عزير حاجيبايوف
عزير حاجيبايوف عزير حاجيبايوف اوزير بيع عبدالحسين اوغلو حاجيبيوف (آذربائيجاني: Üzeyir bəy Əbdülhüseyn oğlu Hacıbəyov, az[yzeˈjiɾ hɑdʒɯˈbæjov] / عزیر حاجیبیوو; Russian: Узеир Абдул-Гусейн оглы Гаджибеков؛ سيپٽمبر 18، 1885 - نومبر 23، 1948) هڪ روسي سوويت ڪمپوزر راڳ جو ايجاد ڪندڙ, موسيقي اڳواڻ, پبلسٽ, ڊراما نويس, ماستر, ترجمو ڪندڙ(مترجم) ۽ سماجڪ شخص آذربائيجان جو اصلوڪو رهاڪو هو. هن کي آذربائيجان سان لاڳاپيل ڪلاسيڪي موسيقي ۽ اوپيرا ڪمپوز ڪرڻ جي حيثيت ۾ باني طور سڃاتو وڃي ٿو. اوزير حاجيبايوف جمهوريا آذربائيجان جي قومي تراني جي موسيقي تيار ڪئي هئي (جنهن کي سال 1991 کانپوءِ آذربائيجان جي سوويت يونين کان آزاديءَ کانپوءِ ٻيهر اختيار ڪيو ويو هيو). ھن سوويت يونين واري دور ۾ آذربائيجان جي استعمال ھيٺ آذربائيجاني ترانو پڻ هن تيارڪيو هيو. هيءُ اسلامي دنيا ۾ سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) جو پهريون موسيقار هو.[1][2] سنگيت ناٽڪ (اوپيرا، اھو ناٽڪ جنهن ۾ ڊائلاگ نه ھجن پر ڪنهن گيت يا بيت تي اداڪاري ٿئي).[3] 1908 ۾ عزير پنهنجو پهريون سنگيت ناٽڪ (اوپيرا)، ليلا ۽ ماجنون (عربي ٻوليءَ جي "ليلا ۽ مجنون" آکاڻي جي بنياد تي) لکيو. جيڪو هن ناٽڪ ميڪم ميوزڪ کي ٻنهين ثقافتن جي موسيقي سازن کي ڪم آڻيندي هڪ مغربي انداز ۾ تيار ڪيو هيو.
Uzeyir Hajibeyov Üzeyir bəy Hacıbəyov | |
---|---|
حاجيبايوف 1945 ۾ | |
پس منظري معلومات | |
معروفيت | Uzeyir Hajibeyli |
پيدائش | سيپٽمبر 18 1885 اگجبادي, روسي شهنشاهت |
تعلق | آذربائيجان |
وفات | نومبر 23, 1948 (عمر 63 سال) باڪو, آذربائيجان سوويت سوشلسٽ جمهوريت, يو ايس ايس آر |
صنف | ڪلاسيڪل |
پيشا | ڪمپوزر ڪنهن راڳ جو ايجاد ڪندڙ, موسيقي اڳواڻ, پبلسٽ, ڊراما نويس, ماستر، معلم، پاڙهيندڙ, ترجمو ڪندڙ(مترجم) |
سرگرم سال | 1904–1948 |
ويبسائيٽ | www.hajibeyov.com |
شروعاتي زندگي
سنواريوعزير حاجيبايوف روسي سلطنت جي شوشا گورنریٽ ۾ شوشا ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هاڻي آذربائيجان جو حصو آهي. سندس پيءُ، عبدال حسين حاجيبيوف، ڪيترن ئي سالن تائين خورشيدبانو نتاوان جو سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ هن جي ماءُ، شيرين، نتاوان جي گهر ۾ پَلجي وڏي ٿي هئي.[4] وڏو ٿيڻ تي، حاجيبايوف نتاوان جي ڪم کان ڏاڍو متاثر ٿيو.[5]
روايتي ۽ اولهائين طرز ملائڻ
سنواريوآذربائيجان ۾ 1900 کان 1940 دوران رونما ٿيندڙ وڳوڙن دوران، ھڪ خاصيت لاڳاتار اوزير حاجيبايوف جي ڪردارن جي عڪاسي ڪري ٿي. ھن سدائين اتيت (ماضي) جي ڪنھن بہ صورت کي رد ڪرڻ بدران ان کي حال ۾ ڳنڍڻ جي ڳولھا جا رستا ڪڍيا آھن.
