نصير سومرو
هن مضمون کي وڌيڪ حوالن جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقتن جي تصديق ڪري سگهجي. |
نصير سومرو [1] انگريزي ٻولي: Naseer Soomro (پيدائش: 28 مارچ 1964ع) هنڱورجا، خيرپور ضلعو سنڌ، پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ وارو انجينئر، صحافي، شاعر، نثر نگار، نقاد ۽ ڪالم نگار آهي.
نصير سومرو | |
---|---|
پيدائش | نصير احمد سومرو 28 مارچ 1964ع هنڱورجا، خيرپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
قلمي نالو | نصير سومرو |
ڌنڌو | ليکڪ، شاعر، صحافي |
ٻولي | اردو، سنڌي ٻولي، انگريزي ٻولي |
قوميت | پاڪستان |
تعليم | بيچلر آف انجينئرنگ (مٽلرجي) |
مادرِ علمي | مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، ڄامشورو، پاڪستان |
صنف | شاعري، نثر نگاري، ڪالم نگاري، تنقيد، لسانيات |
مُکيه ڪم | ورکا نيڻ وسن جل تي ڪنول جيئن شاعراڻا ويچار پنو پنو پڙلاءُ |
اولاد | ٻه پُٽ ۽ هڪ ڌيءُ |
ويبسائيٽ | |
http://naseersoomro.blogspot.com |
زندگي جو احوال
سنواريونصيرسومرو 28 مارچ 1964ع ۾ مولانا اللہ بخش سومرو (1923ع - 2008ع) جي گهر هنڱورجا، خيرپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا اللہ بخش سومرو کان حاصل ڪيائين . 1980ع ۾ ميٽرڪ گورنمنٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول هنڱورجا ضلعي خيرپور مان ۽ انٽرميڊئيٽ (پري انجينئرنگ) گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو، سنڌ مان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ پاڻ مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، ڄامشورو ۾ داخلا ورتي ۽ بيچلر آف انجينئرنگ (مٽلرجي) جي ڊگري سال 1989ع-1984ع ۾ امتيازي نمبرن سان حاصل ڪئي.[2]
ملازمت
سنواريو1990ع کان 2000ع تائين پاڪستان اسٽيل ملز ۾ خدمتون انجام ڏنيون. هن اسٽيل مل واري انجنيئري خدمتن مان وقت کان اڳ ۾ رٽائرمينٽ ورتي، ان کانپوءِ (سن 2000ع) ۾ سنڌي ٻولي جي باختيار اداري حيدرآباد طرفان متعارف ڪرايل غير-سنڌي آفيسرن کي سنڌي ٻولي جي سکيا واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي جي “انگريزي سنڌي لغت” پروجيڪٽ ۾ فري لانس پروف ريڊر ۽ ايڊيٽر جون خدمتون ڏنيون. پروجيڪت جو انچارج ناميارو ليکڪ بدر ابڙو هو. هيءَ ڊڪشنري ڇپجي چڪي آهي. لغت اندر ايڊيٽوريل سٿ ۾ نصير سومري جو نالو پڻ ڇپيل آهي. ڪيترين اخبارن ۾ صحافتتي ذميداريون نڀايون اٿس. ڊيلي سنڌ ٽائيمس، سڪار ۽ برسات ۾ ڪم ڪيائين. هن وقت فري لانس رائيٽر طور مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو رهي ٿو.[2]
ادبي خدمتون
سنواريونصير سومرو هڪ ئي وقت سنڌي ٻولي ۽اردو ۾ شاعري ڪندو آهي. سندن اڄ تائين ست ڪتاب شائيع ٿي چُڪا آهن جِن ۾ شاعري جا ڪتاب به اهن ته ادبي تنقيد، تي لکيل نثر ۾ به آهن. ان کان علاوه هو ڪالم پڻ لکندو آهي. پهريون شعري مجموعو “پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦڙا” نالي سن 1997ع ۾ ڇپيو هو. غزلن جو مجموعو “ورکا نيڻ وسن” سن 1999ع ۾ ڇپيس. سن 2008ع ۾ شعري مجموعو “جل تي ڪنول جيئن” ڇپيس، جنهن جي مهورت 4 ڊسمبر 2008 تي اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ڪراچي واري آفيس آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي هئي. ڪتاب جي مهورت نامياري شاعر تاجل بيوس ۽ اردو جي شاعر ۽ مترجم پروفيسر آفاق صديقي ڪئي هئي. هن مهورتي تقريب ۾ تاجل بيوس کي مقالو پڙهندي برين هيمريج ٿيو هو.
