چاچڙ(انگريزي: Chachar) ذات يا قبيلو، راءِ چاچڙ، ڄام چيوڙ خان پٽ راءِ وينون خان جي نسل مان آهي. هن ذات وارا سنڌونديءَ جي ڪناري سان سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ آباد آهن. مالوند، زراعت ۽ زمينداري ڪرت سان لاڳاپيل هن قبيلي جي اڪثريت ڪچي توڙي شهرن جي رهاڪو آهي. ‘Encyclopedia of Tribes and Castes’ موجب چاچڙ، سيلرو، سڀاڳو ۽ سوسار عمرڪوٽ جي راجا، ڀنگا راءِ جا قيدي هئا. ڊاڪٽر لعل بخش نائچ ۽ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ جي تحقيق موجب راءِ چيوڙ جي اولاد مان چاچڙ سان گڏ ٻيا ڀائر قبيلا: ڌاريجا، سيلرا، سڊ، لڍڙ، سرڙ، سٻايا، سڌايا ۽ گهليجا وغيره ٿيا.

چاچڙ جو اولاد سنواريو

(1) ڇُٽا خان مان ڇُٽا پاڙو (جنهن تي سرداري پڳ آهي)،
(2) جـوڳاڻـنـد خـان مان جوڳاڻي پاڙو،
(3) نارنگ خان مان نارنگاڻي پاڙو،
(4) جوڻي خان مان جاڻيجا پاڙو،
(5) ڌيءُ- راڄ ٻائيءَ مان راڄ ڏيهي پاڙو ٿيو.
ايس. صادق عليءَ جي ڪتاب ‘The Races found in Sindh, Balochistan and Afghanistan’ ۾ چاچڙ قبيلي جون هيٺيون شاخون ڄاڻايل آهن:
راڄ ڏيهي، موريا، جاڻيجا، جڳند، جوڳياڻي، ڇُٽا، ڪچا، ڪارڙا، اعواڻ، مغل، جوڳياڻي، جهپلا، بَليلاڻي، سڀاڳا، لُش، نورنگ، نارنگاڻي، روهيلا، متاڻي، گُلا، ڳاڙهيجا، سِيٽاري، ڊگهڙيجا ۽ باداڻي وغيره. چاچڙ ذات جا ماڻهو سکر، گهوٽڪي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ضلعن ۾ اڪثريت سان آباد آهن، سندن ڪجهه تعداد نوابشاهه، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ به رهي ٿو، جڏهن ته پنجاب ۾ ملتان، خوشاب، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، سرگوڌا ۽ ساهيوال ۾ به چاچڙ رهن ٿا، جن مان ڪي ’راڻا‘ سڏائين ٿا. ان کان سواءِ ڪوٽ مٺڻ وٽ چاچڙان شريف ضلعي راڄڻپور ۾ به چاچڙ اڪثريت سان رهن ٿا. سرائيڪي علائقي ۾ رهندڙ چاچڙ برادري سرائيڪي ڳالهائي ٿي.

نامور شخصيتون سنواريو

ٻارهين صدي هجريءَ جو نامور محدث ۽ عالم شيخ محمد حيات سنڌي به چاچڙ هو، جنهن جي اولاد مان مولانا عبدالقادر المُلا تازو وفات ڪئي آهي. قبيلي جو چيف سردار پهريان سردار علي مردان خان هو، سندس وفات کان پوءِ هاڻي هن قبيلي جو سردار سندس فرزند حاجي خان چاچڙ آهي، جيڪو ٻه ڀيرا صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ ھڪ دفعو صوبائي صلاحڪار پڻ رهي چڪو آهي. مشھور عالم ۽ اديب علامه مفتي عبدالوھاب چاچڙ، گهوٽڪي ضلعي جو مشهور سماجي اڳواڻ حاجي شاهنواز خان چاچڙ؛ تعليمدانن ۾ غلام محمد چاچڙ، عـبدالحـليـم چـاچـڙ، شهـزادو خـان چاچڙ؛ محقق ڄاموٽ حاجي خان سنڌي؛ اڳوڻو ڊي. آءِ. جي عبدالله خان؛ آءِ. ٽي جو ماهر جاويد احمد چاچڙ ؛ نور احمد چاچڙ (ڊپٽي ايڊ منسٽريٽر زڪوات سنڌ); فارين سروسز ۾ 'محمد عثمان چاچڙ'، فھيم احمد چاچڙ (اسسٽنٽ ڪمشنر) ;سياسي سماجي اڳواڻ پپو خان چاچڙ، نديم احمد ايڊووڪيٽ؛ ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ سکر علي مراد چاچڙ کان سواءِ ڪجهه نوجوان اديب به هن ذات سان واسطو رکن ٿا.

رسالي ’شريعت‘ جو ايڊيٽر، سنڌ جو قومپرست عالم، مڃيل مڃايل فقيه، محقق، اديب، مفتي اعظم مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ، سندن والد مولانا عبدالقادر چاچڙ، سندن ڏاڏو علامه نور محمد ڪنڊوي رح، مفتي صاحب جو چاچو پنهنجي علائقي جو معزز ۽ مشھور حڪيم ۽ تپيدار مولوي محمد يوسف چاچڙ ۽ سندن سوٽ رئيس نور محمد چاچڙ(ممبر ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي) نامور نالا آهن. علامه مفتي عبدالوهاب جي فرزند ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ کي نه صرف چاچڙ خاندان ۾ پهرين پي ايڇ ڊي هجڻ جو اعزاز آهي بلڪه پاڻ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪي ۽ ڊگري ڪاليج عادلپور ۾ بطور پرنسپال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.ھن وقت ھو ريجنل ڊاريڪٽر ڪاليجز سکر آھن.

[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012