سيد بلاول شاھ نوراني

بلوچستان جو ھڪ صوفي بزرگ

سيد بلاول شاھ نوراني (انگريزي ٻولي: Syed Bilawal Shah Noorani) ولي الله ٿي گذريا آهن.نوراني بابا المعروف سيد بلاول شاھ ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيا؟ بلوچستان جي هن علائقي ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿان هجرت ڪري اچي سڪونت اختيار ڪيائون ان باري ۾ مستند تاريخ خاموش آهي. البت ڪجهه محققن ڄاڻايو آهي ته بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي جي 1907ع واري گزيٽ ۾ بلاول شاھ نوراني جو ذڪر ملي ٿو ته پاڻ 1495ع ۾ سنڌ کان سفر ڪري هن ماڳ تي آيو ۽ گوڪل نالي ديو جي باغ ۾ قيام پذير ٿيا. 1767ع ۾ لکيل تحفته الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته شاھ بلاول نوراني پنهنجي علائقي جا محذوب شخص هئا ۽ انهيءَ جنون جي پيش نظر علائقي جي ماڻهن ۾ سندس پذيرائي وڌڻ لڳي. ۽ ماڻهو وٽس مرادون کڻي اچڻ لڳا. نئيگ شريف جي جيلاني خاندان وٽ روايت آهي ته شاه بلاول نوراني جو تعلق نئيگ شريف جي جلاني خاندان سان آهي. زيدي بلوچستان ۾ سندن پڙ ڏاڏي پير سيد ڪمال شاھ جيلاني ۽ شاھ بلاول نوراني پاڻ ۾ ڀائر هئا. شاهه بلاول نوراني زيديءَ مان سفر ڪري اول سنڌ جي علائقي نئيگ شريف ۾ آيا جتان سفر ڪري لاهوت واري علائقي ۾ رهائش پذير ٿيا. نئيگ جي جيلاني خاندان جو درگاھ شاھ بلاول جي گادي نشيني ۾ به حصو آهي ته ان علائقي ۾ سندن پيري مريدي پڻ آهي. [1]

سيد بلاول شاھ نوراني

سيد بلاول شاھ نورانيءَ جي مزار
مذھب اسلام
سلسلو علي ابن ابو طالب
ٻيو نالو نوراني بابا،شاھ نوراني
ذاتي وضاحت
جنم نا معلوم
موت 10 رمضانبلوچستان، پاڪستان
آخري آرامگاهه خضدار ضلعو،تعلقو وڍ،بلوچستان
وڌيڪ ڄاڻ
شهر خضدار،بلوچستان، موجودہ پاڪستان
خطاب نوراني (علي جو نور)، سخي
جانشین مختلف

حسب نسب سنواريو

سيد بلاول شاھ نوراني سيد گهراڻي جو چشم چراغ هئا. سنڌ جي نئيگ شريف جو جيلاني خاندان پنهنجي حسب نسب ۾ سيد بلاول شاھ نوراني جو به ذڪر ڪري ٿو.

