محمد يوسف (انگريزي:Muhammad yousuf) سنڌ جو مشهور ڪلاسيڪي ۽ لوڪ فنڪار هو.

زندگي جو احوال سنواريو

استاد محمد يوسف 14 جنوري 1940ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاھ پاڙي ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ جو نالو لونگ فقير مڱڻهار هو. لونگ فقير بهترين ڍولڪ نواز هو جيڪو ڳائيندو به هو ته وڄائيندو به هو. لونگ فقير ڍولڪ نواز طور ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مُلازم هو.[1][2]

فن ۽ تربيت سنواريو

محمد يوسف پرائمريءَ تائين تعليم حاصل ڪئي. هن اُستاد غلام حُسين خان عرف اُستاد بيبي خان کان راڳ جي سکيا ورتي. ان کانپوءِ هن اُستاد اُميد علي خان، اُستاد مُبارڪ علي خان ۽ سونا خان بلوچ کان به سکيو. هن سڀ کان وڌيڪ سکيا استاد منظور علي خان کان ورتي.

فن جي شروعات سنواريو

محمد يوسف راڳ ڳائڻ جي باقاعدي شروعات ننڍي ڄمار ۾ 1951ع ۾ هڪ محفل سان ڪئي. پوءِ هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ڳائڻ شروع ڪيو جڏهن ته هن 1955ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي ڳائڻ شروع ڪيو. محمد يوسف پاڪستان ٽيليويزن تي به ڳاتو ۽ ڪيترين فلمن لاءِ به پلي بئڪ سنگر طور ڪلام ڳاتائين.

اوارڊ سنواريو

محمد يوسف کي ٻه ڀيرا تمغه حسن ڪارڪردگي ايوارڊ، چار شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، چار لعل شهباز قلندر ايوارڊ، ۽ ٽي سچل سرمست ايوارڊ مليا. هن کي اهو اعزاز به حاصل اهي ته سڀ کان پهرين شاه لطيف ايوارڊ کيس ئي مليو آهي.

وفات سنواريو

محمد يوسف 14 فبروري 1997ع ۾ وفات ڪري ويو.[3]

حوالا سنواريو