منگوچر تعلقو (انگريزي: Mangocher Tahsil) يا منگوڇر سب ڊويزن (انگريزي: Mangocher sub division ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جي ضلعي قلات جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام منگوڇر شھر آھي. ھن تحصيل کي ضلعي جي سب ڊويزن جو درجو مليل آهي. ھتي جي ماڻھن جي اڪثريت لانگو قبيلي وارن جي آھي ان کان سواءِ ھتي سمالاڻي، لھڙي، خراساني ۽ ڪلوبي قبيلن جا ماڻهو پڻ شامل آهن. ھن تعلقي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي ھڪ عدالت صدر مقام منگوڇر ۾ ۽ ھڪ عدالت خالق آباد م واقع آهي.[2] ھتان جو سڀ کان وڏو عملدار اسسٽنٽ ڪمشنر آھي. ھن تعلقي جو سڀ کان وڏو شھر خالق آباد آھي. ٻين وڏين وسندين ۾ ڪلي مير گوھر خان، غلام جان، ڪرڇاپ ء جوھان شامل آهن. ھن تعلقي م ھڪ سرڪل ، ھڪ پٽوار (تپو) ۽ 60 مئوزا (ديھون) واقع آهن.[3] انھن مان ,46 مئوزن ۾ ٻھراڙيءَ واري آبادي رھي ٿي ۽ باقي 14 ۾ ڪا بہ وسندي ڪانہ آھي.[3] تحصيل ۾ سڀ کان وڏو انتظامي نگران تحصيلدار ھوندو آھي ۽ سب ڊويزن م سڀ کان وڏو انتظامي نگران اسٽنٽ ڪمشنر ھوندو آھي. سب ڊويزن م ھڪ کان وڌيڪَ تحصيلون يا سب تحصيلون پڻ ھونديون آھن. جوھان سب تحصيل پڻ منگوڇر سب ڊويزن ۾ شامل آھي.

منگوڇر تعلقو
منگوڇر سب ڊويزن
بلوچستان جو تعلقو
Mangocher Tahsil
منگوڇر تعلقو is located in Balochistan, Pakistan
منگوڇر تعلقو
منگوڇر تعلقو
منگوڇر تعلقو is located in Pakistan
منگوڇر تعلقو
منگوڇر تعلقو
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 29°20′41″N 66°38′31″E / 29.34472°N 66.64194°E / 29.34472; 66.64194مڪانيت: 29°20′41″N 66°38′31″E / 29.34472°N 66.64194°E / 29.34472; 66.64194
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو بلوچستان
ضلعو قلات ضلعو
صدر مقام منگوڇر شھر
آبادي (2017)
 • ڪل [1]

حوالا سنواريو

  1. - https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82405
  2. [1] bhc.gov.pk/district-judiciary/kalat/introduction
  3. 3.0 3.1 [ https://www.pbs.gov.pk › acoPDFBalochistan Province Report on Mouza Census 2008]