فيلڪس ھوفوئي بوئني

فيلڪس ھوفوئي بوئني(انگريزي: Félix Houphouët-Boigny) (فرينچ: [feliks ufwɛ(t) bwaɲi];[1][2] (ڄم:18 آڪٽوبر 1905 ؛وفات : 7 ڊسمبر 1993ع) جنھن کي بابا ھوفوئي يا پاپا ھوفوئي يا جھونو سڏيندا هئا آئيوري ڪوسٽ جو آزادي بعد پھريون صدر آھي جيڪو 1960 کان وٺي 1993ع تائين ملڪ جو صدر رھيو. صدي جي ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪَ پنھنجي موت تائين ملڪ جو صدر رھيو. ھي پنھنجي قبيلي جو پڻ سردار ھيو جیڪو فرانس جي پارليامينٽ جو رڪن ٿيو ۽ فرانس جي ڪابينه ۾ مختلف وزارتن تي فائز ٿي ڪم ڪيو. چارلس ڊي گال جي ڪابينه ۾ پڻ فرانس جي رياست جو وزير رھيو. 1960ع ۾ آئيوري ڪوسٽ جي آزادي کان پوء ملڪ جو پھريون صدر ٿيو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ان عهدي تي قائم رهيو. سندس قيادت م ملڪ معاشي خوشحالي ماڻي جيڪا سالم پاليسي، مغربي ملڪن خاص طور تي فرانس سان بھتر تعلقاتن جي ڪري عمل ۾ آئي. ڪافي ۽ ڪوڪا جي صنعت کي فروغ مليو. ھن 1966ع ۾ گھانا جي صدر ۽ انقلابي اڳواڻڪوامي نڪروما کي ھٽائڻ لاء سازش ڪندڙن جي مدد ڪئي ھئي. 1977ع ۾ بينن جي انقلابي صدر ماٿيو ڪيريڪو جي خلاف ٿيل ناڪام فوجي بغاوت جو پڻ محرڪ رھيو. 1987ع ۾ بورڪينا فاسو ۾ ٿامس سنڪارا جي خلاف ٿيل ڪامياب فوجي بغاوت ۾ پڻ سندس ھٿ ھجڻ جو شڪ ھو. ھن انگولا جي سوشلزم مخالف يونيٽا باغين جي پڻ مدد ڪئي. ھن ڪميونزم جي سخت مخالفت واري پرڏيھي پاليسي اختيار ڪئي. ھن 1967ع ۾ سوويت يونين سان سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ بعد ھن 1969ع ۾ ناتا ٽوڙي ڇڏيا ۽ 1986ع ۾ ٻيھر بحال ڪيا. ھن عوامي جمھوريه چين کي 1983ع تائين تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مغربي دنيا م ھي آفريڪا جي ڏاھي يا آفريڪا جي جھوني طور سڃاتو ويندو هو. ھوفوئي بوئني ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ عابد جان کان پنھنجي اباڻي شھر يامسوڪرو منتقل ڪيو جتي ھن دنيا جو وڏو چرچ يامسوڪرو جي ليڊي آف پيس واري بيسيليڪا ٺھرايو جنھن تي 30 ڪروڙ ڊالر لاڳت آئي.. وفات وقت ھي آفريڪا جو سڀ کان وڌيڪَ لاڳيتو اقتدار ۾ رھندڙ سربراھ ھيو ۽ دنيا ۾ ڪيوبا جي فيڊل ڪاسترو ۽ اتر ڪوريا جي ڪم ال سنگ کان پوءِ ٽيون نمبر سربراھ ھيو جيڪو سڀ کان وڌيڪَ عرصو اقتدار ۾ رھيو. 1989ع ۾ يونيسڪو سندس نالي سان امن جي بحالي ۽ تحفظ وارو فيلڪس ھوفوئي بوئني پيس پرائيز شروع ڪيو. 1991ع ۾ اھو پرائيز نيلسن منڊيلا کي مليو. ھن جي وفات بعد ملڪ جون حالتون جلد ئي بگڙي ويون. 1994ع کان 2002ع تائين ملڪ کوڙ بغاوتون، ڪرنسي جي ملھ ۾ لاٿ ۽ معاشي گھوٽالا ڏٺا. 2002 ۾ گھرو ويڙھ جي پڻ شروعات ٿي.

فيلڪس ھوفوئي بوئني

ھوفوئي بوئني 1962ع ۾
1st آئيوري ڪوسٽ جو صدر
عهدو سنڀاليو
3 نومبر 1960 – 7 ڊسمبر 1993
پيشرو ڪوبہ نہ (عھدي جي شروعات)
جانشين ھينري ڪونان بيديئي
1st آئيوري ڪوسٽ جو وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
7 آگسٽ 1960 – 27 نومبر 1960
پيشرو ڪوبہ نہ(عھدو قائم ٿيو)
جانشين عھدو ختم ٿيو
الاسن وتاھا (1990)
ذاتي تفصيل
پيدائش ڊيئا ھوفوئي
18 آڪٽوبر 1905(1905-10-18)
يامسوڪرو, فرينچ ويسٽ آفريڪا
وفات 7 ڊسمبر 1993 (عمر 88 سال)
يامسوڪرو, آئيوري ڪوسٽ
قوميت آئيوري
آئيويريئن
سياسي جماعت آئيوري ڪوسٽ جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي
جيون ساٿي ڪيڊي ريسين سو;(1930 کان 1952) طلاق
ميري ٿيريس ھوفوئي بوئني (1962–1993; ھن جي موت تائين)
  1. Noble, Kenneth B. (8 February 1994). "For Ivory Coast's Founder, Lavish Funeral". New York Times. https://query.nytimes.com/gst/fullpage.html?res=9E07E1D61638F93BA35751C0A962958260&sec=&spon=&pagewanted=all. Retrieved 22 July 2008. 
  2. "Félix Houphouët-Boigny". France Actuelle 5: p. 10. 1956.