الٽٽيوڊ, بلندي، اوچائي (انگريزي: Altitude )[1][2],(عربي: ارتقاع )، (فارسي: فرازا ) اڀي يا عمودي فاصلي جو ھڪ ماپو آھي جنھن سان زميني متناسق نظام جي مخصوص زميني مقام جي نقطي کان اوچائي کي ماپيو ويندو آهي. عام طور تي اھو مخصوص مقام سمنڊ جي سطح ھوندو آھي. جاگرافي ۾ ان مقام کان اوچائي لاء بلندي يا ايليويشن (elevation) جو لفظ استعمال ٿيندو آهي. عام طور تي الٽٽيوڊ جو استعمال ھوابازي، جاميٽري، جاگرافيائي سروي، راندين، ماحولياتي داٻ، ۽ کوڙ ٻين موضوعن جي نسبت سان ٿيندو آهي.

ھوابازي ۾ جھاز جي بلندي جي عمودي فاصلن جي ڀيٽ

ھوابازي وارو الٽٽيوڊ سنواريو

ھوابازي ۾ الٽٽيوڊ جا کوڙ مطلب ھوندا آھن جن ۾ بيروميٽر واري ھوائي داٻ وسيلي ماپيل انڊيڪيٽيڊڊ الٽٽيوڊ[3]، راڊار ذريعي معلوم ٿيندڙ مطلق الٽٽيوڊ ، سطح سمنڊ کان ماپيل حقيقي الٽٽيوڊ، بين الاقوامي ماحولياتي معيارن مطابق ماپيل پريشر الٽٽيوڊ ۽ گھاٽائي وارو الٽٽيوڊ وغيره شامل آهن. تنھنڪري اھو لازمي ھوندو آھي تہ الٽٽيوڊ واري ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪندڙ يا جھاز اڏائيندڙ اھو لفظ استعمال ڪرڻ وقت واقف ھجن تہ اھي ان جو استعمال ڪھڙي مطلب سان ڪري رھيا آھن[4]. ھوابازي ۾ الٽٽيوڊ جي ماپ سراسري سامونڊي سطح (MSL) يا مقامي زميني سطح (ABL) جي نقطي کان ڪئي ويندي آھي.

جاميٽري وارو الٽٽيوڊ سنواريو

ٻن يا ٽن رخن واري جاميٽري جي شڪل جي اوچائي ظاھر ڪندڙ لڪيري ڦاڪ کي ان شڪل جو الٽٽيوڊ سڏيو ويندو آهي[5]. انھن شڪلين م گھڻ ڪنڊو (polygon), پولي ھيڊران,سلينڊر، مخروط وغيره شامل آهن[5]. الٽٽيوڊ انھن شڪلين جي گوني ڪنڊ جي بنياد ماپبو آھي[5].

حوالا سنواريو

  1. "Altitude | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-03-11. 
  2. "Altitude word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2020-03-11. 
  3. Radiotelephony Manual. UK Civil Aviation Authority. 1 January 1995. CAP413. ISBN 978-0-86039-601-7. 
  4. Air Navigation. Department of the Air Force. 1 December 1989. AFM 51-40. 
  5. 5.0 5.1 5.2 ENCYCLOPEDIA OF Mathematics James Tanton, Ph.D.Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001 Library of Congress Cataloging-in-Publication Data Tanton, James Stuart, 1966 -Encyclopedia of mathematics/James Tanton. p. cm. Includes bibliographical references and index. ISBN 0-8160-5124-0 1. Mathematics—Encyclopedia. I. Title. QA5.T34 2005 510′.3—dc22 2004016785- page# 12