سنڌي ٻولي قومي ٻولي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي هڪ تحريڪ جو نالو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي آئين ۾ رهندي سنڌي ٻولي کي پاڪستان جي سرڪاري (قومي) ٻولي بڻائڻ آهي.[1] هن تحريڪ کي شروع ڪندڙ سنڌ جو ساڃاهه وندر طبقو آهي،[2] هن هلچل جي شروعات گهڻو اڳ ٿي هُئي، پر ويجهر ۾ ڪجهه سالن کان ان هلچل ۾ ڪڏهن تيزي سان اُڀار آيو آهي ته ڪڏهن ماٺ رهي آهي.

تاريخي پسمنظر سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌي ٻولي بل 1972

سنڌ ۾ عربن جي ڪاهه کان اڳ سنڌي ٻولي ۾ تعليم ۽ اڀياس ڏنو ويندو هيو.[3] سنڌ جي حڪمراني ڪندڙ مختلف ڌارين توڙي مقامي حڪمرانن جي دور م سنڌي ٻولي کي ڪڏهن سرڪاري حيثيت ملي ته ڪڏهن انکي نظرانداز ڪيو ويو. سنڌي ٻولي بل 1972 ، سنڌ جي وڏي وزير ممتاز ڀٽو طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ 3 جُولاءِ 1972ع تي پيش ڪيو ويو.[4]


1970ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر ٻوليءَ وارا وڳوڙ ٿيڻ کانپوءِ، 3 جولاءِ 1972ع تي ”دي سنڌي ٽيچنگ، پروموشن اينڊ يُوز آف سنڌي لينگوئيج بل“ 1972ع ۾ پيش ڪيو ويو. ان بل کي سنڌ اسيمبليءَ 7 جولاءِ 1972ع تي 62 مان 50 ميمبرن جي ووٽن سان پاس ڪيو ۽ ان بل تي گورنرسنڌ پاران 16 جولاءِ تي صحيح ڪري ان کي ايڪٽ جو درجو ڏنو.[5]

سوشل ميڊيا تي هلچل سنواريو

16 مارچ 2018ع تي جڏهن سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ موجود ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي ڊاڪٽر فهيم عامر پاران ڊاڪٽرياڻي رابعه بيبي کي مريضن سان سنڌي ڳالهائڻ تي شوڪاز نوٽيس ڏئي، يونيورسٽي ۽ اسپتال ۾ سنڌي ٻولي تي پابندي هئين وئي. سنڌ صوبي جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه سميت اعليٰ اختيارن ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي نوٽيس پڻ ورتو، ان ڏينهن ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪري مذمتي قرارداتون پيش ڪيون ويون. [6]

انهن احتجاجن هڪ عظيم نعري سنڌي ٻولي قومي ٻولي کي جنم ڏنو. چند نوجوانن ان کي هيش ٽيگ "SindhiBoliQomiBoli#" جي صورت ڏني جيڪو ڏسندي ڏسندي ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، 24 ڪلاڪن اندر 6000 کان وڌيڪ ٽوئيٽس جي مدد سان اهو ترينڊ 17 مارچ 2018 کان 18 مارچ 2018 تائين ٽوئيٽر پاڪستان جي ٽاپ ٽين ٽرينڊس جو حصو رهيو، اهو ٽوئيٽر جي تاريخ ۾ پهريون سنڌي ٽرينڊ هو. [7]

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مظاهرين مطالبو ڪيو تو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازئي قرار ڏنو وڃي. [8]

جاڳرتا مهمون سنواريو

سنڌ ۾ مختلف تنظيمن جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ جي لاءِ مختلف وقتن تي جاڳرتا مهم، ريليون، گڏجاڻيون ۽ سيمينار ڪيا ويا.[9][10][11]

سنڌي سياستدانن پاران ڪوششون سنواريو

سنڌ سان واسطو رکندڙ مختلف پارٽين جي سياسي اڳواڻن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ مختلف وقتن تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بل پيش ڪيا ويا،[12] جيڪي مختلف وقتن تي مختلف سبب ڄاڻائي رد ڪيا ويا.

پاڪستان ۾ قومي ٻولين جو تضاد سنواريو

پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ مختلف قومون آباد آهن، جن ۾ چار اهم وڏيون قومون جهڙوڪ سنڌي، پنجابي، پشتون ۽ بلوچ رهن ٿيون.

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/70332. حاصل ڪيل 2020-11-20.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-11-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-11-20 
  3. "سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي دَور ۾ حيثيت : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-11-20. 
  4. "1972 riots: Was it a language issue?". هيرالڊ (پاڪستان). 23 September 2015. http://herald.dawn.com/news/1153263. Retrieved 14 February 2016. 
  5. ايڊيٽر. "سنڌي، قومي ٻولي ڪڏهن بڻجندي؟". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-11-20. 
  6. ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان روڪڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج:يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌرڻو
  7. https://www.tweet247.net/pakistan/sindhiboliqomiboli
  8. سنڌي ٻوليءَ سان تعصب رکندڙ فهيم عامر ۽ افضل قاسم خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: اياز لطيف پليجو
  9. "ساس پاران 10 فيبروري کان سنڌي ٻولي، قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلائڻ جو اعلان". حاصل ڪيل 2020-11-20. 
  10. www.sindhiadabisangatsindh.com http://www.sindhiadabisangatsindh.com/sbqbmohim.htm. حاصل ڪيل 2020-11-20.  Missing or empty |title= (مدد)
  11. "“سنڌيءَ کي قومي ٻولي بڻايو” اديب رستن تي، زبانن سان ٻه اکيائي زيادتي قرار". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-11-20. 
  12. Azad, Asghar. "سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو بل منظور". سنڌسماءَچار. حاصل ڪيل 2020-11-20. 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو