سرمد سنڌي (انگريزي:Sarmad Sindhi)(جنم: 7 مئي 1958ع-لاڏاڻو:27 ڊسمبر 1996ع) سنڌ جو ناميارو ڪلاڪار ۽ گائڪ هو. کيس سنڌ جو ٻيجل سڏيو ويندو آهي.[1]

سرمد سنڌي
عرف سرمد
پيدائشي ماڳ پريالو
وفات 1996ع
صنف پاپ، برقي پاپ، راڪ
پيشو گلوڪار

زندگي جو احوال سنواريو

سرمد جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو. هن خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالو ۾ 7 مئي 1958ع تي جنم ورتو.[2] ننڍي عمر کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، سندس آواز ۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. جڏهن سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت ”سورن سندي سڪرات آ“ جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو تمام گهڻو مشهور ٿيو. عام طور سرمد، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائيندو هو پر سندس سرائيڪي گيت به ڏاڍا مقبول ٿيا. سرمد سنڌي هڪ ڪار روڊ حادثي سبب هن دنيا مان 27 ڊسمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.[3] سرمد سنڌي جو ان حادثي کان اڳ به هڪ روڊ حادثو ٿيو هو، جنهن ۾ سرمد کي تمام گھڻا ڌڪ لڳا هئا. سندس ڀاءَ احمد مغل پهريان هن جا مشهور گيت ٻيهر ڳائي شهرت ماڻي، هاڻ هو پاڻ هڪ بهترين راڳي تسليم ڪيو وڃي ٿو. سرمد سنڌي جي قومي گيتن ڳائڻ جي ڪري کيس سنڌ جو قومي راڳي پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. سرمد سنڌي شروع ۾ ٽي ويءَ تان هڪ گيت ”لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“ ڳايو جنهن جو شاعر سميع بلوچ آهي، جيڪو پڻ تمام گھڻو مشهور ٿيو. سرمد سنڌي، شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ جا پڻ ڪيترائي گيت ۽ وايون ڳايون آهن. سرمد سنڌي جا سنڌي انقلابي گيت تمام گھڻا مشهور ٿيا، جن ۾ ” او قاتل بدلو وٺنداسين، مان نٿو مڃان، انقلاب ساٿيو،“ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي بهترين گيت ذڪر لائق آهن.

حوالا سنواريو

  1. "سنڌ جو ٻيجل : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-09-30. 
  2. "سرمد سنڌي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-21. 
  3. رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيتن ڳائيندڙ | SindhSalamat, وقت 2021-01-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-09-06 

ٻاهريون لنڪون سنواريو