مَنگهر (ناهري)

نانڪ شاهي سنڌي هندو ڪئلينڊر جو نائون مهينو

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو نائون مهينو آهي جيڪو ڪَتي ۽ پوھ جي وچ ۾ آهي.

14 نومبر کان 13 ڊسمبر تائين هوندو آهي. ناهري 30 ڏينھن جو مهينو آهي.

لفظ ناهري سنواريو

هن جو بنياد ويدڪ سنسڪرت شبدن (لفظن) ”نو- آن- آهار“ آهي.

نَوَ- آن- آهار= نَوَ آهار= نواهار= ناهار= ناهري

ناهري جي لفظي معني ٿئي ٿي نئون کاڌو(فصل)

هن مهيني تي اهو نالو ان ڪري رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته ويدن جي زماني ۾ سياري جو فصل ناهريءَ ۾ لڻندا هئا. اُن کي ”نئين فصل جو اَن“ ڪري سڏيندا هئا. اُن زماني ۾ سال جي شروعات به ناهريءَ کان وٺي ليکبي هئي، جنهن ڪري اِن مهيني تي ”اگرهاين“- اگهن نالو به پيو.

ٻيا نالا سنواريو

نهري

اگھن / اگرهاين

مَنِگهرِ / مِنگر / مگهر (سنڌي ٻوليءَ ۾ مِنگر يا مگهر لفظ سنسڪرت ”مارگ شيرش“ جا بدليل روپ آهن.)

علم نجوم سنواريو

علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي جيشٺا ۽ مول نکٽن جا اثر رهن ٿا.

لوڪ سنڌي ڏاهپ ۾ سنواريو

  1. مَنِگهرِ (نومبر/ ڊسمبر) مھيني تائين ڪڻڪون پوکبيون آهن. هن مھيني ۾ سخت سيءَ پوندا آهن ۽ ٿَڌ لڳڻ سبب، سِرسَام جو خطرو هوندو آهي. ان ڪري چوندا آهن؛ مَنگهر، پاڻيءَ ۾ نه گِهرِ (گھِڙ)
  2. ناهري ڏي ٻهاري ته سج وڃي پهري. مطلب ناهري ۾ سج جلدي لهندو آهي.
  3. سياڻن جو چوڻ آهي ته منگهر ۽ پوهه جي مھينن ۾ زيتون کائجي. ڇو ته هن موسم ۾ زيتون اندر جِيتَ ۽ ڪينئان گهٽ ٿيندا آهن. منگهر ۽ پوهه، کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ سٺا مھينا ليکبا آهن. کير ۽ مکڻ، ماکي ۽ مڇي، گوشت ۽ ڦل يا ٻيون شيون، جيتريون واپرائبيون اوترو وِتُ وڌندو.

حوالا سنواريو