مهراڻ هاءِ وي

پاڪستان ۾ سنڌ جو صوبائي روڊ (سڙڪ) (سنگل لائن روڊ جي ٻہ طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ سڙڪ)

مهراڻ هاءِ وي (جنهن کي مقامي طور نوابشاهه-ڪوٽ لالو-ڪمب روڊ ۽ سرڪاري طور تي هاءِ وي-31 جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي)، سنڌ ۾ صوبائي سطح تي انتظام هيٺ هڪ هاءِ وي آهي، جيڪو خيرپور کان نوابشاهه تائين پکڙيل آهي.

Highway S–
Mehran Highway
مهران شاہراہ
مِهِراڻ ُ هاءِوي
Route information
Maintained by محڪمو سنڌ هاءِ ويز
ڊيگهه 163 km[1] (101 mi)
Major junctions
اُتر end at خيرپور(ٺيڙهي ويجهو)
ڏکڻ end at نواب شاهہ
Location
Major citiesدوڙ
ٻانڌي
ڪوٽ لالو
ٺري مير واهہ
راڻي پُور

هي رستو عام طور تي ٻهراڙي منجهان گذري ٿو، جيڪو شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ دوڙ ۽ ٻانڌي شهرن ۽ خير پور ضلعي ۾ فيض گنج (پڪا چانگ)، ڪوٽ لالو، ٺري ميرواهه ۽ راڻي پور سميت مختلف ٻهراڙي وارن علائقن منجهان گزري ٿو ۽ راڻيپور شهر ۾ وڃي N-5 قومي شاهراهه سان ملي ٿو. هي رستو (روٽ) 131 ڪلوميٽر 131 ڪلوميٽر (81 mi) (81 ميل) ڊگهو آهي، جنهن جي رفتار حد 60 ڪلوميٽر/ في ڪلاڪ 60 km/h (37 mph) (37 ميل في ڪلاڪ) آهي، سواءِ انهن شهرن جي، جتي رفتار جي حد کي گهٽائي 40 ڪلوميٽر 40 km/h (25 mph) في ڪلاڪ (25 ميل في ڪلاڪ) رکيو ويو آهي. ان رستي تي سفر جو ڪُل وقت اٽڪل 1 ڪلاڪ 58 منٽ آهي. اُتريون ٽرمنس (آخري اسٽيشن) قومي شاهراهہ N-5 سان وڃي ملي ٿو جڏهن تہ ڏاکڻيون ٽرمينس N-305 قومي شاهراهہ سان وڃِي ملي ٿو.

تاريخي پس منظر سنواريو

مهراڻ شاهراهہ جي نئين سِر اڏاوت کان اڳ، هي رستو (روڊ) ڪنب-نواب شاهہ روڊ جي نالي سان سُڃاتو ويندو رهيو آهي. دفتري ڪاروائي جي رسمي پابندي (ريڊ ٽيپ ازم) ۽ اڻَ پورن اڏاوتي حصن جي سبب سڙڪ جي نئين سِر تعمير جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان زيرالتوا رهيو، جنهن جي سبب سان گهڻو ماحولياتي آلودگي پکڙجندي رهي.[2] سنڌ هاءِ ويز کاتي جون 1، 2015 تي نئين سِر اڏاوت ۽ بحالي جو ڪم پورو ڪيو هيو ۽ ان روڊ جي بحالي ۽ اڏاوت لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران مالي سهائتا جو فنڊ جاري ڪيو ويو هيو.[3][4]

حادثا سنواريو

 
View of Mehran Highway, also known as the Nawabshah–Kot Lalu–Kumb Road, prior to reconstruction.

مهراڻ هاءِ وي تمام گهڻي مقدار واري ٽريفڪ روڊ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو نواب شاهہ ۽ خيرپور ضلعن کي پاڻ ۾ زميني رستي سان ملائي ٿو ۽ سکر ڏانهن اچڻ وڃڻ جي لاءِ هڪ شارٽ ڪٽ پيش ڪري ٿو. ڪراچي، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۽ ڪراچي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير کان ايندڙ ويندڙ گهڻي وزن واريون گڏيون، ٽرڪون ۽ ٻيون باربرداري، روانگي (آمدورفت) گاڏيون اڪثر اين-5 قومي شاهراهہ ۽ ٽول ٽيڪس کان بچڻ جي لاءِ هن 2 لين شاهراهہ جو استعمال ڪن ٿيون. مهراڻ شاهراهہ تان گزرندڙ انهن وزني گاڏين (هيوي وهيڪلز) ۽ مسافر بسن ۽ ڪوچن جي سبب گذريل ڪُجهہ سالن ۾ مختلف موتمار حادثا ٿي چڪا آهن.[5][6][7][8] 20 آگسٽ 2013 تي، اوچ شريف (بهاولپور) کان ڪراچي ايندڙ مسافر بس ٺري ميرواهہ ويجهو سوئي گيس وٽ اونڌي ٿي پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 مسافر مري پيا هيا.[9] 24 آگسٽ 2014 تي پنجاب کان ڪراچي ڏانهن ويندڙ مسافر بس ڪوٽ لالو ڀرسان ڪراچي کان ٺري ميرواهہ ڏانهن واپس ويندڙ مسافر وين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ 10 مسافر مري ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا هيا، اهي سمورا فوتي ۽ زخمي ٿيل مسافر ٺري ميرواهہ جا رهواسي (رهائشي) هيا.[10]

پڻ ڏسو سنواريو

  • سنڌ جا صوبائي هاءِ ويز
  • پاڪستان ۾ ٽرانسپورٽ


حوالا سنواريو

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-06-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-01-19 
  2. "Mehran Highway pending for 7 years". Express Tribune. The Express Tribune News Network. 3 June 2010. http://tribune.com.pk/story/18284/mehran-highway-pending-for-7-years/. Retrieved 19 September 2015. 
  3. AMIN AHMED (16 November 2014). "Asian Bank to help build road network in Sindh". Dawn. http://www.dawn.com/news/1144812. Retrieved 19 September 2015. 
  4. "PPP’s four years of government in Sindh – by Raja Asad". lubpak.com. حاصل ڪيل 26 July 2016. 
  5. PPI (21 July 2015). "Reckless driving: 8 killed, 178 injured in road accidents". The Express Tribune. The Express Tribune News Network. http://tribune.com.pk/story/923438/reckless-driving-8-killed-178-injured-in-road-accidents/. Retrieved 16 September 2015. 
  6. "Tragedy in Khairpur: Reckless driving claims 14 lives - The Express Tribune". tribune.com.pk. حاصل ڪيل 26 July 2016. 
  7. "With two more deaths, Khairpur bus accident toll rises to 16 - The Express Tribune". tribune.com.pk. حاصل ڪيل 26 July 2016. 
  8. "Sindh's deadly highway: Fatal bus on the wrong highway without a permit - The Express Tribune". وقت 29 March 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 July 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. "Six killed in Khairpur road mishap - Pakistan - DAWN.COM". dawn.com. حاصل ڪيل 26 July 2016. 
  10. "Speed kills: Road accident claims 10 lives - The Express Tribune". tribune.com.pk. حاصل ڪيل 26 July 2016. 


ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو