ٻانڌي
ٻانڌي سنڌ صوبي جي ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ موجود هڪ شهر آهي، جنهن جي آبادي 40،000 جي لڳ ڀڳ آهي.
Bandhi ٻانڌي | |
---|---|
— Town — | |
Map, Railway Station, GBHS, Rural Health Center, Bandhi | |
Country | پاڪستان |
Province | Sindh |
District | Shaheed Benazirabad |
ايراضي | |
- ڪُل | 5 ڪلوميٽر2 (1.9 ميل2) |
آدمشماري (2014) | |
- ڪُل | 40,000 (approximate) |
منطقة وقت | PST (يو ٽي سي+5) |
Calling code | 0244 |
ويب سائيٽ | bandhi.webs.com آرڪائيو ڪيا ويا 2017-12-15 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. |
تاريخ
سنواريوٻانڌي جي تاريخ گهڻي قديم نه آهي، ڪجهه ليکن موجب ٻانڌي شهر 200 سال پراڻو آهي، جيڪو 1800ع ڌاري وجود ۾ آيو. ٻانڌي شهر بجي تاريخ بابت مشهور ليکڪ شبير احمد عباسي ”ٻانڌي جي تاريخ” ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ ٻانڌي جي تاريخي ۽ موجوده شخصيتن، ماڳن مڪانن، اسڪولن، واپارين ۽ ٻين جو ذڪر ڪيل آهي.
آباديت
سنواريوشهر ۾ رهندنڙ عوام جو وڏو تعداد سنڌي ڳالهائيندڙ آهي، جڏهن ته بلوچ، پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر به شهر جو حصو آهن. شهرين جي گهڻائي مسلمان آهي.
تعليم
سنواريوشهر ۾ تعليم جي لاءِ ڪئي سرڪاري ۽ نجي اسڪول موجود آهن، جن ۾ ٻه هائير اسڪول پڻ آهن. شهر ۾ ڪاليج نه آهي.