مزار سنواريو

 
سيد بلاول شاھ نورانيءَ جي مزار جو ٻاهريون نظارو

سيد بلاول شاهه نوراني المعروف سيد بلاول شاھ يا بابا نوراني جي درگاهه بلوچستان جي ضلع خضدار جي تعلقي وڍ ۾ پٻ جبل جي جابلو سلسلي جي خوبصورت وادي ۾ نئي جي ڪپ تي هڪ اوچي ٽڪريءَ تي واقع آهي جنهن کي چوڦير جبل ۽ وڻڪاري گهيريل آهي. هيءُ مزار عمارت سازيءَ جو اعلى مثال آهي. مزار ڏانهن رستو محبت فقير جي درگاھ کان نڪري ٿو جيڪو نئي جي ڪناري سان وڃي ٿو ۽ مزار وٽ نئي پار ڪرڻ لاءِ پل به تعمير ٿيل آهي.. رستي ۾ هڪ ٽڪريءَ تي رحيم شاھ نالي بزرگ جي مزار پڻ اچي ٿي.هن وقت سواري لاءِ ڪيڪڙا به هلن ٿا. ماڻهو پيادل به وڃن ٿا ته ڪي پنهنجين سوارين ۾ مزار تائين پهچن ٿا. نئي ۾قدرتي چشمن جو پاڻي دائمي وهندو رهي ٿو. جنهنڪري نئي اندر ٻين ميون جي وڻن جي ڀيٽ ۾ کجيءَ جي وڻن جي گهڻائي آهي. مزار سان گڏ مسجد ۽ قبرستان پڻ آهي. شاھ نوراني ويجهو مائي جو ڳوٺ نالي بستي آهي جتان روزانو وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچن ٿا ۽ حاضري ڀرن ٿا. هونئن به شاھ نوراني تي زيارتين جي پِيهه هوندي آهي.

محبت فقير سنواريو

 
محبت فقير جي مزار

محبت فقير جي درگاھ مٿانهين ٽڪري تي آهي جنهن ڀرسان اولهه پاسي قديم مسجد پڻ آهي. روايت آهي ته شاھ نوراني جي زيارت کان اڳ محبت فقير جي حاضري لازمي هوندي آهي. محبت فقير جي زيارت کان سواءِ نوراني بابا جي به ڄڻ زيارت قبول نه ٿي پوي.. محبت فقير سيد بلاول شاھ نوراني جي قريبي خدمت گذارن منجهان هو. پنهنجي عمر شاھ نوراني جي خدمت ۾ گذاريائين.

قدم گاھ مبارڪ سنواريو

 
قدم گاھ مبارڪ واري درگاھ

قدم گاھ مبارڪ متبرڪ جاءِ آهي جتي حضرت علي ڪرم الله وجه جا قدم مبار جا نشان رکيل آهن. قدم گاھ به مزار نما جوڙيل آهي جيڪا نهايت سينگاريل آهي. روايت آهي ته گوڪل ديو ڪنهن ڇوڪري ڪي کڻي پاڻ وٽ قيد ڪيو. ان ڳالهه جو علم حضرت علي عليه السلام کي پيو جنهن اچي انهيءَ قدم گاھ واري جاءِ تي بيهي گوڪل ديو تي تير وسائي کيس زخمي ڪيو ۽ ڇوڪري کي ڇڏايو ۽ اتي سندس قدم مبارڪن جا نشان ٺهي ويا.

گوڪل ديو ۽ شاھ نوراني سنواريو

گوڪل ديو جي ظلمن کان ماڻهو تنگ هُئا. انهن ماڻهن الله کان پناهه لاءِ دعا گُهري ته شاهه بلاول نُورانيءَ جي رُوپ ۾ هڪ نوراني چهري واري بزرگ شخصيت آئي ۽ گوڪل ديو سان مقابلو ڪري ان کي شڪست ڏئي، ديو کي قيد ڪري ماڻهن کي ان جي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏياريو. اُن مقابلي جا نشان اڄ به انهن پهاڙن ۾ موجود آهن. ديو کي قيد ڪرڻ کان پوءِ ان کي باغ ۽ ان جي آس پاس پاڻي پهچائڻ لاءِ پابند ڪري ڇڏيائين. صدين کان ان جبل مان پاڻي وهندو رهي ٿو ۽ پرين جو اهو باغ سيراب ٿيندو رهي ٿو. رويت موجب شاهه بلاول نُوراني کان اڳ لاهُوت گوڪل ۽ ٻين ديون، جنن ۽ ڀُوتن جو آستان هو. شاهه بلاول پنهنجي علم، رُوحاني قوت ۽ ڪرامتن وسيلي انهن ديون ۽ جنن کي ڀڄائي، ماري مڃائي قيد ڪري لاهُوت کي پنهنجي مستقل رهائش بڻايو. پنهنجي رُوحاني قوت ۽ ڪرامتُن سان لاهُوت ۾ پاڻي جا چشما وهايائين. هوريان هوريان ماڻهو سندس شخصيت، ڪرامتن ۽ غير معمولي عملن سبب مطيع ٿيڻ لڳا ۽ پهاڙن ۾ جيئي شاهه جبل ۾ شاهه، نُوراني نُور هر بلا دُور جا نعرا گُونجڻ لڳا

