سماجي اڀياس
سماجي اڀياس سماجي سائنس، بشريات ۽ تاريخ جو مجموعي مطالعو آھي. اسڪولي پروگرامن ۾ سماجي اڀياس ھيٺ ھڪ مربوط ۽ منظم پڙھائي فراھم ٿئي ٿي جنھن ۾ انسانيات، قديم آثار، معاشيات، جاگرافي، تاريخ، عدليه، فلسفو، سياسيات، نفسيات، مذهب ۽ سماجيات جھڙا تعليمي شعبا شامل ھوندا آھن، جن سان گڏوگڏ مناسب مواد بشريات، رياضي ۽ قدرتي سائنس مان شامل ڪيو ويندو آھي.
تعارف
سنواريوسماجي اڀياس جو اولين مقصد ھي آھي تہ جوان ماڻھو اھا صلاحيت پيدا ڪن جنھن سان اھا معلومات ۽ وجھن سان گڏ عوامي مفاد جا فيصلي وٺي سگھن.[1]
عام طور تي سماجي اڀياس تاريخ ۽ جاگرافي ۾ ان وقت ورھائجي وڃي ٿو جڏھن شاگرد ڇھين جماعت يا ان جي ويجھو ڪنھن جماعت ۾ پھنچندو آھي. ڪجهه آمريڪي اسڪولن ۾ ثانوي سطح تي جاگرافي جو ڪو ڪلاس نہ ھوندو آھي.
تاريخ
سنواريوسماجي اڀياس جي ھاڻوڪي تاسيس بغير ڪنھن شڪ جي با اثر شخصيتن تي مرڪوز ٿيڻ تي ٺھيل آھي.[2] 1916ع جو ھڪ مطالعو جنھن جو عنوان Social Studies in Secondary Education ھو،[3][4][5] ان کي نيشنل ايجوڪيشن ايسوسي ايشن جي طرفان گڏ ڪيو ويو ۽ آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ تعليم جي دفتر جي طرف کان شايع ڪيو ويو. سماجي اڀياس انسان ۽ ان جي ارد گرد جي ماحول جو مطالعو آھي.
حوالا
سنواريو- ↑ (NCSS Task Force on Standards for Teaching and Learning in the Social Studies, 1993, p. 213)
- ↑ John Dewey and the Dawn of Social Studies: Unraveling Conflicting Interpretations of the 1916 Report
- ↑ M. Lybarger "Origins of the Modern Social Studies: 1900-1916"
- ↑ Unraveling Conflicting Interpretations: A Re-Examination of the 1916 Report on Social Studies
- ↑ Social Studies Education - Overview, Preparation of Teachers