نثر __(Prose):

’نثر‘ جي لغوي معنيٰ آهي، ’ٽڙيل پکڙيل لفظ‘. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪو اديب يا ليکڪ جدا جدا لفظن کي ملائي، جملن جي شڪل ۾ ٻين جي اڳيان ڪا تحرير پيش ڪري. مطلب ته نثر اهي بياني فقرا آهن، جن ۾ ڪنهن ڏنل نظاري، واقعي يا حقيقت کي لفظن ذريعي جملن جي روپ ۾ سلسلو پيدا ڪري، ماڻهن اڳيان تقرير (زباني) يا تحرير (لکيت) جي صورت ۾ پيش ڪجن. نثر اهو ادب اھي، جيڪو شاعري نھ ھجي. اسان جي گفتگو ھميشھ نثر ۾ ھوندي اھي، جڏھن دل جي امنگن جو اثر ٻين تائين پھچي تھ ادب جي ان حصي کي ”نظم“ چئبو اھي. پر جڏھن دماغ جي خيالات جو اثر ٻين تائين پھچي تھ اھڙي ادب کي نثر چئبو اھي. نثر جي وڏي خاصيت آهي ته آهي ته ان ۾ هر ڪنهن قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو، جهڙوڪ، سائنس، حڪمت، سماجي اڀياس، افسانا، آکاڻيون، ناٽڪ، روزمره جون ڳالهيون ۽ بحث مباحثا، ڪورٽن جا فيصلا، حڪومت جا قاعدا قانون وغيره. نثر جا ٽي قسم ڄاڻايا ويا آهن: (1) نثر مرجز، (2) نثر مسجع ۽ (3) نثري عاري.[1].

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي