آڪسفورڊ يونيورسٽي

آڪسفورڊ (Oxford)، انگلينڊ جو مشهور شهر آهي، جيڪو ”آڪس درياھ“ جي ڪناري تي ٻڌل آهي. هن اانگريزي لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: ”آڪس درياھ جو گھاٽ (ڪنارو).“ انگلينڊ جي هِن مشهور شهر ۾، دنيا جي قديم ترين درسگاھ ”آڪسفورڊ يونيورسٽي“ واقع آهي، جنهن جو شمار دنيا جي تمام وڏن تعليمي ادارن ۾ ٿئي ٿو. هن درسگاھ جو بنياد تہ قديم زماني کان رکيل آهي، پر ان ۾ باقاعده تعليم جو سلسلو 1133ع کان شروع ٿيو. 1163ع ۾ هن درسگاھ جو درجو وڌائي ”يونيورسٽي“ ڪيو ويو. هن وقت ٽيھ ڪاليج ساڻس لاڳاپيل آهن. پڙهائيءَ جو طريقو ڪاليجن توڙي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ جهڙو آهي، جيڪو صرف ”ليڪچرن“ تائين محدود آهي. اتان جا استاد پنهنجي رهائشگاهن تي بہ تعليم ۽ تربيت ڏين ٿا. ”آڪسفورڊ يونيورسٽي“ جي مشهور ”بوڊيلين (Bodielian) لائبرري“ پوري دنيا ۾ مشهور ۽ وڏي لائبرري آهي. سال 1946ع ۾ واڌارو ڪري، هن لائبرري ۾ پنجاھ لک ڪتابن جي گنجائش رکي وئي هئي.[1]

حوالا سنواريو