ليلي ۽ ماجنون (اوپيرا)

عزير حاجيبايوف پاران لکيل آذربائيجاني سنگيت ناٽڪ

ليلي ۽ مجنون، (انگريزي ٻولي: Leyli and Majnun (opera)) (آذربائيجاني: Leyli və Məcnun) عزير حاجيبايوف پاران لکيل چار ڪردارن (فور ايڪٽس) تي ٻَڌل هڪ آذربائيجاني سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) آهي.

ليلي ۽ مجنون سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) جون پهريون پوسٽر

سرانجامي تاريخ

سنواريو

اهو 1907 ۾ لکيو ويو هيو[1] ۽ پهريون ڀيرو 12 جنوري 1908 ع تي باڪو ۾ تاگهئيف ٿيٽر (ناٽڪ گهر) تي پيش ڪيو ويو هيو. اهو سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) جهان اسلام جو پهريون سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) سمجھيو ويندو آھي.[2][3]

سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) جي پهرئين ادائگي (پرفارمنس) جي اڳواڻي حسين عربلنسڪي ۽ حاجيبايوف پنهنجو پاڻ سارنگي وائلن (رُباب، سُرندو، سِتار) وڄائيندي ڪئي.

عزير حاجيبايوف ۽ سندس ڀاءُ جيهون حاجيبايوف آذربائيجاني (عراقي-ترڪ شاعر، اديب ۽ مفڪر) شاعر محمد فيضولي جي نظم ليلا ۽ مجنون تي ٻڌل سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) لاءِ لبرٽو لکيو هيو، نظم جي گهڻائي ڀاڱن ۾ ڪابہ تبديلي نہ رهي.[4]

ڪردارَ

سنواريو
 
حسينگلو سرابسڪي پهريون مجنون طور
ڪردارَ آواز جو قسم پريميئر ڪاسٽ، 12 جنوري 1908
(پرڌان: – )
گيز (مجنون) tenor گاني واري آوازن ۾ مرداڻو آواز جي (سڀ کان وڏي) اوچي حد حوسينگولو سرابسڪي
ليلي Soprano چار معياري گاني واري آوازن ۾ سڀ کان وڏو عورت جو آواز
گيز جو اَبو (پيءُ) tenor
گيز جي ماءُ soprano
ليلي جو اَبو (پيءُ) ٽينر ۽ باس (ڳؤرو آواز) جي وچ ۾ هڪ بالغ مرد جي ڳائڻ وارو آواز baritone
ليلي جي ماءُ mezzo-soprano
ابن سلام tenor
نافيل baritone
زيد tenor
پهريون عرب tenor
ٻِيو عرب tenor
ميچ ميڪرز، ڍنڍورچي (هرالڊز)، مهمانَ، شاگرد- ڇوڪِرِيون ۽ ڇوڪِرَا.

مختصر خُلاصو

سنواريو

ڏيکُ (سِينُ) 1
ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسڪول کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. سُندر ليلي ۽ جيز هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ لڳندا آهن، هو ٻين بابت وساري پاڻ ۾ شوق سان ڳالهيون ڪندا آهن. پر دوست ليلي جي رويي کي  ڏاڍو غير اخلاقي سمجهندا آهن ۽ تَڪڙ ۾ هن کي پري وٺي ويندا آهن. ليلي کان سواءِ هو نٿو رهي سگهي، تنهنڪري گيز ليلي سان پرڻجڻ لاءِ پهنجي پيءُ کي ايلاز ڪري ٿو.



ڏيکُ (سِينُ) 2
ليلي جا ماءُ پيءُ گيز جو ليلي سان پيار ۽ ليلي جي ساڻس گڏيل محبت جي باري ۾ ٻُڌي وٺندا آهي. ڇوڪريءَ جي ماءُ ڪاوڙ سان مهڻو ڏئي کيس ڌمڪائي ٿي ۽ ليلي سندس ڳالهه کي ڏک ۾ ٻڌندي آهي.هوءَ ان ڳالهه کان انڪار نٿي ڪري ته سندس ڌيءُ گيز کي دنيا جي ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ پسند ڪري ٿي.

ڏُکَ گيز جي ذهن کي تبديل ڪري ورتو. هو جبلن ۽ بيابان (ٿر) جي واريءَ ۾ ليلي بابت سُوچيندو گُهمندو رَمندو وَتندو آهي.

نيٺ ابن سلم ۽ ليلي جي شادي جو ڏينهن اچي ٿو

ڏيکُ (سِينُ) 1

ابن سلم جي گھر ۾ خوشي ناهي. ليلي جُهڪائي (ڊپريشن) سبب ناچاڪ (بيمار) آهي.

ليئليٰ جي دِل اھا جدائي نٿي سَھي (برداشت ڪري) سگھي:

”آئون تيسين خوش آھيان جيسين منھنجو محبوب مونکي ايزاءُ پھچائي ٿو،

جيڪڏھن رڳو ماڻھو ئي مونکي بي وفا نٿا سڏين،
آئون توھان جي جدائي (فراق) کان ھن دنيا ۾ ھڪ ڪاھل (سُست) بڻجي وئي آھيان،
رُڳو توسان گڏجڻ جو آسرو ئي مونکي جيئرو رکيون ويٺو آھي،
نراشائيءَ جي ھن بستري تي مونکي بي وسل (ڪمزور) نہ ڇڏ،
اڙي چنڊَر، مونکي محبوب سان جوڙڻ واري شراب سان شفا بخش“


—Translation from Azeri: Gulnar Aydamirova, [5]

I’m happy as long as my beloved one torments me,

If only people wouldn’t call me unfaithful.
I’ve become an idler in this world of separation from you,
Only the hope of joining with you keeps me alive.
Don’t leave me powerless in this bed of sadness,
Hey moon, heal me with the wine of joining.


هوءَ ابن سلام جي ٻانُهن ۾ مَري وڃي ٿي.

ڏيکُ (سِينُ) 2
مجنون آيو ليلي جي قبرتي.هاڻي، ليلي فيصلو ڪيو ته هوءَ سندَس سان لاڳاپو رکي ٿي، هو سَدائين لاءِ گڏُ رهندا، نِراش ٿيل، مجنون پنهنجي محبوبا جي قبر تي ڪِري پيو ۽ مَري وِيو.

  1. Talibov, Yusif; Sadigov, Ferahim; Guliyev, Sardar (2000). C.Məmmədquluzadə və Ü.Hacıbəyovun pedaqoji fikirləri. 
  2. Leyli & Majnun, آذربائيجان انٽرنيشنل ([اُترادي] سرءُ 2009)
  3. "اَوڀَر ۾ پهريون سنگيت ناٽڪ (اوپيرا): ليلي ۽ مجنون (1908) جي 100 هين ورسي". يونيسڪو. http://www.unesco.kz/publications/clt/Anniversaries_2008-9.pdf. 
  4. "يونيسڪو وٽ آذربائيجان جي مستقل وفد يونيسڪو کي 2008 ۾ درخواست ڪئي تہ يونيسڪو اَوڀَر ۾ پهريون سنگيت ناٽڪ (اوپيرا): "ليلي ۽ مجنون"، جي 100 هين ورسي سان گڏ ڳنڍيو وڃي.". يونيسڪو. http://unesdoc.unesco.org/images/0015/001523/152303e.pdf. 
  5. Libretto - Leyli and Majnun. عزير حاجيبايوف ۽ جيهون حاجيبيلي پاران مگهم اوپيرا پنج ڪردارن ۾ (1908).

سانچو:Layla and Majnun