لاهوت لا مڪان ۽ رستا سنواريو

 
لاهوت لامڪان واري غار

لاهوت هڪ آبشار نما نهايت اوچي جبل تي غار وانگر جڳهه آهي.لاهُوت قديم زماني کان جوڳين سنياسين ۽ بزرگن جي چله ڪشي ۽ زيارت گاهه وارو آستان رهيو آهي. لاهوت واري ماڳ تي رسڻ نهايت مشڪل ۽ اوکو ڪم آهي، جبل کي اُڀيون چاڙهيون آهن. ڪٿ ته لوهي ڏاڪڻون به لڳل آهن. لاهوت لا مڪان، شاھ نوراني جي مزار جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. اتي لاهوت واري غار تي رسڻ لاءِ ٻه رستا آهن. هڪ اتر کان ۽ ٻيو ڏکڻ کان وڃي ٿو. اتي اڄ به پاڻي ٿڻن نما جبلن مان هيٺ ڪرندو رهي ٿو. جنهن لاءِ روايت آهي ته اڳ اهو کير هو پر هاڻ پاڻي ٿي ويو آهي. لاهوت لا مڪان ۽ سيد بلاول شاهه نوراني جي علائقي ڏانهن ٻين علائقن کان رستا نڪرن ٿا. هڪ سيوهڻ شريف کان نئيگ شريف، نغاول کان اچي ٿو. ٻيو ڪراچي ناردرن باءِ پاس کان حب شاح نوراني وڃي ٿو ٽيون رستو ڪرچات کان به لاهوت لامڪان لاءِ نڪري ٿو. چوٿون رستو جوهي کان ٽنڊو رحيم خان. لوهيءَ ۽ دريجي کان ٿيندو لاهوت وڃي ٿو.[2]

سجدي گاھ سنواريو

 
لاهوت لامڪان وٽ سجدي گاھ

چون ٿا ته ڪائنات ۾ پهريون ماڳ لاهوت لامڪان جو جوڙيو ويو. ڪن روايتن ۾ آهي ته حضرت آدم کي هت ئي لاٿو ويو هو جنهن بارگاھ الاهيءَ ۾ سجدو ڪيو. انهيءَ سجدي واري جاءِ تي سجدي گاهه جوڙيل آهي جنهن کي حضرت آدم جي مسجد به چيو وڃي ٿو. هيءُ سجدي گاھ لاهوت واري غار جي رستي ۾ آهي.

ساليانو عرس سنواريو

 
سيد بلاول شاھ نورانيءُ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي زائرين

سيد بلاول شاھ نوراني جي عرس جي موقعي تي سڄي ملڪ منجهان ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. عرس هرسال 10 رمضان تي منعقد ٿيندو آهي ۽3 ڏينهن جاري رهندو آهي. هر مذهب جا عقيدتمند شريڪ ٿيندا آهن. ميلي ۾ بازارون به لڳنديون آهن. هر طرف جيئي شاھ جبل ۾ شاھ جا نعرا گونجندا آهن.

درگاھ نوراني ۾ بم ڌماڪو سنواريو

شاھ نوراني جي درگاهه ۾ ڌماڪو ڪيو ويو. ڪافي جانيون ضايع ٿيون. معجزانه طور شاهه نوراني جي مزار ۾ ڌماڪي واري جاءِ تي ڪو کڏو نه پيو. وڻ ٽڻ به سلامت رهيا.

حوالا سنواريو