دوڙ، سنڌ

سنڌ جي ضلعي بينظيرآباد جو هڪ شھر

دوڙ:دوڙ، نوابشاهه (بينظيرآباد) ضلعي جو هيءُ شهر

Dour
—  Town  —
Country  پاڪستان
District Nawabshah Sindh  پاڪستان
Town Daur
حڪومت
 - قسم Town Committee & Taluka
 - Chairman Choudhari Muhammad Waseem Afzal
 - Vice Chairman Muhammad Hussain Yaseen
منطقة وقت PKT (يو ٽي سي+5)

ڪنهن وقت سنڌ جو اهم واپاري مرڪز رهيو آهي. هيءُ شهر نوابشاهه ۽ پڊعيدن جي وچ ۾ ريلوي لائين تي واقع آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي گھڻي تعداد ۾ هندو آباد هئا، جنهنڪري هتي اناج جي واپار جو وڏو مرڪز هو. هن وقت دوڙ کي ٽائون ڪاميٽيءَ جو درجو مليل آهي. دوڙ شهر کان اولهه اتر طرف چند ميلن جي پنڌ تي مشهور بزرگ ابوالحسن ڏاهريءَ جو مقبرو آهي، جنهن جي مزار تي هر سال عرس لڳندو آهي. هتي ڏاهري، جمالي، زرداري، بروهي، مري، ڪورائي، سومرا ۽ ٻين ذاتين وارا وڏي تعداد ۾ آباد آهن. دوڙ ۽ پسگردائيءَ ۾ ديني مدرسن، هاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جو جھجھو تعداد آهي. دوڙ ۾ پرائمري توڙي هاءِ اسڪول، بئنڪون ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون قائم آهن. دوڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ به قائم آهي. 

حوالا سنواريو