سندن ڪالم جهان پاڪستان، روزاني عوامي آواز،روزاني ڪاوش ۽ روزاني هلال پاڪستان (سنڌي ٻولي) ۾ شائيع ٿيندا آهن. پاڻ آڪسفرڊ انگلش-سنڌي ڊڪشنري ۾ بطور نائب ايڊيٽر ۽ پروف ريڊر پڻ ڪم ڪيائين.[2] ماهوار سنڌ راڻي، ماهوار سورمي، ماهوار پرک، ماهوار ريکائون، ماهوار سنڌيا ۽ خاص طور روزاني ڪاوش ۽ روزاني عوامي آواز جي سنڊي مئگزين ۾ باقاعدگي سان ڇپجندو آهي. ماهوار سوجھرو، جيڪو هن وقت ڇپجڻ بند ٿي چڪو آهي تنهن ۾ گھڻو لکيائين. ست عدد ڪتابن جو مصنف آهي. هٿن جي نثر کي پڙهندڙ گھڻو پسند ڪندا آهن، هن وٽ زندگي جو وسيع تجربو، مشاهدو ۽ مختلف علوم جو مطالعو آهي جيڪو ڪڏهن شعري ته ڪڏهن نثري گھاڙيٽن ۾ قلمبند ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
نصير جو آواز به ڀلو آهي. ريڊيو پاڪستان جي ادبي پروگرام “رسالو” ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو پرفارمر به آهي. ڪيترا ئي مشاعرا پڙهيا اٿائين. سن 2010ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي مشاعرو بعنوان “امن جي آشا” پڙهيو هئائين جنهن جي صدارت ننڍي کنڊ جي نامياري شاعر ندا فاضلي ڪئي هئي. هو آرٽس ڪائونسل جو باقاعده ميمبر آهي.
ڪراچي ۾ سنڌي اردو جي وڏن وڏن شاعرن جي موجودگي ۾ مشاعرا به پڙهيا اٿائين ته ادبي نشتن ۾ پنهنجو ڪلام تنقيدي اڀياس لاءِ پيش ڪندو اهي. انيس انصاري اڪيڊمي ڪراچي جي مشاعرن ۾ پڙهيل سندس ڪلام جون وڊيو ڪلپس يو تيوب ٿي اپ دستياب آهن. هن جو نالو سي ايس ايس جي سنڌي سبجيڪٽ ۾ بطور جديد شاعر جي شامل آهي جيڪو هن شاعر هجڻ جي مڃتا آهي.
ڪراچي ۾ جيئن گھڻيون ۽ مسلسل ادبي ۽ ثقفتي سرگرميون آرٽس نڪائونسل ۽ ڪراچي پريس ڪلب طرفان منعقد ٿينديون آهن تيئن اڪادمي ادبيات پاڪسان طرفان به هر هفتي مشاعرو منعقد ٿيندو آهي. ان مشاعري ۾ به نصير سومرو شريڪ ٿيندو آهي.
