شاهنواز خان جوڻيجو

شاهنواز خان جوڻيجو (انگريزي ٻولي: Shah Nawaz Khan Junejo) ناميارو سياستدان 1932ع ۾ سنجرخان جوڻيجو جي گھر ۾ جنم ورتو. سِنڌ ۾ فيصلن جي روايتي امين طور سُڃاتو ويو. چاچا شاهنواز جوڻيجو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو.هُو هڪ سياستدان، گهوڙن جو شوقين، راڄوڻي فيصلن جو سرپئنچ به هو. سندس فيصلن جي شروعات ڦوهه جوانيءَ کان ان وقت شروع ٿي جڏهن سندس ڳوٺ ۾ هڪ چوري جي شڪايت وٽس آئي. ان فيصلي بعد هن وٽ راڄن ڀاڳن جا فيصلا ٿيڻ لڳا، هي سنڌ ، بلوچستان ۽ پنجاب تائين فيصلا ڪرڻ ويندو هو.


شاهنواز خان جوڻيجو
شاہںواز خان جُنیجو
پيدائش Shah Nawaz
جنوري 01 1932(1932-01-01)
ڳوٺ سنجرجوڻيجو, ٽنڊوآدم, سنڌ, پاڪستان
وفات جُولاءِ 14, 2005(2005-07-14)
قوميت پاڪستاني
بُڻ بُڻياد سنڌي
مذھب اسلام

تعليم سنواريو

هن پرائمري تعليم پنهجي ڳوٺ سنجر جوڻيجي مان حاصل ڪئي

سياسي سفر سنواريو

شاھنواز جوڻيجي 1962ع ۾ سياست ۾ پير پاتو ۽ پهريون ڀيرو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر بڻيو، سروري جماعت جي اڳواڻ مرحوم مخدوم امين فهيم ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق سان دوستي هجڻ ڪري پ پ پ ۾ شامل ٿيو. هن 1988ع ۾ ٽنڊوآدم_شهدادپور تان قومي اسيمبلي جي سيٽ چونڊ (اليڪشن) وڙهي.

عھدا سنواريو

هن پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز 1962ع کان بي ڊي اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪيو ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويوپوءِ شاهنواز خان جوڻيجو 1988ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽِي جِي ٽڪيٽ تان وزيرِ مملڪت بلديات بڻيو ۽ سينيٽر جي عهدن تائين وڃي پهتو.

جيل ياترائون سنواريو

پهريون ڀيرو ڀٽو دؤر ۾ 1975ع ۾ ڊي پي آر تحت کيس جيل موڪليو ويو. 1977ع تائين 2 سال جيل ۾ رهيو. جڏهن ضياءُالحق شهيد ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو هو ۽ شهيد ڀٽو خلاف هن مشهور حُر ڪيس کوليو هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڀٽو صاحب مٿان شاهدي لاءِ چيو هو پر هن کيس ٺپ جواب ڏنو هو، جنهن ڪري سزا طور کيس جيل ڀوڳڻو پيو. 1981ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي دؤر ۾ جهاز هائي جيڪ ڪيس ۾ هڪ سال جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به هن ڏيڍ سال جيل ڪاٽيو. جيتوڻيڪ ڄام صادق علي سندس ننڍپڻ جو دوست هو ، ان شاهنواز جوڻيجو کي پ پ ڇڏي ساڻس گڏجي هلڻ جو چيو ۽ انڪار تي ايم ڪيو ايم ڪارڪن قتل ڪيس ۾ کيس ڏيڍ سال جيل ۾ بند ڪيو.

فيصلا سنواريو

سندس ڪيل فيصلن مان ڪجهه اهم فيصلا جن ۾ جتوئي مهر تڪرار، اڄڻ ڪليري تڪرار، مارفاڻي بروهي تڪرار يا مهر چاچڙ تڪرار جنهن ۾ هن 100-100 خونن جا فيصلا ڪري نه صرف ڌرين کي کير کنڊ ڪيو پر وڌيڪ جانين کي ضايع ٿيڻ کان پڻ بچايو

شوق سنواريو

شاھنوازخان جوڻيجو فيصلن، گھوڙي سواري، کري سياستدان ۽ جيل ياترائن سوڌو ثقافتي شوقن جي ڪري سنڌ توڙي ملڪ ۾ مشهور هو.

وفات سنواريو

شاھنواز خان جوڻيجو 14 جولاءِ 2005ع تي خطرناڪ بيماري جي ڪري سنگاپور جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[1]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. www.dawn.com/news/147913/shah-nawaz-junejo-passes-away