موسيقي جون ڀاڱيداريون
سنواريو1908 ع ۾، حاجيبايوف پنهنجو پهريون اوپيرا، ليلي ۽ مجنون لکيو، جيڪو 15 صديءَ جي شاعر فضولي (فيزولي) جي درديلي المناڪ محبت جي داستان تي ٻڌل هو.[6]
پڌرائي
سنواريوسال 1919 کان 1920 ع تائين حاجيبايوف ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آذربائيجان جي مکيا سرڪاري ميڊيا اداري، آذربائيجان اخبار جو ايڊيٽر-اِن-چيف عھدي تي ڪم ڪيو.
اوپيراز
سنواريو“ليلي ۽ ماجنون”
سنواريواوپيرا آرٽ نہ رڳو آذربائيجان، پر سموري اوڀر مسلم دنيا ۾ پڻ حسيبايوف جي سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) "ليلي ۽ ماجنون" جي وسيلي قائم ڪيو ويو ھيو، جنھن جو پريميئر حاجي زينالعابدين تگيئيف جي ٿيٽر ۾ 12 جنوري، 1908 تي ٿيو. حاجيبايوف ان اوپيرا جو لِبريٽو کي انھيءَ نالي سان فضيولي پاران لکيل نظم جي بنياد تي لکيو ھيو.
“ڪوروگلو”
سنواريو"ڪوريوگلو اوپيرا" جو پهريون ڀيرو پريميئر اپريل 30، 1937ع تي آذربايجان اوپيرا ۽ باليٽ ٿيٽر تي ٿيو. اهو پهريون ڪلاسيڪل اوپيرا آهي، جيڪو آذربائيجان ۾ بھادر مھاڪھاڻي (epic) جي مقصد تي ٻڌل آهي.
هن اوپيرا ۾، حاجيبايوف آرياس، ماس ڪورل منظرن، مختلف لباسن، باليٽ نمبر ۽ ريسيٽاٽوز پيدا ڪيا.
پنھنجي جيون جي ايندڙ سالن ۾، هن سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) "فيروزہ" تي ڪم ڪيو.
ميوزيڪل ڪاميڊي
سنواريو"مڙس ۽ زال"
سنواريوحاجيبايوف جو پهريون موسيقي مزاحيا "مُڙس ۽ زال" آهي، جيڪو ٽن منظرن (سين) تي مشتمل آهي. اهو آذربائيجاني ميوزيڪل ڪاميڊي جو پهريون مثال آهي. ان جو پهريون پريمئر 1910ع ۾ ٿيو هو. ايڇ. سارابسڪي ۽ اي. اگدامسڪي ان ناٽڪ ۾ مارجن ۽ مننات جي ڪردارن ۾ پنهنجي فن جو نماءُ ڪيو. حاجيبايوف پاڻ مزاحيا خاڪو لکيو.
"اهو نہ، ڇڏي ڏي"
سنواريو“O olmasın, bu olsun” "مُڙس ۽ زال" جي اوپيرا کانپوءِ، هن انجو ٻيو اوپيريٽا لکڻ شروع ڪيو. ان جي پهرين پريميئر 1911 ع ۾ باڪو ۾ ميلوز ڀائرن جي ٿيٽر تي ٿيو. ان اوپيرا ۾ "مي نا قودر قوسا اولسم دا" گيت ۽ "اوزنديري" قومي لوڪ ميوزڪ ان اوپيرا ۾ آواز ٻُڌي سگهجي ٿو، جنهن ۾ پوءِ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون.
پوءِ، اهو اوپيرا مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، جيڪو ڪاڪيشين ملڪن ترڪي، بلغاريا ۽ ٻين ملڪن ۾ پيش ڪيو ويو هيو.
"ارشين مل الن"
سنواريوپهرين فيچر فلم "آرشين مل ايلن" ميوزيڪل ڪاميڊي جي بنياد تي هئي جنهن جي شوٽنگ 1916 ۾ ڪئي وئي هئي. اها فلم آواز بنا (خاموش) فلم هئي.
