ديھ ڪمال خان، اولھ ۾ ديھ ڌيرو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ وڪڙو ۽ ديھ ڪور سليمان واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ ۾ ڳوٺ ميرڻ ماڇي ۽ ڳوٺ خيرو گاڏھي واقع آهن. خيرو گاڏھي ديھ جو سڀ کان وڏو ڳوٺ آهي جيڪو دوست علي واري دڳ ذريعي قمبر سان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي روڊ ذريعي ڳنڍيل آهي. ان جي اولھ طرف ساڳي لنڪ روڊ سان اڍائي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڇوڙي شاخ جي ڪپ تي ڳوٺ ميرڻ ماڇي واقع آهي جتي ھڪ مڊل اسڪول پڻ آهي. ھن ديھ م ڇوڙي ڊسٽريبيوٽري کان علاوه گوپانگ ڊسٽريبيوٽري پڻ وھندڙ آھي. ڪجهه ٻيا ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ پڻ ھن ديھ ۾ واقع آهن.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,608 ھئي جيڪا 289 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]