ڪلام جو نمونو
سنواريوغزل
کچھ کہیں کچھ سنیں آؤ بیٹھیں کہیں | خواب پھر سے بُنیں آؤ بیٹھیں کہیں | |
منزلوں کے نشاں مٹ گئے گرد میں | کیسے رستہ چنیں آؤ بیٹھیں کہیں | |
کچھ نہ تھے کچھ نہیں کچھہ نہ ہوں گے کبھی | آس ہے کچھ بنیں آؤ بیٹھیں کہیں | |
ناچنا ہے اگر ایک دھن پر ہی کیوں | اور بھی ہیں دھنیں آؤ بیٹھیں کہیں | |
کھو گئے تھے تلاشِ خودی میں نصیر | اب نہیں الجھنیں آؤ بیٹھیں کہیں |
شعر
کتابِ ذات ہو کہ لقائے ماہ و انجم نصیر | سرِ ورق کوئی اور ہے پسِ ورق کوئی اور |
غزل
اب خودی کو کیا ہوا ویسی نہیں | سرخوشی کو کیا ہوا ویسی نہیں | |
شب وہی تاریک ہے ظلمات کی | روشنی کو کیا ہوا ویسی نہیں | |
بے وفا بادل چلو اپنی جگہ | تشنگی کو کیا ہوا ویسی نہیں | |
جی رہے ہیں کم نہیں یہ حوصلہ | زندگی کو کیا ہوا ویسی نہیں |
مکاں نے زماں سے کہا بھی نہیں | تبدل کا طوفاں تھما بھی نہیں | |
یہ ادراک لولاک بے باک دیکھ | سفر ارتقا کا رکا بھی نہیں | |
گھنی رات جگنو حسیں چاندنی | سحر سے تقابل ذرا بھی نہیں | |
گذرتا ہے لمحہ یہ کہتا ہوا | خودی گر نہیں پھر خدا بھی نہیں | |
جو دیکھیں تو بکھرے ہوئے سارے رنگ | جو سوچیں تو کوئی جدا بھی نہیں | |
بدلتے رہے دہر کے ساتھ ہم | کہا بھی نہیں کچھ سنا بھی نہیں | |
یہ کس طرز کی رہگذر ہے نصیر | کہ منزل کہاں ہے پتا بھی نہیں |
غزل
ڀري جوانيءَ گلاب ارپيو | گلاب خوشبوءَ سراب ارپيو | |
سراب کوليون اکيون امالڪ | نظر نظر هو شراب ارپيو | |
شراب ڇا هو نشو نشي تي | خُمارَ ڪافر خطاب ارپيو | |
چُنيءَ بدن تي ڪا کير ڌارا | ٽاڪي ٽاڪي هو اَلاڀ ارپيو | |
تنهنجي چانڊوڪي ڏٺي چندرما | اُڌار سِجَ هو نقاب ارپيو | |
چِٽو چوڏهينءَ تي نظر ايندو آ | چُٽو، جو چنڊ کي شباب ارپيو | |
۽ ڏات ديويءَ ڀريو ڀاڪر ۾ | سرور يڪتا عتاب ارپيو |
تخليقون
سنواريوسندس هيٺ ڏنل لکڻيون ڇپجي چڪيون آهن
- پرھ ڦٽيءَ جا ماڪ ڦڙا (شاعري، 1997ع)
- ورکا نيڻ وسن (شاعري، 1999ع)
- جل تي ڪنول جيئن (شاعري، 2008ع)
- شاعراڻا ويچار (نثر، 2012ع)
- پنو پنو پڙلاءُ (شاعري، 2014ع)
- سانگي پکي سار جا (شاعري، 2016ع)
- ورھین جا ورلاپ (نثر، 2017ع)
- وسعتِ داماں (اردو شعري مجموعو، 2021ع)
پڻ ڏسو
سنواريو- سومرو
- هنڱورجا
- انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (سنڌي)، ڀاڱو اٺون، سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد
- سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو (سنڌي)، مختيار احمد ملاح، ڪاٺياواڙ اسٽور، ڪراچي 2014
حوالا
سنواريو- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (سنڌي), ڀاڱو اٺون، سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، ص219
- ↑ 2.0 2.1 2.2 نصير سومرو بلاگ پوسٽ، ڪراچي