علي گل سانگي (14 سيپٽمبر 1952 – 29 اپريل 2014) سنڌ پاڪستان جو شاعر ، ليکڪ ، سياسي ڪارڪن ، ۽ صحافي هو. سندس اردو ۽ سنڌي شاعري گهڻن ڳائڻن پاران ڳائي وئي جنهن ۾ مهناز ، استاد محمد يوسف ، منظور سخيراڻي ۽ ٻيا شامل هئا.

علي گل سانگي
مقامي ٻوليء ۾ نالو Ali Gul Sangi
پيدائش 14 سيپٽمبر 1952
دودائي ، ضلعو لاڙڪاڻو ، سنڌ ، پاڪستان
وفات 29 اپريل 2014
ڌنڌو شاعر ، صحافي ، سياستدان
صنف ڪلام ، ڪافي ، بيت ، گيت
موضوع پيار ، رومانس ، ڀائيچارو

حياتياتي سنواريو

علي گل سانگي 29 اپريل 1952 تي ڳوٺ دودائي ، ضلعي لاڙڪاڻو ، سنڌ ، پاڪستان ۾ هڪ زميندار خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو روشن علي سانگي هو. هن 1990 ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. هن گريجوئيشن پڻ خارجي اميدوار طور ڪئي. هو 11 سيپٽمبر 1983 ۾ سنڌي مسلمانن جي سانگي قبيلي جو سردار چونڊيو ويو. [1] هو پنهنجي علائقي جو هڪ مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ هو. هن تعلقي ڪائونسل لاڙڪاڻو جو چيئرمين ، يونين ڪائونسل دودائي جو چيئرمين ۽ فتح پور يونين ڪائونسل جي ناظم طور ڪم ڪيو. سياسي طور تي ، هو پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سان وابسته هو . [2]

هو هڪ سرگرم صحافي بہ هو، هن روزاني مهراڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 11 سالن تائين لاڙڪاڻو پريس ڪلب جو صدر رهيو. [3]

هو هڪ مشهور شاعر هو. هن جي شاعري خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ مشهور آهي. هن 18-19 سالن جي عمر ۾ شاعري لکڻ شروع ڪيائين. سندس شاعري ڪلاسيڪل شاعرن جعفر فقير پنهور ۽ مينهل فقير کان متاثر آهي. [4] سندس وڌيڪ شاعري سنڌي ٻولي ۾ آهي پر هن ڪجهه اردو نظم پڻ لکيا. سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي مقبول گلوڪارن جن ۾ مهناز ، استاد منظور علي خان ، استاد محمد يوسف ، سرمد سنڌي ۽ منظور سخيراني ھن جي شاعري ڳائي آهي.

علي گل سانگي 29 اپريل 2014 تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ سندس ڳوٺ واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. [5]

ڪتابَ سنواريو

علي گل سانگي درجن کن ڪتاب لکيا آهن ، جن ۾ هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ٻيا ڪتاب اڃا شايع ٿيڻا آهن. [1] [6]

  • پپرن ۾ پينگهه ، ( 1992)
  • ڪنڌيءَ نسريا ڪانہ ، 1994
  • پيرين پنڌ ڪندياس ، 1995
  • نيڻ ڳالهايائين ٿا ، 1997
  • گجر ۾ گج ، 1998

حوالا سنواريو

 

  1. 1.0 1.1 Sangi Ali Gul (In Sindhi). In Encyclopedia Sindhina, Sindhi Language Authority, Hyderabad, Sindh, Pakistan. Retrieved on 2020.04.29. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name ":0" defined multiple times with different content
  2. "لولي ۽ ڳيچ جو مزاج رکندڙ: علي گل سانگي". SindhSalamat. حاصل ڪيل 29 April 2020. 
  3. Correspondent, The Newspaper's. "Writer Ali Gul Sangi passes away". DAWN.COM. حاصل ڪيل 29 April 2020. 
  4. Bhatti, Abdul Sattar Bhatti (2000). لاڙڪاڻو امر شخصيتون. Larkano, Sindh, Pakistan: Larkano Research Academy. pp. 298-299. 
  5. "Roznama Dunya: روزنامہ دنیا :- شہر کی دنیا:-معروف شاعر علی گل سانگی انتقال کرگئے". Roznama Dunya: روزنامہ دنیا :-. حاصل ڪيل 29 April 2020. 
  6. سيال ذوالفقار, سنڌي شاعريءَ جو سفر (A سنڌي ادب جو سفر) ، پي. 189 ، سنڌي ادبي سنگت ، خيرپور ميرس جو ، 2013.