اڳتي ڪجهه تبديلين سان 1945 ۾ "باڪو مووي اسٽوڊيو" ۾ اسڪرين تي ڏيکاري وئي. فلم جو مرڪزي ڪردار راشيد بهبدوف سان تعلق رکندڙ هو.
اها ڪاميڊي ٻيهر 1965 ۾ باڪو ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي. فلم جو هدايتڪار (ڊائريڪٽر) توفيق تگهيزادي هيو ۽ فڪرت اميروف ميوزڪ ريڊيڪٽر طور ڪم ڪيو. اهو ڪيترين ئي ٻولين جهڙوڪ انگريزي، جرمن، چيني، عربي، فارسي، پولش وغيره ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي .
سرڪاري اعزاز
سنواريوحاجيبايوف، اوڀر (orient) ۾ سڀ کان پهريون سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) ۽ اوپيرٽا جو سرجڻھار هيو.[7]
1938ع ۾، کيس سوويت يونين (يو ايس ايس آر) جي پيپلز آرٽسٽ جي لقب سان نوازيو ويو. کيس آرڊر آف لينن ۽ اسٽالن انعام سان پڻ نوازيو ويو، جيڪو ھن ٻہ ڀيرا، پھريون ڀيرو 1941 ۾ اوپيرا ڪوروگلو (1936) جي لاءِ، ٻيو ڀيرو 1946ع ۾ سندس سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) ارشين مل ايلن تي ٻڌل فلم لاءِ ماڻيو.
درشن خانو
سنواريوپڻ ڏسندا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ Matthew O'Brien (2004). Uzeir Hajibeyov and his role in the development of musical life in Azerbaijan. Routledge. p. 211. ISBN 9780415302197. "Leyli and Majnun was not only the first opera by an Azeri composer, but also the Islamic world's first opera"
- ↑ William O. McCagg, Brian D. Silver (1979). Soviet Asian ethnic frontiers.. Pergamon Press. ISBN 978-0-08-024637-6.
- ↑ "Opera | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-11-25.
- ↑ Abasova, L. V. et al. (eds.) (1992) Istoria azerbaijanskoi muziki Maarif, Baku, pp. 85-86, in Russian
- ↑ Naroditskaya, Inna (2000) "Azerbaijanian Female Musicians: Women's Voices Defying and Defining the Culture" Ethnomusicology 44(2): pp. 234-256, p.242
- ↑ "http://azer.com/54.folder/54.leylimajnun.html". www.azer.com. حاصل ڪيل 2019-11-25. External link in
|title=
(مدد) - ↑ Eight of Hajibeyov's librettos of operas and operettas in Azeri Latin and English translation آرڪائيو ڪيا ويا 2007-04-01 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. at HAJIBEYOV.com
خارجي ڳنڍڻا
سنواريووڪيميڊيا العام ۾ Uzeyir Hajibeyov سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- Web-site dedicated to Uzeyir Hajibeyov - HAJIBEYOV.com including librettos, articles by and about Hajibeyov and some audio recordings of his works
- Librettos in English and Azeri Latin of most of Hajibeyov's operas and musical comedies. HAJIBEYOV.com [1].
- Monument of Uzeyir Hajibeyov to be erected
- "Soviet Music and Society Under Lenin and Stalin: The Baton and the Sickle" by Matt O'Brien in Azerbaijan International, Vol. 13:1 (Spring 2005), pp. 80–81.
- "Politically Correct Music: Stalin's Era and the Struggle of Azerbaijani Composers" by Aida Huseinova, in Azerbaijan International, Vol. 14:2 (Summer 2006), pp. 56–65.
- A short section of a stage production of the opera Köroğlu, YouTube: [2] (10 min 55 sec).
The libretto of this part of opera is in Persian. - A short section of Hajibeyov's celebrated social satire Mashadi Ibad: [3] آرڪائيو ڪيا ويا 2010-05-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (9 min 40 sec).
- Political and socio analysis of Mashadi Ibad by Abulfazl Bahadori, in [4], Vol. 6:4 (Winter 1998), pp. 22–23.