يو سي سوڪ سينٽر (انگريزي: UC Civic Center ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي گلشن اقبال سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اوڀر ۾ پي اي ايف فيصل ڪينٽونمينٽ ۽ اتر ۾ گلشنِ اقبال، ۽ اولھ ۾ عيسا نگري ۽ ڏکڻ ۾ پي اي سي ايڇ ايس ون واقع آهي. ھن يو سي جي علائقن م بلاڪ 14، الھلال ڪو آپريٽو سوسائٽي، چاندني، شرف آباد، بھادر آباد، ڪڇي ميمڻ ، سي پي ۽ بيرار سوسائٽي ۽ مقبول عام وارا علائقا شامل آهن. 2013 کان اڳ ان جو درجو گلشن ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 13 ھيو. 2013 ۾ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي سيد محمد شعيب چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي سرور حسين چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1] ھن يو سي جو نالو سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسن جي ھڪ مشھور عمارت سوڪ سينٽر جي ڪري پيو ڇوته ان بلڊنگ جي جي پسگردائيءَ وارو علائقو ھن يو سي ۾ شامل آھي. حسن اسڪوائر جي ڀرسان يونيورسٽي روڊ تي اھا عمارت گلشن اقبال جو اھم مقام آهي جتي گاڏين جي رجسٽريشن واري مرڪزي آفيس پڻ واقع آهي. ان يونين ڪائونسل جي چوڌاري عيسا نگري، آغا خان ھاسپيٽل ۽ ٻيا علائقا واقع آهن. ھن يو سي م آغا خان يونيورسٽي، خاتون پاڪستان ڊگري ڪاليج، ھوم ايڪانامڪس ڪاليج، خاتون پاڪستان فاطمه جناح اسڪول ۽ ڪاليج، آغا خان يونيورسٽي ھاسپيٽل، لياقت نيشنل اسپتال، ميڊيڪيئر ڪارڊيائڪ اينڊ جنرل ھاسپيٽل، يونيورسٽي روڊ، اسٽيڊيم روڊ، شھيد ملت روڊ، چار مينار چورنگي بھادر آباد، عالمگير روڊ، نئشنل اسٽيڊيم ، آغا خان يونيورسٽي ھاسپيٽل اسپورٽس ڪامپليڪس، لياقت نيشنل اسپتال وارو ڪرڪيٽ گرائونڊ، روشني پارڪ، ڪوڪان فيملي پارڪ، پير پاڳاري وارو ڪنگري هائوس، بھادر آباد ٿاڻو، پي ٽي وي ڪراچي سينٽر واقع آھن.

سوڪ سينٽر
يو سي 18 سوڪ سينٽر
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
يو سي سوڪ سينٽر جو فضائي منظر جنھن ۾ آغا خان يونيورسٽي ۽ اسپتال نظر اچي رھي آھي
يو سي سوڪ سينٽر جو فضائي منظر جنھن ۾ آغا خان يونيورسٽي ۽ اسپتال نظر اچي رھي آھي
سوڪ سينٽر is located in سنڌ
سوڪ سينٽر
سوڪ سينٽر
سوڪ سينٽر is located in Pakistan
سوڪ سينٽر
سوڪ سينٽر
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°53′46″N 67°04′14″E / 24.89611°N 67.07056°E / 24.89611; 67.07056مڪانيت: 24°53′46″N 67°04′14″E / 24.89611°N 67.07056°E / 24.89611; 67.07056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو گلشن اقبال سب ڊويزن

حوالا سنواريو